Profile # 150 Pandhi Khan Talpur (DEO Primary - District Jamshoro) پانڌي خان ٽالپر

 

محترم جناب سائين پانڌي خان ٽالپر صاحب جو جنم 28 فيبروري 1967ع تي ضلعو ڄامشورو جي ڳوٺ مارُو خان ٽالپر لڳ آراضي، تعلقو سيوھڻ شريف ۾ ٿيو. پاڻ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول حاجي پريل شاھ لڳ بُوبڪ اسٽيشن مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪيائون، ان اسڪول مان اڳوڻي چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاھ پڻ تعليم حاصل ڪئي ھئي. ان اسڪول ۾ جڏھن سندن استاد ٽريننگ تي ويو ته ڪجھ عرصو گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ڳوٺ علي خاناڻا ۾ تعليم ورتي. ان کانپوء گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول آراضي ۾ داخلا ورتائون جتي ڇھين کان اٺين درجي تائين سندن پھرين پوزيشن رھي ۽ ڇھين کان ڏھين درجي تائين ڪلاس جا مانيٽر پڻ رھيا. 1983ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوء گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج، سيوھڻ شريف مان انٽر جو امتحان پاس ڪيائون. سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو مان بي ايس سي جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوء سندن تعليم کاتي ۾ 15 جون 1987ع تي جي ايس ٽي جو آرڊر مليو ۽ سندن تقرري گورنمنٽ بوائز مڊل اسڪول ٿاڻو احمد خان ۾ ٿي. ملازمت دوران سنڌ يونيورسٽي مان سياسيات ۾ ماسٽرس کان علاوھ 92-1991ع ۾ بي ايڊ جي پروفيشنل ڊگري حاصل ڪيائون. سندن 4 آڪٽوبر 1993ع تي ايڇ ايس ٽي طور ترقي ملي ۽ سندن گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول بوبڪ ۾ مقرر ڪيو ويو. سندن تعليمي قابليت جي ڪري 1993ع ۾ ٽي آرڊر مليا جن ۾ بيورو آف ڪريڪيولم ۾ ايڇ ايس ٽي، ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ۾ جونيئر انسٽرڪٽر ان فزڪس ۽ اسسٽنٽ مختيارڪار شامل آهن پر تعليم سان گھري لڳاء جي ڪري پاڻ استاد رھڻ ۽ پڙھائڻ کي ترجيح ڏنائون. ان عرصي دوران سائين جن اسڪول جي استادن جي تنظيم گسٽا سنڌ ۾ 1994ع کان 1996ع تائين ضلعو دادو جا خزانچي رھيا جنھن ۾ سندن اڳوڻو ڊائريڪٽر حيدرآباد ۽ موجودھ چيئرمين اسٽيڊا سيد رسول بخش شاھ ان وقت ضلعو دادو جو گسٽا صدر ھو. تعليمي سفر کي جاري رکندي 97-1996ع ۾ ايم ايڊ جي ڊگري به سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائون. سائين جن ايڇ ايس ٽي طور ملازمت جا فرض جن اسڪولن ۾ نڀايا تن ۾ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ڪوٽڙي، گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول آراضي (جتان سائين جن مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ھو)، گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول سري ۽ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ڪيمپس علي مراد باريجو شامل آهن. پنهنجي قابليت سان پاڻ ايس پي ايس سي ذريعي پھرين آگسٽ 2005ع تي ايڊھاڪ تي ليڪچرر ايجوڪيشن طور گورنمنٽ غزالي ڪاليج لطيف آباد، حيدرآباد ۾ مقرر ٿيا. ڪاليج ايجوڪيشن ۾ ملازمت دوران گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج، سيوھڻ شريف ۾ به خدمتون سر انجام ڏنائون، ان ئي ڪاليج مان پاڻ انٽر جو امتحان پاس ڪيو ھو. ايڊ ھاڪ تي تقرري جي ڪري ھڪ دفعو ٻيھر ايس پي ايس سي ذريعي 10 آگسٽ 2008ع تي ليڪچرر ايجوڪيشن طور علي بابا گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج، ڪوٽڙي ۾ مقرر ٿيا. انھي دوران سائين جن ڪاليج جي استادن جي تنظيم سپلا ۾ ضلعو ڄامشورو جا صدر پڻ رھيا. ست سال ڪاليج ايجوڪيشن ۾ رھڻ کانپوء ٽيون دفعو 2012ع ۾ ايس پي ايس سي ذريعي ھيڊ ماستر طور گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ڪيمپس خورشيد ڪالوني ڪوٽڙي ۾ مقرر ٿيا. سائين جن ان اسڪول کي بورڊ سان ايفيليئيٽ ڪرائي امتحانن جو سينٽر ڪرايو ۽ نئين عمارت ٺھرائي ان جو قبضو پڻ ورتو. سندن 30 آڪٽوبر 2014ع تي ٽي اي او سيڪنڊري تعلقو حيدرآباد ٻھراڙي جي اضافي چارج ملي. سندن اپريل 2015ع ۾ ٽي اي او تعلقو سيوھڻ شريف پرائمري جي اضافي چارج ملي جتي سائين جن پنهنجين ڪوششن سان 84 بند پيل اسڪول کولرايا. ان ئي عرصي ۾ سندن ٽي اي او سيڪنڊري تعلقو سيوھڻ شريف جي اضافي چارج پڻ ملي. سندن 19 جنوري 2018ع تي سينئر ھيڊ ماستر طور ترقي ملي ۽ سندن تقرري گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول آراضي ۾ ٿي جتي سائين جن جي ايس ٽي طور پڻ فرض نڀايو ھو. سائين جن ان اسڪول کي ھائر سيڪنڊري ۾ اپ گريڊ ڪرايو ۽ نائين کان ٻارھين ڪلاس جو امتحانن جو سينٽر ڪرائڻ کان علاوھ ڊرائنگ جي امتحان جو سينٽر پڻ ڪرايو. سندن 20 مارچ 2018ع تي تقرري ڊپٽي ڊي اي او سيڪنڊري ضلعو ڄامشورو طور ٿي. سندن 9 ڊسمبر 2021ع تي اڻويھين گريڊ ۾ ترقي ملي ۽ سندن تقرري ڊي اي او پرائمري ضلعو ڄامشورو طور ٿي جتي پاڻ تمام بھترين نموني سان ضلعو ڄامشورو جي آفيسر طور خدمتون سر انجام ڏئي رھيا آهن.

سائين جن رياضي، طبيعات ۽ انگريزي جا مضمون پڙھايا آهن ۽ ڇھين نائين ۽ ڏھين درجي جا ڪلاس ٽيچر رھيا آهن. سائين جن تعليم کاتي ۾ کوڙ ساريون تربيتون حاصل ڪيون آهن ۽ ڪيترين ئي تربيتن ۾ ماسٽر ٽريننر به رھيا آهن جن ۾ خاص ڪري رياضي ۽ انگريزي جي مضمونن ۾ ماسٽر ٽريننر طور خدمتون سر انجام ڏنيون آهن. سندن پسنديدھ شخصيت سائين عبدالمجيد ۽ اڳوڻو سيڪريٽري تعليم غلام اڪبر لغاري آھن. راندين ۾ ڪوڏي ڪوڏي ۽ ونجھ وٽي جا رانديگر رھيا آهن.

سائين جن جو والد حمزو خان ٽالپر پاڻ ته پڙھيل لکيل نه ھو پر پنهنجي اولاد جي لاء تعليم جو سٺو بندوبست ڪيو. سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ سڀ کان وڏا آهن. سندن ننڍو ڀاء عبدالرحمن ٽالپر پي ايس ٽي آهي. سندن ٻه ڀائر عبداللطيف ٽالپر ۽ عبدالخالق ٽالپر زمينون سنڀاليندا آهن. سندن اولاد ۾ ٽي فرزند آهن جيڪي تعليم حاصل ڪري رھيا آهن.

سائين جن تعليم جي باري ۾ سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي پنهنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو تہ مون پٽ تي ويھي پڙھيو آهي. صبح جو اسين اسڪول ويندا ھئاسين ۽ ماني پاڻ سان گڏ کڻي ويندا ھئاسين. اسان جو استاد اسان کي منجھند تائين پڙھائيندو ھو ۽ منجھند جي ماني اتي کائي اسان جو استاد اسان کي شام جي پنجين بجي تائين ٽيوشن پڙھائيندو ھو. اھو استاد ھو جيڪو اسان کي شام تائين مشغول رکندو هو. تعليم استاد کانسواء ڪجھ به نه آهي. مان والدين کي به اھو چوندس ته ٻار کي ماني کارائڻ کانپوء توهان جو ٻيو فرض ٻار کي تعليم ڏيارڻ آهي. تعليم نه ڏيارڻ جو ڪارڻ غربت ھرگز به نه آھي. مون کان ڪميشن ۾ سوال ٿيو ته استاد، شاگرد، ڪتاب ۽ عمارت تعليم حاصل ڪرڻ لاء ضروري شيون آهن پر انهن مان ڪھڙيون ٻه شيون ڪڍي ڇڏجن تڏھن به تعليم حاصل ڪري سگهجي ٿي. مون وراڻيو ته تعليم حاصل ڪرڻ لاء صرف استاد ۽ شاگرد لازمي آهن. استاد پاڻ ڪتاب آهي. اڄ مون کي خوشي محسوس ٿئي ٿي ته مان استاد آهيان. مان آفيسر ناھيان استاد آهيان. تعليم جي مالڪي ڪريو. استاد پيغمبري پيشو آهي ۽ پيغمبرن ڪڏھن به سھولتن جي گھر نه ڪئي. اڄ جو استاد سھولتن نه ھجڻ کي جواز بڻائي تعليم ڏيڻ کان نه رڪجي. سھولتون به ملنديون پر سھولتن نه ھئڻ جي ڪري تعليم جو تناسب نه گھٽجڻ گھرجي. مان جتي به ويندو آهيان اتي مون کي منھنجا شاگرد ملندا آهن. منهنجا شاگرد اڄ ڊاڪٽر، انجنيئر، پوليس، استاد ۽ ڪميشن پاس آفيسر آهن. مون کي فخر محسوس ٿيندو آهي جڏھن منهنجا شاگرد مون کي سائين چوندا آهن. اھو مون لاء تمام وڏو اعزاز آهي.

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو "اسان جي بقا فقط تعليم سان آهي. تعليم جي لاء اسان سڀني کي گڏجي ڪوششون ڪرڻيون پونديون. تعليم جي لاء بنيادي ڪردار استاد کي ادا ڪرڻو آهي ۽ استاد ئي تعليم جي بھتري جي لاء ڪم ڪري سگھي ٿو."

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي.

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل