Profile # 137 Khalid Ahmed Narai (PST - GBHSII Kotri) خالد احمد نارائي


محترم جناب سائين خالد احمد نارائي صاحب جو جنم 8 فيبروري 1985ع تي ضلعو نوشھرو فيروز جي ڳوٺ ٺارو شاھ ، تعلقو ڀريا سٽي ۾ ٿيو ـ سائين جن اسٽرانگ بيس ھاء اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ ڊاڪٽر اين اي بلوچ ماڊل اسڪول ، حيدرآباد مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان جيولوجي ۾ ماسٽرس ۽ بي ايڊ جي پروفيشنل ڊگري حاصل ڪئي ـ

سائين جن پنھنجي ڪيريئر جي شروعات مختلف اين جي اوز جي پروجيڪٽس ۾ ڪم ڪرڻ سان ڪئي ـ

• ٽي آر ڊي پي ۾ بطور ٽيم ليڊر آف نيوٽريشن ۽ ھائيجين ايجوڪيشن ٿاڻو بولا خان ۾ ڪم ڪيو ـ

• اين آر ايس پي ۾ بطور مانيٽرنگ آفيسر بي آء ايس پي سروي نوابشاھ ۾ ڪم ڪيو ـ

• ايف ڊبليو او ۾ بطور مٽيريل انجنيئر پنجگور بلوچستان ۾ ڪم ڪيو ـ

• ايڪٽيڊ انٽرنيشنل جي ھڪ پروجيڪٽ ۾ واٽر ڪوالٽي اينالسٽ طور ۽ ٻئي پروجيڪٽ ۾ ٽيم ليڊر طور عمرڪوٽ ۽ ميرپور خاص ۾ ڪم ڪيو ـ

• اي سي آء ايل انجنيئرنگ ڪنسلٽنٽ طور آر بي او ڊي پروجيڪٽ ۾ ڪم ڪيو ـ

• پاور سيمنٽ لميٽيڊ نوري آباد ۾ بطور اسسٽنٽ مينيجر مائننگ ڊپارٽمنٽ ۾ ڪم ڪيو ـ

اين جي اوز ۾ مختلف تربيتون پڻ حاصل ڪيون ۽ او جي ڊي سي ايل اسلام آباد ۾ انٽرنشپ پڻ ڪئي ـ سائين جن تعليم کاتي ۾ آء بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ سندن 3 ڊسمبر 2022ع تي پي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سندن تقرري گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول اشاعت الاسلام ڪوٽڙي ۾ ٿي ـ سائين جن انگريزي ۽ رياضي جا مضمون پڙھايا آهن ۽ ڏھين ڪلاس جا ڪلاس ٽيچر رھيا آهن ـ

سائين جن جيولوجي اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن جا سرگرم ڪارڪن رھيا آهن ـ شاگردي واري زماني ۾ تقريري مقابلن ۽ ٽيبلوز ۾ کوڙ سارا سرٽيفڪيٽ ماڻيا آهن ـ سائين جن مالي تنگي ھوندي به پنهنجي خاندان کي سپورٽ ڪيو ۽ تعليم به حاصل ڪندا رھيا ـ مئٽرڪ کانپوء گھر جي ذميواري کنئي ۽ زندگي جي لاھن چاڙھن ۾ به تعليم حاصل ڪرڻ جي جستجو ۾ لڳا رھيا ـ

سائين جن جي پسنديدھ شخصيت حضرت محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَسَلَّم آهي ـ سندن بھترين استادن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر امداد علي بروھي ، ڊاڪٽر سرفراز سولنگي ۽ سيدھ سڪينه شاھ آهن ـ سائين جن شام جو ٽيوشن پڙھائيندا آهن ـ

سائين جن جو والد محمد صديق نارائي آبپاشي کاتي ۾ داروغو ھو ـ سندن ڏاڏيء جو مامو محمد حسن نارائي آبپاشي کاتي ۾ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر طور 90ع جي ڏھاڪي ۾ ريٽائرڊ ٿيو ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ سڀ کان وڏا آهن ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو "پينگھي کان قبر تائين علم پرايو ـ زندگي جي ڪنهن به موڙ تي علم حاصل ڪرڻ کان نه ڪيٻايو ـ وقت قيمتي آهي جيڪو به وقت ملي اھو علم حاصل ڪرڻ ۾ لڳايو ڇو ته ڪتاب بھترين دوست آهن ـ ڏکڻ ايشيا ۾ جڏھن مسلمانن جو زوال ھو تڏھن مسلمان يورپ ۽ چين تعليم حاصل ڪرڻ ويندا ھئا ـ اڄ تعليم لاء فاصلا ختم ٿي ويا آهن ان ڪري تعليم ڏانهن خاص ڌيان ڏيو ـ اڄ جي شاگردن کي اي آء ۽ آن لائن ارننگ به سکڻ گھرجي -"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل