Profile # 147 Noor Hussain Abro (DDEO Primary - District Jamshoro) نور حسين ابڙو

 

محترم جناب سائين نور حسين ابڙو صاحب جو جنم 21 فيبروري 1966ع تي ضلعو دادو جي ڳوٺ ڇُٽو ابڙو، تعلقو دادو ۾ ٿيو. سائين جن پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ڇٽو ابڙو مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي. گورنمنٽ بوائز ھائر سيڪنڊري اسڪول ٽڳا مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. اُستاد بخاري گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج، دادو مان انٽر جو امتحان ۽ 1986ع ۾ بي ايس سي ۽ اسلامڪ ڪلچر ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. علامه اقبال اوپن يونيورسٽي، اسلام آباد مان بي ايڊ ۽ سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو مان ايم ايڊ جي پروفيشنل ڊگري ۽ آغا خان يونيورسٽي، ڪراچي مان ليڊرشپ ۾ ڊپلوما پڻ حاصل ڪيو.

سائين جن کي تعليم کاتي ۾ 10 آگسٽ 1989ع تي سائنس ٽيچر جو آرڊر مليو ۽ سندن تقرري گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول عبدالرحيم ابڙو، دادو ۾ ٿي. سائين جن ملازمت جا فرض جن اسڪولن ۾ گذاريا تن ۾ گورنمنٽ بوائز ھائر سيڪنڊري اسڪول ٽڳا، گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول پاٽ شريف، گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول پيارو ڳوٺ، گورنمنٽ بوائز ھائر سيڪنڊري اسڪول ڦلجي، گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول الھ آباد، گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول طالب الموليٰ دادو، گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول غريب آباد دادو، گورنمنٽ پائليٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول دادو، گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ڪوٽڙي ۽ گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول اشاعت الاسلام ڪوٽڙي شامل آهن. سائين جن رياضي، طبيعات، ڪيميا ۽ حياتيات جا مضمون پڙھايا آهن ۽ ڇھين ڪلاس جا ڪلاس ٽيچر رھيا آهن. جڏهن سندن ھيڊ ماستر محمّد اڪبر ميمڻ ڇھون ڪلاس حوالي ڪيو ته پاڻ بطور ڪلاس ٽيچر ايتري ته محنت سان پڙھايو جو انسپيڪشن وقت سندن ھيڊ ماستر محمّد اڪبر ميمڻ سڀني آفيسرن کي سندن ڪلاس وزٽ ڪرايو ۽ ھر ھڪ آفيسر ٻارن کان مليل جوابن تي سندن تعريف ڪندا رھيا ۽ وزٽر بڪ ۾ شاندار رمارڪس لکيائون. سائين جن 1995-96ع ڌاري سپروائيزر پرائمري سب ڊويزن دادو بيٽ جُبير جي ۽ 19 مئي 2008ع کان 19 آڪٽوبر 2008ع تائين گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول اشاعت الاسلام ڪوٽڙي ۾ انچارج ھيڊ ماستر طور فرض پڻ نڀايا. سندن 17 ڊسمبر 2017ع تي گزيٽيڊ ھيڊ ماستر طور ترقي ملي ۽ سندن پوسٽنگ اي اي او پرائمري طور ٿي. سائين جن ان عرصي دوران 2020-21ع ۾ ٽي اي او پرائمري مانجھند آگسٽ 2023ع تائين ۽ ڪجھ عرصو 2021-22ع ڌاري ٽي اي او سيڪنڊري مانجھند جي اضافي چارج جون خدمتون سر انجام ڏنيون. سندن 19 جولاء 2023ع تي سينئر ھيڊ ماستر طور ترقي ملي ۽ سندن پوسٽنگ ڊي ڊي اي او پرائمري ضلعو ڄامشورو طور ٿي.

سائين جن سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙي شاخ جا سرگرم رڪن رھيا آهن. سائين جن استادن جي تنظيم گسٽا سنڌ جا 2004ع کان 2007ع تائين جنرل سيڪريٽري تعلقو ڪوٽڙي رھيا آهن ۽ گوواز جا 2021ع ۾ ضلعو ڄامشورو جا صدر منتخب ٿيا.

سائين جن جو مامو جان محمّد عرف جانڻ ابڙو پاڪستان جو مشھور نعت خوان ھو. سندن والد الهرکيو ابڙو ان وقت فائنل پاس هوندي به ڪنهن سرڪاري ملازمت کي اهميت نه ڏني ۽ پنهنجي زرعي زمين کي اهميت ڏئي ان جو ڪم ڪار سنڀالڻ لڳو. سائين جن ستن ڀائرن ۾ ٻيو نمبر آهن. سندن وڏو ڀاء محمّد يونس ابڙو پاڪستان اسٽيل مل ۾ جنرل مئنيجر آهي. سندن ٻيو ڀاء عبدالمجيد ابڙو آبپاشي کاتي ۾ سب انجنيئر آهي. سندن ٽيون ڀاء محمّد صديق ابڙو گورنمنٽ ڪيمپس بوائز ھاء اسڪول ليبر اسڪوائر ڪوٽڙي ۾ ھيڊ ماستر آهي. سندن چوٿون ڀاء غلام ياسين ابڙو پاڪستان اسٽيل مل ۾ اسسٽنٽ انجنيئر آهي. سندن پنجون ڀاء عبدالعزيز ابڙو ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار سان گڏ فيصل پبلڪ اسڪول جو پرنسپال پڻ آهي. سندن ڇھون ڀاء عبدالحفيظ ابڙو پاڪستان اسٽيل مل ۾ جونيئر آفيسر آهي. سندن ويجھو مائٽ عبدالغفور ابڙو گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ڪوٽڙي مان ھيڊ ماستر طور رٽائرڊ ٿيو آهي. سائين جن کي اولاد ۾ ٽي نياڻيون ۽ ٽي فرزند آهن. سندن وڏي فرزند زين العابدين ابڙو مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي، ڄامشورو مان ڪيميڪل انجنيئرنگ ۾ بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي آهي.

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي چيو تہ مونکي ننڍپڻ کان ئي ڳائڻ جو شوق ھوندو ھو. مون پير رکيل ريلائي جي ميلي ۾ پھريون دفعو اسٽيج تي فن جو مظاھرو ڪيو جتان وڏي پذيرائي ملي. 2005ع ۾ چاچي حاجي خان گھرياڻي ۽ بدرالدين پنھور منھنجي استاد اڪبر جي سنگنگ ڪلب تي ميمبرشپ ڪرائي جتي مون راڳ جي سکيا ورتي. جنهن کان پوء هن جو ڪشش ٽي وي تي ڪلام "مونکي پرين تو آ ماري وڌو تير هڻي پنهنجي نظر جو واه جو پاڻ کي ٺاهين ٿو پائين ٿو ڪجل ڪهر جو" جيڪو تمام گهڻو مشھور ٿيو پوء 2012ع ۾ استاد خادم حسين سخيراڻي کان ڪلاسيڪل راڳ جي سکيا ورتي. مون لاڙڪاڻو، سکر، دادو، خيرپور، ٺٽو، بدين سميت سنڌ جي مختلف شھرن ۾ فن جو مظاهرو ڪيو آهي جتي مونکي تمام بھترين موٽ ملي آهي.

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو "تعليم شاگردن کي علم ۽ صلاحيتون ڏيڻ جو عمل آهي. اهو رسمي ٿي سگهي ٿو، جهڙوڪ ڪاليج يا يونيورسٽي جي سيٽنگ ۾، يا غير رسمي، جهڙوڪ جڏهن والدين پنهنجن ٻارن کي گهر ۾ سيکاريندا آهن. تعليم ماڻهن کي پنهنجي صلاحيتن کي ذهني، اخلاقي، سماجي ۽ جذباتي طور ترقي ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿي. انهي سان گڏ، اهو عمل آهي ماڻهن کي انهن جي چوڌاري دنيا جي باري ۾ سيکارڻ ۽ انهن جي صلاحيتن کي ترقي ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ جو انهن کي پيداوار ۽ ڪامياب زندگي گذارڻ جي ضرورت آهي."

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي.

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل