Profile # 138 Pir Bux Laghari (HST - GBLSS Joona Village) پير بخش لغاري
محترم جناب سائين پير بخش عرف بابو لغاري صاحب جو جنم 10 فيبروري 1980ع تي ضلعو بدين جي شھر ماتلي ۾ ٿيو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ڪشميري محلو ، ماتلي مان پرائمري جي تعليم پرائي ـ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ماتلي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ، ماتلي مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان گريجوئيشن ۽ اڙدو ۾ ماسٽرس جي ڊگري ۽ بي ايڊ جي پروفيشنل ڊگري پڻ حاصل ڪئي ـ
سائين جن تعليم کاتي ۾ اقراء يونيورسٽي جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ سندن 25 مئي 2013ع تي جي ايس ٽي طور تقرري گورنمنٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول جوڻا ڳوٺ ۾ ٿي ـ سندن 2023ع ۾ ايڇ ايس ٽي ۾ ترقي ملي ـ سائين جن سماجي اڀياس ، اڙدو ۽ سنڌي جا مضمون پڙھايا آهن ۽ ڪلاس ڇھين ۽ ستين جا ڪلاس ٽيچر رھيا آهن ـ
سائين جن ڪاليج لائف ۾ لڳاتار شاگرد يونين جا بنا مقابلي صدر رھيا آهن ـ سائين جن ماتلي شھري ايڪشن ڪميٽي جا صدر ۽ ماتلي شھري اتحاد جا جنرل سيڪريٽري رھيا آهن ـ سائين جن لغاري برادري جي ست راج پڳدار رھيا آهن ـ سائين جن اقراء يونيورسٽي ٽيسٽ پاس ٽيچرس ايڪشن ڪاميٽي جا مرڪزي عھديدار رھيا ۽ مسلسل چار سال جدوجهد ڪري تقريباً 700 کان مٿي ڪانٽريڪٽي استادن کي ريگيولر ڪرايو ـ اھو سائين جن جي زندگي جو وڏو ڪارنامو آهي ـ سائين جن استادن جي تنظيم گسٽا سنڌ جا ڪارڪن آھن ۽ تعلقي ۽ ضلعي تي عھديدار رھيا آهن ـ سائين جن پنھنجي ھڙان وڙان آفيسن ۾ استادن جا ڪم ڪرڻ ۾ مصروف رھندا آهن ـ سندن خدمتن جي مان ۾ ڪافي ايوارڊ مليا آھن ـ
سائين جن جي خاندان مان سندن ڏاڏي جي ڏاڏي سردار حمزو خان لغاري 1843ع ۾ انگريز سرڪار سان مھاڏو اٽڪايو ھو ـ سندن والد رئيس درياھ خان لغاري زميندار ھو ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ سڀ کان وڏا آهن ـ سندن خاندان مان ڪيترائي ويجھا مائٽ پوليس ، ريوينيو ۽ تعليم کاتي ۽ وڪيل ۽ سياستدان آهن ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي چيو ته خدا جي ٺاھيل ڪنھن به شئي کي ناپسند نه ڪندو آھيان ـ سموري سنڌ ۾ منهنجي دوستن جي وڏي لسٽ آھي ـ ڪنهن ھڪ ٻه جو نالو وٺڻ ٻين سان نا انصافي ٿيندي ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " زندگي جي لاھي چاڙھڻ ۾ مايوس نه ٿيڻ گھرجي بس محنت ڪندو رھجي آخر ڪاميابي نصيب ٿيندي ـ"
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ
.png)
Comments
Post a Comment