Profile # 145 Zafar Ali Chohan (DT - GBHS Campus Labour Square, Kotri) ظفر علي چوھاڻ
محترم جناب سائين ظفر علي چوهاڻ صاحب جو جنم 24 نومبر 1979ع تي ضلعو ڄامشورو جي شھر لڪي شاھ صدر، تعلقو مانجھند ۾ ٿيو. سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول لڪي شاھ صدر مان پنج درجا پاس ڪيا. گورنمنٽ بوائز هاءِ اسڪول ڪوٽڙي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. علي بابا گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج، ڪوٽڙي مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو. سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو مان گريجوئيشن ۽ اسلامڪ ڪلچر ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. گورنمنٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن، حيدرآباد مان اي ٽي سي ۽ اي ايم سي جو سرٽيفيڪيٽ حاصل ڪيو.
سائين جن کي تعليم کاتي ۾ 29 جون 2012ع تي ڊي ٽي جو آرڊر مليو ۽ سندن تقرري گورنمنٽ بوائز هاءِ اسڪول لڪي شاه صدر ۾ ٿي. سندن 2 مئي 2023ع تي بدلي گورنمنٽ ڪيمپس بوائز هاءِ اسڪول ليبر اسڪوائر ڪوٽڙي ۾ ٿي. سائين جن انگريزي، آسان اڙدو، سماجي اڀياس، سنڌي ۽ ڊرائينگ جا مضمون پڙهايا آهن ۽ نائين ڪلاس جا ڪلاس ٽيچر آهن.
سائين جن جو ڏاڏو محمد علي چوھاڻ پي ايس ٽي هو. سندن والد محمد رمضان چوھاڻ زميندار هو. سائين جن چار ڀائرن ۽ ٻه ڀينرن ۾ ٻيو نمبر آهن. سندن ھڪ ڀاءَ واپڊا ۾ ملازم آھي.
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو: "تعليم حاصل ڪريو ڇو ته تعليم اها ڪنجي آهي جيڪا روشن مستقبل جا دروازا کولي ٿي. اهو ماڻهن کي بااختيار بڻائي ٿو انهن جي مڪمل صلاحيت تائين پهچي ٿو ۽ معاشري جي ترقي کي فروغ ڏئي ٿو."
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي.

Comments
Post a Comment