Profile # 133 Jahangeer Ali Dawachh (OT - GBHS Kotri) جھانگير علي ڏاوڇ
محترم جناب سائين جھانگير علي ڏاوڇ صاحب جو جنم 2 فيبروري 1993ع تي ضلعو دادو جي ڳوٺ شير محمد خان ڏاوڇ ، تعلقو دادو ۾ ٿيو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول شير محمد خان ڏاوڇ مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ بوائز ھائر سيڪنڊري اسڪول ڦلجي مان انٽر تائين تعليم حاصل ڪئي ـ استاد بخاري گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ، دادو مان بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ ايليمينٽري ڪاليج ، حيدرآباد مان او ٽي سي ۽ شھادت عالميه جا ڪورس ڪيا ـ
سائين جن کي تعليم کاتي ۾ 4 آڪٽوبر 2012ع تي او ٽي جو آرڊر مليو ـ سندن اپائنٽمنٽ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ڪوٽڙي ۾ ٿي ـ سائين جن اسلاميات ۽ عربي جا مضمون پڙھايا آهن ـ
سائين جن استادن جي تنظيم گسٽا سنڌ ۾ ضلعو ڄامشورو جا فوڪل پرسن رھيا آهن ـ ان کان علاوھ ڳوٺ سڌار سنگت جا پڻ سرگرم ڪارڪن رھيا آهن ـ
سائين جن جا بھترين استاد سائين محمد يوسف ڏاوڇ ، سائين شفيع محمد ڏاوڇ ، سائين احمد خان چانڊيو ، سائين عزيز احمد سيال ۽ سائين آفتاب پنھور آهن ـ سندن زمينداري جو تجربو آهي ۽ فارغ وقت ۾ پنهنجي ٻني جو ڪم ڪار ۽ سار سنڀال لھندا آهن ـ
سائين جن جو والد گل محمد ڏاوڇ پوليس کاتي ۾ ايڇ سي رھيو آهي ـ سندن چاچو رئيس غلام حسين ڏاوڇ صاحب ڏاوڇ برادري جو چڱو مڙس رھيو آهي ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ ٽيون نمبر آهن ـ سندن ھڪ ڀاء شاھجھان ڏاوڇ پوليس کاتي ۾ ايڇ سي آهي ـ سندن کوڙ سارا مائٽ مختلف کاتن ۾ ملازمت ڪري رھيا آهن جن مان تعليم کاتي ۾ حاجي الطاف حسين ڏاوڇ (صدر گسٽا ضلعو ڄامشورو) ، نياز حسين ڏاوڇ (ھيڊ ماستر گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ڪوٽڙي) ۽ امداد حسين ڏاوڇ (سپرنٽينڊنٽ پرائمري ضلعو دادو) سر فھرست آهن ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو "تعليم کانسواء ٻيو ڪجھ ناھي ـ تعليم حاصل ڪريو ڇو ته تعليم جھڙو ٻيو ڪو زيور ڪونھي -"
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ
.png)
Comments
Post a Comment