Profile # 142 Niaz Hussain G Dawachh (HM - GBHS Kotri) نياز حسين جي ڏاوڇ
محترم جناب سائين نياز حسين ڏاوڇ صاحب جو جنم 16 نومبر 1972ع تي ضلعو دادو جي ڳوٺ محمد پريل ڏاوڇ لڳ موندر ، تعلقو دادو ۾ ٿيو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول موندر مان پرائمري جي تعليم پرائي ـ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول طالب الموليٰ ، دادو مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ، جوھي مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان گريجوئيشن ۽ اسلامڪ ڪلچر ۾ ماسٽرس جي تعليم حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ پير الاھي بخش لا ڪاليج ، دادو مان ايل ايل بي جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ شھباز ايليمينٽري ڪاليج ، دادو مان پي ٽي سي ۽ سي ٽي کان علاوھ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان بي ايڊ ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ، ٽنڊو ڄام مان ايم ايڊ جي پروفيشنل ڊگري حاصل ڪئي ـ
سائين جن کي تعليم کاتي ۾ 17 نومبر 1990ع تي پي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سندن تقرري گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول مکڻو خان شاھاڻي ۾ ٿي ـ سندن 31 مئي 2000ع تي ايڇ ايس ٽي ۾ ترقي ملي ـ سائين جن اسڪولن ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون تن ۾ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول فريد آباد ، گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول موندر ، گورنمنٽ بوائز پائليٽ ھاء اسڪول دادو ، گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول انڙپور ۽ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ڪوٽڙي شامل آهن ـ سندن 18 فيبروري 2023ع تي ھيڊ ماستر طور ترقي ملي ـ سائين جن انگريزي ۽ رياضي جا مضمون پڙھايا آهن ۽ ڇھين ڪلاس جا ڪلاس ٽيچر رھيا آهن ـ سندن ھيڊ ماستر طور خدمتون ساراھ جوڳيون آهن ـ سائين جن اسيمبلي ۾ ٻارن کي سرگرمين ڪرڻ تي ساراهيندا آهن ۽ بھترين ڪارڪردگي تي انعام پڻ ڏيندا آهن ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ڪوٽڙي کي ھڪ مثالي اسڪول بڻائڻ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي ان جي جيتري به ساراھ ڪجي گھٽ آهي ـ
سائين جن استادن جي تنظيم ماٽا ۾ تعلقو دادو جا سينئر نائب صدر رھيا آهن ـ سائين جن استادن جي تنظيم گسٽا سنڌ جا 2013ع کان 2016ع تائين مرڪزي نائب صدر ، 2016ع کان 2019ع تائين اعزازي نائب صدر ضلعو ڄامشورو ۽ 2019ع کان 2022ع تائين تعلقو ڪوٽڙي جا چيئرمين گسٽا اليڪشن رھيا آهن ـ سندن دور ۾ گسٽا پاران مئنيجمينٽ ڪيڊر خلاف اسلام آباد ۾ ڌرڻو ھنيو ۽ ٻه دفعا ڪراچي ۾ احتجاجي ڌرڻا ھنيا ـ سائين جن محمد شبير احمد سيال تعليمي ڀلائي تنظيم موندر جا ڪارڪن رھيا ۽ ڳوٺ جي فلاحي ڪمن خاص ڪري تعليم لاء ڪم ڪيو ـ سائين جن 2012ع ۾ عمرو ادا ڪيو ۽ سندن پنج چڪر ايران عراق جون زيارتون نصيب ٿيون آهن ـ
سائين جن جي پسنديدھ شخصيت سندن والد سائين غازي خان ڏاوڇ آھي جيڪو سندن پھريون استاد پڻ ھو ـ سندن بھترين استادن ۾ سائين وزير احمد لاشاري ، سائين محمد ابراھيم شاھاڻي ، سائين علي نواز عباسي ، سائين سيد عباس علي شاھ ، سائين سيد سُوڌل شاھ ، سائين محمد سفر ڀٽي ۽ سيد شبير شاھ شامل آهن ـ سندن بھترين دوستن ۾ سيد جُڙيل شاھ لڪياري ، حاجي الطاف حسين ڏاوڇ ، ڊاڪٽر عبيدالله شاھاڻي ، غلام مصطفيٰ ڀٽي ، رئيس ظفر علي ڏاوڇ ، شاھد حسين کھرو ، منظور احمد شاھاڻي ، امام بخش شاھاڻي ، استاد قمرالدين شاھاڻي ۽ سيد محمد عالم شاھ شامل آهن ـ
سائين جن جو ڏاڏو احمد علي ڏاوڇ تعليم کاتي ۾ بيٽ آفيسر ضلعو دادو ھو ـ سندن والد غازي خان ڏاوڇ پي ايس ٽي ڀرتي ٿيو ۽ وڏو عرصو ھيڊ ماستر رھيو ـ سائين جن ڀائرن ۾ چوٿون نمبر آهن ـ سندن وڏو ڀاء محمد عمر ڏاوڇ درزي ھو ـ ٻيو ڀاء محرم علي ڏاوڇ پوليس کاتي ۾ اي ايس آء ھو ۽ ٽيون ڀاء منظور علي ڏاوڇ بينڪ آفيسر ھو ـ سندن اولاد ۾ ٽي فرزند ۽ ٽي نياڻيون آهن ـ سندن وڏو فرزند سليم نياز ڏاوڇ ملائيشيا ۾ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪري رھيو آهي ـ ٻيو فرزند غلام حسنين ڏاوڇ انٽر پري ميڊيڪل جو شاگرد آهي ۽ ٽيون فرزند زوار شاداب حسين ڏاوڇ فرسٽ ايئر پري ميڊيڪل جو شاگرد آهي ۽ عالم ٿيڻ جو شوق آهي ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " زندگي تعليم سان آهي انسان کي انسان بڻجڻ لاء تعليم ضروري آهي ـ وقت ضائع نه ڪريو تعليم حاصل ڪريو ـ رسول خدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَسَلَّم فرمايو آهي ته تعليم حاصل ڪريو ڇو نه توهان کي چين وڃڻو پوي -"
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ
.png)
Comments
Post a Comment