Profile # 136 Rabel Shoro (PST - GBPS Campus Sindhi Main Kotri) رابيل شورو
محترم جناب سائين رابيل شورو صاحب جو جنم 11 ڊسمبر 1982ع تي ضلعو ڄامشورو جي شھر ڪوٽڙي ۾ ٿيو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول نانگو لائن ، ڪوٽڙي مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ڪوٽڙي مان اٺون درجو ۽ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول گول بلڊنگ حيدرآباد مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ، قاسم آباد مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سنڌ يونيورسٽي مان بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي ـ پريسٽن يونيورسٽي ، ڪراچي مان بي بي اي ۽ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان ايم بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي ـ ان کان علاوھ قانون ۽ آء آر ۾ سرٽيفڪيٽ پڻ حاصل ڪيا آهن ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ، اسلام آباد ۾ بي ايڊ جا شاگرد آهن ـ
سائين جن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات خانگي اسڪولز ۾ پڙھائڻ سان ڪئي ـ سائين جن ميزان بينڪ ۾ ڏھ سال اسسٽنٽ مئنيجر طور ۽ بينڪ اسلامي ۾ ڪوآرڊينيٽر آف ڊوزنل جنرل مئنيجر طور ڪم ڪيو آهي ـ سائين جن تعليم کاتي ۾ آء بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ سندن 3 ڊسمبر 2022ع تي بطور پي ايس ٽي تقرري گورنمنٽ بوائز پرائمري ڪيمپس اسڪول سنڌي مين ڪوٽڙي ۾ ٿي ـ سائين جن انگريزي ، رياضي ، اڙدو ۽ اسلاميات جا مضمون پڙھايا آهن ـ
سائين جن جي پسنديدھ شخصيت سندن والد صاحب آھي ـ سندن بھترين استاد مسعود احمد ناريجو ۽ عبدالرزاق ڪورائي آهن ـ سندن بھترين دوست محمد عارف ، شعيب محمد ھڪڙو ، اعظم سومرو ، اويس علي ۽ عبدالمعيز آهن ـ سائين جن ستين ۽ اٺين ڪلاس ۾ سڄي اسڪول ۾ ٽاپ ڪيو ـ سندن بينڪنگ ۾ خدمتن جي مان ۾ بيسٽ سروس ايوارڊ ۽ بيسٽ سروس ڪوالٽي ڪنسلٽنٽ ايوارڊ ماڻيا آهن ـ سندن آء ٽي سان لڳاء آهي ـ سندن اسپيشل انٽريسٽ وائلڊ لائف ۽ اسپيس سائنس ۾ آهي ـ سندن چوڻ مطابق اسڪول ۾ پرفيشنل شيون ھيڊ ماستر نظير احمد پلھ کان سکيون آهن ـ
سائين جن جو خاندان اصل ڪوٽڙي جي علائقي ڪارو کھو مان آهي ـ سندن خاندان جي ماڻھن پاڪستان ٺھڻ کان اڳ انگريزن سان گڏ ڪم ڪيو آهي ۽ پاڪستان ٺھڻ کانپوء ڪوٽڙي شھر ۾ آباد ٿيا ـ سندن والد محمد ھاشم شورو بينڪر رھيو آهي ـ سندن والد سماجيات ۽ سنڌي ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ شاعر ۽ اديب طور سڄاتا وڃن ٿا ـ سندن والد جون نظمون ۽ بيت مختلف اخبارن ۾ ڇپيا آهن سنڌي ادبي سنگت (ساس) ڪوٽڙي شاخ جا رڪن رھيا ۽ شاھ لطيف لائبريري نانگو لائن جو افتتاح ڪيو ـ سندن ڪتاب "سڀ رنگ سانول" ڪھاڻين ۽ نظمن جي ڪري مشھور آهي ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ سڀ کان وڏا آهن ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو "محنت ڪريو ۽ سکڻ جي عمل ۾ مھارت حاصل ڪريو ـ سکيا جي ذريعي ڪاميابي حاصل ڪريو ـ اھا توهان جي لاء تمام وڏي ڪاميابي ثابت ٿيندي -"
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment