Profile # 148 Vishan Das Kolhi (PST - GBPS Haji Ahmed Khaskheli) وشن داس ڪولھي
محترم جناب سائين وشن داس ڪولھي صاحب جو جنم 27 جون 1995ع تي ضلعو بدين جي ڳوٺ ڪانجي ڪولھي لڳ کوسڪي، تعلقو ٽنڊوباگو ۾ ٿيو. سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول حاجي احمد خاصخيلي مان پرائمري جي تعليم پرائي. گورنمنٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول نندو مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو. سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو مان بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي. علامه اقبال اوپن يونيورسٽي، اسلام آباد ۾ بي ايڊ جا شاگرد آھن.
سائين جن 2 سال سيف ۾ ڪم ڪيو. سائين جن سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني بلاڪ 2 ۾ 6 مھينا سيڪيورٽي گارڊ طور ڊيوٽي سر انجام ڏني. سائين جن تعليم کاتي ۾ آئي بي اي جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ سندن 11 نومبر 2022ع تي پي ايس ٽي طور گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول حاجي احمد خاصخيلي ۾ مقرر ٿيا جتان سائين جن پرائمري تعليم حاصل ڪئي ھئي. سائين جن سيڪيورٽي ٽريننگ، انڊڪشن ٽريننگ، اليڪشن ٽرينگ، ڊجيٽل سينسز ٽريننگ جي تربيت حاصل ڪئي آهي.
سائين جن جو والد مورو مل ٽيلر ماسٽر آهي. سندن 2 ڀائر ۽ 5 ڀينرون آهن ۽ پاڻ ڇھون نمبر آهن. سندن اولاد ۾ ھڪ پٽ ۽ 3 نياڻيون آهن.
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته اسڪول جي شاگردن کي سدائين پيار ۽ محبت سان پڙھائڻ گھرجي. ٻار جيڪو پيار شفقت سان بنا خوف جي پڙھي ٿو اھو بھتر آھي.
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن ۽ عام ماڻھن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو: "علم انسان جي ٽين اک آھي، محنت سان پڙھو ۽ اڳيان وڌو پنھنجي قابليت ۽ ڪردار جي ذريعي دنيا آڏو پاڻ کي مڃرائي ڏيکاريو.
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي.

Comments
Post a Comment