Profile # 141 محترم جناب سائين مظھر علي ميمڻ صاحب جو جنم 15 فيبروري 1990ع تي ضلعو ڄامشورو جي شھر سيوھڻ شريف ۾ ٿيو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول نيو وحدت ڪالوني قاسم آباد ، حيدرآباد مان پرائمري جي تعليم پرائي ـ گورنمنٽ بوائز اسڪول قاسم آباد ، حيدرآباد مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج قاسم آباد ، حيدرآباد مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان گريجوئيشن ۽ بشريات ۾ ماسٽرس جي تعليم حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن ، حيدرآباد مان سي ٽي کان علاوھ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان بي ايڊ ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ، اسلام آباد مان ايم ايڊ جي پروفيشنل ڊگري حاصل ڪئي ـ سائين جن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات مختلف خانگي اسڪولن ۾ پڙھائڻ سان ڪئي جن ۾ سينٽ بوناوينچر اسڪول قاسم آباد ۾ گھڻو عرصو رھيا ـ سائين جن تعليم کاتي ۾ آء بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ سندن 20 نومبر 2019ع تي جي اي ايس ٽي طور تقرري گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول جھانگارا ۾ ٿي ـ سندن 20 اپريل 2023ع تي ايڇ ايس ٽي طور ترقي ملي ۽ پوسٽنگ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ڄامشورو ڪالوني ۾ ٿي ـ سائين جن پنهنجي ايڇ ايس ٽي دوست سيف الله ابڙو سان ميوچوئل ٽرانسفر ذريعي 16 نومبر 2023ع تي گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول اشاعت الاسلام ڪوٽڙي ۾ بدلي ٿي آيا ـ سائين جن طبيعات ، رياضي ۽ انگريزي جا مضمون پڙھايا آهن ۽ ستين ڪلاس جا ڪلاس ٽيچر رھيا آهن ـ سائين جن اٺين ڪلاس ۾ ڪوئز ڪامپٽيشن ۾ انعام ماڻيو ـ سندن اٺين ڪلاس ۾ ڪلاس ٽيچر ممتاز علي منگي انگريزي جي ريڊنگ ياد ڪري اچڻ تي تمام گھڻو ساراھيو جنھن کانپوء سندن تعليم طرف دلچسپي وڌي ـ سينٽ بوناوينچر اسڪول ۾ ريگيولرٽي تي ٽي سال لڳاتار ايوارڊ ماڻيا ـ سائين جن جي پسنديدھ شخصيت سندن ڏاڏو عبدالحميد ميمڻ آھي ـ سائين جن ڪرڪيٽ جا رانديگر آهن ۽ شام جو ٽيوشن پڙھائيندا آهن ـ سائين جن جو خاندان تعليم کاتي سان وابسطه آهي ـ سندن پڙڏاڏو محمد خان ميمڻ ۽ ڏاڏو عبدالحميد ميمڻ پي ايس ٽي ھئا ـ سندن والد غلام رسول ميمڻ ناڻي کاتي ۾ ايس او طور رٽائرڊ ٿيو ـ سندن ھڪ چاچو علي بخش ميمڻ پي ايس ٽي طور رٽائرڊ ٿيو آهي ۽ ٻيو چاچو محمد خان ميمڻ مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ، ڄامشورو ۾ پيٽروليم اينڊ گيس کاتي جو ڊائريڪٽر آهي ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ ٽيون نمبر آهن ـ سندن وڏو ڀاء مرحوم نثار احمد ميمڻ نباتات ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ ھو ـ سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " علم حاصل ڪريو ـ علم انسان جي ٽين اک آهي ـ علم ئي انسان کي سٺي ۽ خراب جي سڃاڻپ ڪرائي ٿي -" سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ
محترم جناب سائين مظھر علي ميمڻ صاحب جو جنم 15 فيبروري 1990ع تي ضلعو ڄامشورو جي شھر سيوھڻ شريف ۾ ٿيو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول نيو وحدت ڪالوني قاسم آباد ، حيدرآباد مان پرائمري جي تعليم پرائي ـ گورنمنٽ بوائز اسڪول قاسم آباد ، حيدرآباد مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج قاسم آباد ، حيدرآباد مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان گريجوئيشن ۽ بشريات ۾ ماسٽرس جي تعليم حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن ، حيدرآباد مان سي ٽي کان علاوھ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان بي ايڊ ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ، اسلام آباد مان ايم ايڊ جي پروفيشنل ڊگري حاصل ڪئي ـ
سائين جن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات مختلف خانگي اسڪولن ۾ پڙھائڻ سان ڪئي جن ۾ سينٽ بوناوينچر اسڪول قاسم آباد ۾ گھڻو عرصو رھيا ـ سائين جن تعليم کاتي ۾ آء بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ سندن 20 نومبر 2019ع تي جي اي ايس ٽي طور تقرري گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول جھانگارا ۾ ٿي ـ سندن 20 اپريل 2023ع تي ايڇ ايس ٽي طور ترقي ملي ۽ پوسٽنگ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ڄامشورو ڪالوني ۾ ٿي ـ سائين جن پنهنجي ايڇ ايس ٽي دوست سيف الله ابڙو سان ميوچوئل ٽرانسفر ذريعي 16 نومبر 2023ع تي گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول اشاعت الاسلام ڪوٽڙي ۾ بدلي ٿي آيا ـ سائين جن طبيعات ، رياضي ۽ انگريزي جا مضمون پڙھايا آهن ۽ ستين ڪلاس جا ڪلاس ٽيچر رھيا آهن ـ
سائين جن اٺين ڪلاس ۾ ڪوئز ڪامپٽيشن ۾ انعام ماڻيو ـ سندن اٺين ڪلاس ۾ ڪلاس ٽيچر ممتاز علي منگي انگريزي جي ريڊنگ ياد ڪري اچڻ تي تمام گھڻو ساراھيو جنھن کانپوء سندن تعليم طرف دلچسپي وڌي ـ سينٽ بوناوينچر اسڪول ۾ ريگيولرٽي تي ٽي سال لڳاتار ايوارڊ ماڻيا ـ سائين جن جي پسنديدھ شخصيت سندن ڏاڏو عبدالحميد ميمڻ آھي ـ سائين جن ڪرڪيٽ جا رانديگر آهن ۽ شام جو ٽيوشن پڙھائيندا آهن ـ
سائين جن جو خاندان تعليم کاتي سان وابسطه آهي ـ سندن پڙڏاڏو محمد خان ميمڻ ۽ ڏاڏو عبدالحميد ميمڻ پي ايس ٽي ھئا ـ سندن والد غلام رسول ميمڻ ناڻي کاتي ۾ ايس او طور رٽائرڊ ٿيو ـ سندن ھڪ چاچو علي بخش ميمڻ پي ايس ٽي طور رٽائرڊ ٿيو آهي ۽ ٻيو چاچو محمد خان ميمڻ مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ، ڄامشورو ۾ پيٽروليم اينڊ گيس کاتي جو ڊائريڪٽر آهي ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ ٽيون نمبر آهن ـ سندن وڏو ڀاء مرحوم نثار احمد ميمڻ نباتات ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ ھو ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " علم حاصل ڪريو ـ علم انسان جي ٽين اک آهي ـ علم ئي انسان کي سٺي ۽ خراب جي سڃاڻپ ڪرائي ٿي -"
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment