Profile # 140 Kewal Ram Rajpoot (HST - GSMHS Tando Allahyar) ڪيول رام راجپوت
محترم جناب سائين ڪيول رام راجپوت صاحب جو جنم 12 فيبروري 1964ع تي ٽنڊوالھيار جي انڙ پاڙي ۾ ٿيو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول غلام محمد انڙ ٽنڊوالھيار مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ـ مئٽرڪ جو امتحان گورنمنٽ ايس ايم هاء اسڪول ٽنڊوالهيار مان پاس ڪيو ـ شاھ عبداللطيف گورنمنٽ سائنس ڪاليج ميرپور خاص مان ٻارهون درجو پاس ڪيو ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان گريجوئيشن ۽ سياسيات ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ـ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ، اسلام آباد مان بي ايڊ ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ، ٽنڊو ڄام مان فرسٽ ڊويزن ۾ ايم ايڊ جي پروفيشنل ڊگري حاصل ڪئي ـ شاگردي واري زماني ۾ والي بال جا رانديگر رھيا آهن ـ
سائين جن 1980ع ڌاري عمرڪوٽ مان شادي ڪئي جنھن مان پنج پُٽ ۽ ست نياڻين جو اولاد ٿيو ـ سندن والد موميا راجپوت صاحب لوهارڪو ڪم ڪندو هو جنهن مان هن جو گھر جو گذر سفر ۽ ٻارن جي تعليم جو خرچ پڻ هلندو هو ـ سندن والد صاحب جو انتقال 1983ع ڌاري ٿيو ـ انهي دوران گھر جو ۽ تعليم جو بار سندن جي ڪلهن تي ﭘﻴﻮ ـ پوءِ سائين جن محنت مزدوري ڪندي اُهو ڏکيو وقت گذاريو ـ اُنهيءَ دوران مهراڻ شگر ملز ٽنڊوالهيار ۾ ڪلارڪ طور ڀرتي ٿيا ۽ ترقي حاصل ڪري سينئر ڪلارڪ تائين پهتا ـ سائين جن مل ۾ پورا 12 سال سيزنل جاب ڪئي ـ سائين جن کي تعليم کاتي ۾ 7 جون 1988ع تي جي ايس ٽي جو آرڊر مليو ۽ سندن تقرري گورنمنٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو قيصر ۾ ٿي ـ اُنهيءَ کانپوءِ گورنمنٽ بوائز مڊل اسڪول بڪيرا شريف ۽ گورنمنٽ بوائز مڊل اسڪول کوکر ۾ به رهيا ـ سندن 2 مئي 1995ع تي ايڇ ايس ٽي طور ترقي ٿي ۽ سندن پوسٽنگ گورنمنٽ بوائز هاءِ اسڪول پيارو لُنڊ ۾ ٿي ـ اُنهيءَ کان پوءِ گورنمنٽ بوائز مڊل اسڪول مسو بوزدار ۾ بہ رهيا ۽ سال 2001ع ڌاري گورنمنٽ ايس ايس هاء اسڪول ٽنڊوالهيار ۾ بدلي ٿي جتان سائين جن مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ھو ـ سائين جن 23 سالن تائين انھي اداري ۾ ڪم ڪندا رهيا ۽ 11 فيبروري 2024ع تي پنهنجي ملازمت جا سٺ سال پورا ڪري رٽائرڊ ٿيا ـ سندس تعليم کاتي ۾ ڪيل خدمتون ياد رکيون وينديون ـ سائين جن کي انگريزي ، رياضي ، طبيعات ، ڪيميا ۽ حياتيات جي مضمونن ۾ ڪافي عبور حاصل آهي ـ اهي مضمون اڪثر ڪري ھن هر اسڪول ۾ پڙهايا ۽ هن جي سمجھائڻ جو انداز به نرالو آهي ـ
سائين جن علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ، اسلام آباد طرفان 2001ع ۾ بي ايڊ جو سينٽر گورنمنٽ ايس ايم هاءِ اسڪول ۾ قائم ڪيو جيڪو ٽنڊوالھيار ضلعي لاء تمام وڏو موقعو ھو ـ ان سينٽر ۾ پنهنجي محنت سان داخلا جي مھم ھلائي مئٽرڪ کان وٺي پوسٽ گريجوئيٽ تائين ڪورسز متعارف ڪرايا ۽ انھن ڪورسز جي امتحانن جي سينٽر جو پڻ انٽرنل سپرنٽينڊنٽ ٿي خدمتون سر انجام ڏنيون ـ ڪيترن ئي شاگردن هن تعليم مان فائدو ورتو ـ سائين جن بورڊ آفيس جون ذميواريون بطور انٽرنل سپرنٽينڊنٽ ۽ ڪاليج جو سينٽر ھجڻ ڪري امتحانن ۾ انٽرنل سپرنٽينڊنٽ جون ذميواريون به نڀايون آهن ـ سائين جن تعليم کاتي ۾ مختلف ٽريننگز ۾ ماسٽر ٽرينر طور ۽ ٽرينر آف ماسٽر ٽرينر طور ڪم ڪيو ـ سائين جن پوري ملڪ جو سير سفر ڪيو ۽ هڪ دفعو ڀارت ياترا تي بہ ويا ـ سندن خدمتن جي مان ۾ بطور ماسٽر ٽرينر ۽ سماجي خدمتن عيوض ڪيترائي ايوارڊ مليا آهن ـ
سائين جن پنهنجي ڪميونٽي ۾ پھريان فرد آهن جيڪي تعليم کاتي ۾ ايڇ ايس ٽي جي عھدي تائين رھيا ـ سندن ڪميونٽي ۾ تعليم نه ھئڻ برابر ھئي پوء سائين جن پنهنجي ڪميونٽي ۾ سوامي پرمانند ايجوڪيشنل فائونڊيشن جي پليٽ فارم تان سڄي سنڌ ۾ پنهنجي ڪميونٽي کي وزٽ ڪيو ۽ تعليم جي لاء جاڳرتا پيدا ڪئي ـ سندن ڪوششن سان سندن ڪميونٽي جا ماڻهو ڊاڪٽر ۽ انجنيئر کان علاوھ مختلف سرڪاري ملازمتن ۾ ڀرتي ٿيا ۽ اھو سڄو ڪم سائين جن والنٽرلي پنهنجي ڪميونٽي جي ڀلائي جي لاء ڪيو ـ سائين جن پنهنجي ڪميونٽي جي ٻارن ۾ ڪوئز ڪامپٽيشن ڪرائيندا رھندا آهن ۽ ونرز کي انعام پڻ ڏيندا آهن ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي چيو ته مون پنهنجي سڄي زندگي ۾ اھا ڪوشش ڪئي آهي ته ڪنهن غريب جو دل نه ڏکايان ۽ انهن جي مدد ڪيان جيڪي ڪائونسلنگ لاء يا تعليم بابت ڪنهن به قسم جي معلومات لاء مون وٽ پھچندا ھئا ته وقت نه ھوندي به وقت ڪڍي آئون انھن کي مان ڏيندو ھوس ۽ انھن کي رستو ڏيکاريندو ھوس ـ اڄ الله جي مھرباني سان ضلعو ٽنڊوالھيار ۾ 70% کان مٿي منهنجا شاگرد آهن جيڪي تعليم کاتي ۽ مختلف کاتن ۾ ملازمت ڪري رھيا آهن ۽ پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪري رھيا آهن ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪري رھيا آهن ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻھن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو : " محنت سان پڙھو ۽ اڳيان وڌو ـ پنهنجي قابليت ۽ ڪردار جي ذريعي دنيا آڏو پاڻ کي مڃرائي ڏيکاريو ـ"
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment