Profile # 139 Mansoor Haider Majeedano (PST - GBPS Bachal Kolachi) منصور حيدر مجيداڻو

 

محترم جناب سائين منصور حيدر مجيداڻو صاحب جو جنم 8 آگسٽ 1992ع تي ٽنڊوالھيار ۾ ٿيو ـ سائين جن اقصٰي ھائر سيڪنڊري اسڪول ، ٽنڊوالهيار مان انٽر تائين تعليم حاصل ڪئي ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄام شورو مان بي ايس سي ۽ رورل ڊولپمينٽ ۾ پھرين پوزيشن ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي -

سائين جن پنهنجي ٽيچنگ ڪيريئر جي شروعات پرائيويٽ اسڪولز ۾ ٽيچنگ سان ڪئي ـ سائين جن مختلف سماجي تنظيمن ۾ ڪم ڪيو جتي سندن بھترين ڪارڪردگي تي انعام پڻ مليا جن ۾ :

• يو اين ھيبيٽيٽ جي واش پروجيڪٽ بدين ۾ سوشل موبلائيزر طور ڪم ڪيو ـ

• اين آر ايس پي ۾ ايس او ۽ فيلڊ اسسٽنٽ طور ڪم ڪيو ـ

•اين آء پي ايس اسلام آباد ۾ لسٽر ميپر طور ڪم ڪيو ـ

• مجيداڻا فائونڊيشن ۾ پروجيڪٽ اسسٽنٽ آفيسر طور ڪم ڪيو ـ

• ٽيوشن سينٽرز ۾ به پڙھايو ـ

• ھڪ مشھور ڪمپيوٽر سينٽر فيوچر ٽيڪ ۾ ليب اسسٽنٽ ۽ ڪمپيوٽر ٽيچر طور ڪم ڪيو ـ

سائين جن تعليم کاتي ۾ آء بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ 5 سيپٽيمبر 2022ع تي پي ايس ٽي طور گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، بچل ڪولاچي ، ٽنڊوالھيار ۾ مقرر ٿيا ـ

سائين جن تعليم کي جاري رکڻ لاء ھوم بزنس به ڪيو ۽ ڇولا به کپايا ۽ محنت ڪري تعليم سان گڏ پنهنجي گھر کي پڻ سپورٽ ڪيو ـ سائين جن کي وقت جي پابندي پنهنجي ڪم ۾ مصروف رھي اڳتي وڌڻ ، ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ ۽ قدرتي نظارن مان لطف اندوز ٿيڻ پسند آھي ـ سائين جن جو يوٽيوب چينل ديسي پوئٽ پروڊڪشن آهي ۽ فيسبوڪ پيج گ ب پ ا بچل ڪولاچي ايم سي ٽنڊوالھيار جا ايڊمن آهن ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي پنهنجي خاندان جو پس منظر ٻڌائيندي چيو ته " اسين پھرين پير جي ماڙي ٽنڊو آدم شھر ۾ رھندا ھئاسين ـ اتي اسان جو ٻني ٻارو ۽ چوپايو مال ھو ـ منهنجو ڏاڏو ڊاڪٽر غلام نبي مجيداڻو ھو ۽ ھڪ خوشحال خاندان ھو ـ پر 1900ع ڌاري ٻوڏ آئي ۽ اسين پنھنجا ٻنيون ٻارا وڪڻي ٽنڊوالھيار لڏي آياسين ۽ ھڪ نئين زندگي جي شروعات ڪئي ـ ٽنڊوالھيار ۾ سادگي جي زندگي اختيار ڪئي جيڪا اڄ تائين آهي ـ"

سائين جن جو والد ابرار احمد "ابر" مجيداڻو صاحب زراعت کاتي ۾ ڊائريڪٽر مونيٽورنگ آهي ۽ ادب سان لڳاء جي ڪري شاعري پڻ ڪندو آهي ـ سائين جن ڀائرن ۾ ٻئي نمبر تي آهن ـ سندن وڏي ڀاء ڊاڪٽر شمس الدين مجيداڻو ڊي وي ايم ڪئي آهي ۽ ويٽنري ڊاڪٽر آهي ـ ٻيو ڀاء محسن مجيداڻو ڪورٽ ۾ ڪلرڪ آهي ـ ٽيون ڀاء علي حيدر مجيداڻو ماحولياتي سائنس ۾ ايم فل جو شاگرد آهي ۽ چوٿون ڀاء سجاد علي مجيداڻو ايل ايل بي جو شاگرد آهي ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن ۽ عام ماڻھن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " علم شعور جي اک آهي ـ علم حاصل ڪريو اڳتي وڌو ـ دنيا وارن ۽ دين جي خدمت ڪريو ـ علم سکو ۽ سيکاريو ـ سال ۾ ٻه ڪتاب ضرور پڙھو ـ والدين ۽ استاد جو ادب ڪريو توھان کي ھر جاء تي ڪاميابي ملندي ـ دعا گھرو ته سڀني لاء گھرو توهان جي دعا ضرور قبول ٿيندي -"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل