144 Madan Kumar Khatri (JEST - GBLSS Khan Muhammad Rind) مدن ڪمار کتري

 

محترم جناب سائين مدن ڪمار کتري صاحب جو جنم 7 مئي 1987ع تي ضلعو عمرڪوٽ جي ڳوٺ نبيسر روڊ تعلقو ڪنري ۾ ٿيو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول نبيسر روڊ مان پرائمري جي تعليم پرائي ـ گورنمنٽ ھاء اسڪول نبيسر روڊ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ نيو لائف پبلڪ اسڪول ڪنري مان ٻارھون درجو پاس ڪيو ـ سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو مان بي ڪام ۽ ايم ڪام جي ڊگري حاصل ڪئي ـ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي، اسلام آباد مان بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جي پروفيشنل ڊگري حاصل ڪئي ـ

سائين جن 3 سال ھڪ اين جي او ۾ ڪم ڪيو آهي ۽ اين جي او ۾ سرٽيفڪيٽ پڻ حاصل ڪيو آهي ـ سائين جن تعليم کاتي ۾ اين ٽي ايس جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ سندن 23 ڊسمبر 2014ع تي تقرري پي ايس ٽي طور گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول حاصل خان رند ۾ ٿي جيڪو سندن ڳوٺ کان 30 ڪلو ميٽر پري ھو ـ سندن 2 نومبر 2018ع تي بدلي پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول نبيسر روڊ ۾ ٿي جتان سائين جن جتان پرائمري جي تعليم مڪمل ڪئي ھئي ـ سائين جن ھڪ دفعو ٻيھر تعليم کاتي ۾ آء بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ سندن تقرري 23 ڊسمبر 2022ع تي جي اي ايس ٽي طور گورنمنٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول خان محمد رند ۾ ٿي جيڪو سندن ڳوٺ کان 10 ڪلو ميٽر پري آهي ـ سائين جن رياضي، سنڌي، سائنس جا مضمون پڙھايا آهن ـ سائين جن انڊڪشن جي تربيت حاصل ڪئي آهي ـ سائين جن ملازمت کانپوء سندن والد صاحب جي دڪان تي سندن والد صاحب جو ھٿ ونڊائيندا آهن ـ

سائين جن جو والد گرڌاري لال دڪاندار آهي ـ سندن 3 ڀائر ۽ 2 ڀينرون آهن ۽ پاڻ ٻيو نمبر آهن ـ سندن اولاد ۾ 3 فرزند آهن ـ سندن 4 سئوٽ ۽ 3 ڀاڄايون سرڪاري ملازم آهن ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته اسڪول ۾ ھڪ شاگردياڻي جنهن جا ٻئي ھٿ ۽ ٻئي پير ڪونه آهن ان جي باوجود روز اسڪول ايندي آهي ۽ ٻانهن سان پين جھلي اسڪول جو ڪم ڪندي آهي ۽ ياد به ڪندي آهي ـ تمام ھوشيار شاگردياڻي علم سان چاھ رکندڙ آهي ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته اسڪول جي شاگردن کي سدائين محنت ڪرڻ جو درس ڏيڻ لاء پريڪٽيڪلي مقابلا ڪرايان ٿو جيڪو کٽي ان کي ڪيش انعام به ڏيندو آھيان ـ ان سان شاگرد پڙھائي تي توجھ ڏين ٿا ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو: " استادن لاء پيغام ته شاگردن جا پڙھائي ليول تي ڪلاس ۾ انعامي مقابلا ڪرائين ته جيئن ٻارن ۾ پڙھائي جو شوق پيدا ٿئي ـ"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل