Profile # 134 Rafique Ahmed Memon (DDEO ES&HS - District Jamshoro) رفيق احمد ميمڻ


محترم جناب سائين رفيق احمد آءِ ميمڻ صاحب جو جنم 3 سيپٽيمبر 1974ع تي ضلعو ڄامشورو جي شھر ڀان سيد آباد ، تعلقو سيوهڻ شريف ۾ ٿيو ـ سائين جن پرائمري جي تعليم 1984ع ۾ گورنمنٽ مين پرائمري اسڪول ڀان سيد آباد مان پرائي ـ مئٽرڪ جو امتحان 1989ع ۾ گورنمنٽ بوائز هاءِ اسڪول ڀان سيد آباد مان پاس ڪيو ـ انٽر سائنس جو امتحان 1991ع ۾ گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ، سيوهڻ شريف مان پاس ڪيو ـ گريجوئيشن جي ڊگري 1993ع ۾ استاد بخاري گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ، دادو مان حاصل ڪئي ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان 1996ع ۾ اردو ۾ ماسٽرس کانپوءِ 1999ع ۾ صحافت ۾ به ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ـ 1995ع ۾ بيورو آف ڪريڪيولم ، ڄامشورو مان سي ٽي ، 1997ع ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ، اسلام آباد مان بي ايڊ ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ، ٽنڊو ڄام مان ايم ايڊ جي پروفيشنل ڊگري حاصل ڪئي ـ

سائين جن کي تعليم کاتي ۾ پھرين آگسٽ 1995ع تي جَي ايس ٽي جو آرڊر مليو ۽ سندن تقرري گورنمنٽ مڊل اسڪول مناهيون ۾ ٿي ، جيڪو هاڻي هاءِ اسڪول آهي ـ سندن 5 نومبر 2003ع تي ايڇ ايس ٽي ۾ ترقي ملي ـ سندن پوسٽنگ گورنمنٽ بوائز هائر سيڪنڊري اسڪول ڀان سيد آباد ۾ ٿي ، جتان سائين جن مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ھو ـ کين 30 آڪٽوبر 2008ع تي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور ترقي ملي ـ سائين جن 2010ع ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف پرائيوٽ انسٽيٽيوشن ميرپورخاص ۾ 2011ع تائين اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ـ جڏهن ته 2012ع کان 2013ع تائين پنهنجي پهرين پوسٽنگ واري گورنمنٽ هاءِ اسڪول مناهيون ۾ هيڊ ماستر طور خدمتون سر انجام ڏنيون آهن ـ سندن 24 ڊسمبر 2021ع تي اسسٽنٽ پروفيسر طور ترقي ملي ۽ سندن پوسٽنگ گورنمنٽ هائر سيڪنڊري اسڪول خدا آباد ۾ ٿي ـ جنهن بعد سندن پھرين نومبر 2023ع تي ڊپٽي ڊي اي او سيڪنڊري ڄامشورو طور مقرر ڪيو ويو آهي ـ سائين جن انگريزي ۽ اڙدو جا مضمون پڙھايا آهن ۽ ڇھين کان ڏھين ڪلاسن جا ڪلاس ٽيچر رھيا آهن ـ

سائين جن تنظيمي لحاظ سان سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) شاخ ڀان سيد آباد جا نائب صدر آهن ـ سائين جن سماجي ورڪر به آهن ـ سگا جي طرفان بھترين ورڪر جو ايوارڊ ماڻيو آهي ـ سائين جن سٺا ليکڪ پڻ آهن ڪافي سارا مضمون لکڻ سان گڏ 3 ڪتاب پڻ تصنيف ڪيا آهن جن ۾ "سيد عبدالله شاهه بابت يادگيرون" درگاهه ويهڙ شريف جي بزرگ حضرت خواجه محمد اشرف جان نقشبندي رح جن جي سوانح حيات بابت "حضرت مصلي ڌڻي بادشاهه رح" ، عراق ۽ سعودي عرب جي زيارتن بابت "سڪ جو سفر" شامل آهن ـ سائين رفيق احمد آءِ ميمڻ تعليم کاتي ۾ کوڙ ساريون تربيتون حاصل ڪيون آهن ، جن ۾ انڊڪشن پروفيشنل ٽريننگ شامل آهي ـ مئٽرڪ ڪلاس ۾ بھترين تقرير جي مقابلي ۾ پھرين پوزيشن ماڻي ـ سندن ڪجهه پسنديدھ شيون آھن ، ڪتاب پڙهڻ ، نيون ٽيڪنالاجيڪل شيون سکڻ ، نيون ۽ مختلف تاريخي جڳهيون گهمڻ ـ سندن پسنديدهه استادن ۾ مرحوم خير محمد سومرو صاحب ، مرحوم محمد ذڪريا راهپوٽو صاحب ۽ مسٽر پنهل خان خشڪ آهن ـ سائين جن کي ٽيچنگ ، مئنيجمينٽ ، بزنس ۽ آرگنائزر ۾ مھارت حاصل آهي ـ

سائين جن جو والد محمد اسحاق ميمڻ رپورٽر عبرت اخبار ۽ اڳوڻو وائيس چيئرمين ٽائون ڪاميٽي ڀان سيد آباد آهي ـ سائين جن ڀاءُ ڀينرن ۾ چوٿون نمبر آهن ـ سندن هڪ ننڍو ڀاءُ سب اڪائونٽنٽ ٽريزري آفيس ، ٻيو ايجوڪيشن کاتي ۾ ۽ ٽيون ٽائون ڪاميٽي ڀان ۾ آهي ـ سندن گهر واري ڪنيز فاطمه ميمڻ ايم اي ۽ بي ايڊ پاس هجڻ سان گڏ استادي پيشي سان لاڳاپيل آهي ـ سندن اولاد ۾ ٽي نياڻيون ۽ ھڪ فرزند آهي ـ سندن وڏي نياڻي بختاور ميمڻ سنڌي ۾ ماسٽرس ڪئي آهي ۽ گورنمنٽ پرائمري اسڪول شيخ ڀان سيد آباد ۾ پي ايس ٽي آهي ـ ٻي نياڻي نبيسا ميمڻ ايم فل ان انگلش لنگسٽڪس ڪئي آهي ۽ مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو ۾ ڪم ڪري رهي آهي ـ ٽين نياڻي سونهن ميمڻ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو ۾ بي ايس ڪيمسٽري ريگيولر جي شاگرد آهي ـ سندن فرزند نصير احمد ميمڻ گورنمنٽ هائير سيڪنڊري اسڪول خدا آباد مان انٽر سائنس پاس ڪئي آهي ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي پنهنجي باري ۾ ٻڌائيندي چيو ته جڏهن آءُ ننڍو هئس ته بابا هميشه چوندو هئو رفيق پڙهندي ته وڏو آفيسر ٿيندين ۔ تڏهن کان  آءُ پڙهائي ۾ هوشيار ٿيڻ لڳس ۽ آءُ پنهنجي ڪلاس جو ڊسيپلينڊ ۽ ذهين شاگرد هئس ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان تعليم جي باري ۾ ڳالھائيندي چيو ته تعليم انسان جي ٽين اک آهي، ان مان مراد جڏهن انسان ٻن ظاهر اکين سان دنياوي علم حاصل ڪري ٿو ته اها ٽين اک ان انسان کي صحيح ۽ غلط ۾ فرق سمجهائي ٿي ۽ ان جي دنيا ۽ آخرت سنواري ٿي ـ انساني جسم ۾ مختلف عضوا آهن ۽ هر عضوي جي پنهنجي خاصيت ۽ ڪردار آهي ، جيڪڏهن ڪو به عضوو صحيح ڪم نٿو ڪري ته ان کي اسان ڊس ايبل سڏيندا آهيون ۔ تيئن ئي سماج ۾ تعليم جي به ايتري ئي اهميت آهي ، جيتري انساني جسم کي عضون جي ۔ جيڪڏهن سماج مان تعليم جو نظام ختم ٿئي ته سماج مُردا لاش بڻجي ويندو ۔ اڄ جي ايڪيهين صدي کي ٽيڪنالاجيڪل صدي به چيو ويندو آهي ۔ اڄ جو انسان نه صرف آسمان کي ڇُهي آيو آهي ، پر سمنڊ جي گهرائي تي به پهتو آهي ، اهو صرف ۽ صرف تعليم  جي ڪري ٿيو آهي ، پر ڏٺو وڃي ته اڄ جي تعليم ملڪي بجيٽ جي حساب سان ٽئين نمبر تي هوندي به پوئتي آهي ، ڇو ته اسان ۾ شعور جي ڪمي ۽ ساڙ ۾ چاڙهه ٿيندو پيو وڃي ، اسان ٻين جي خوشي ۾ خوش گهٽ پر رنج گهڻو ٿيون ٿا ـ اهو ان لاءِ ٿئي پيو ، جو اسان ۾ سکيا جي ڪمي ۽ سيکارڻ جو شوق ختم ٿي چڪو آهي ۔ استادن کي گهرجي ته پاڻ به شوق سان پڙهائين ۽ شاگردن تي پڙهي اچڻ جي ذميداري رکن ۔ اڄ جي دور ۾ استاد لاءِ مشڪل ڪم شاگرد جو ڌيان برقرار رکڻ آهي ۔ ان لاء هيٺيون ترقيبون ضروري آهن ۔

١۔ ليسن پلان: استاد وٽ ليسن پلان A ۽ ليسن پلان به هجڻ تمام ضروري آ۔ 

٢۔ پڙهائڻ جو اعلىٰ طريقو: شاگرد ٻڌڻ کان وڌيڪ ڏٺل شيون ياد رکندو آهي ، سو استاد کي رول ماڊل ٽيچنگ ميٿڊولوجي استعمال ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ اسان جي هيروز جيئن قائد اعظم محمد علي جناح ، علامه اقبال ، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ، شهيد بينظير ڀٽو جهڙن شخصيتن کي پيش ڪري سگهجي ته جيئن شاگرد انهن جا ڪردار ڏسن ۽ سکن ـ

٣۔ ڪلاس مينيجمنٽ: پڙهائڻ لاء هڪ سٺو کليل هوادار ۽ پراپر ڊسيپلينڊ ڪلاس روم هئڻ ضروري آهي ۔ 

پڙهائڻ سان آءُ ڪافي شيون سکيون آهن. جنهن تحت هڪ سکيا هيٺ بيان ڪندس:

هڪ ڏينهن آء بورڊ تي لکيو لفظ بيٽ ۽ شاگردن کان ان لفظ جي معنىٰ پڇيم۔ ڪنهن چيو ته بيٽ معنىٰ کيڏڻ واري بيٽ ، ڪنهن چيو ته بيٽ معنىٰ چمڙو ۔ ڪلاس ۾ شاگردن جو  وڏو بحث ٿي ويو ۔  سڀ چون پيا ته اسان صحيح آهيون ، نيٺ 10 منٽن جي بحث کان پوءِ آءُ ٻارن کي سمجهايو ته سڀ صحيح آهيو ، غلط ڪير به ناهي ، لفظ جي صحيح معنىٰ ان جي جملي مان خبر پوندي ، اگر مان چوان ته آء ايم پليينگ وٿ اي بيٽ معنىٰ: مان بيٽ سان کيڏان پيو ۔ پر اگر مان چوان ته آء سا اي بيٽ معنىٰ: مان هڪ چمڙو ڏٺو ۔ هن سڄي واقعي مان هي سبق مليو ته انساني ڳالهيون به ائين ئي آهن ، هر ڪنهن جو نظريو صحيح آهي ، بس حالات تي دارومدار ٿئي ٿو ۔

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل