Profile # 135 Faiz Muhammad Jhatial (PST - GBPS Syed Ali Asghar Shah) فيض محمد جھتيال
محترم جناب سائين فيض محمّد جھتيال صاحب جو جنم 9 جنوري 1968ع تي ضلعو دادو جي ڳوٺ ٻُرڙا ، تعلقو ميھڙ ۾ ٿيو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ٻُرڙا مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ بوائز مڊل اسڪول ٻيٽو جتوئي مان اٺون درجو ۽ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول شمس الدين بلبل ميھڙ مان 1983ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ، خيرپور ناٿن شاھ مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ مخدوم بلاول ايليمينٽري ڪاليج ، دادو مان پي ٽي سي جو ڪورس ڪيو ـ ايس ايس آء سي مان ڇھن مھينن جو ويلڊنگ جو ڪورس به ڪيو آهي ـ
سائين جن کي تعليم کاتي ۾ 6 نومبر 1990ع تي پي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سندن تقرري گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول سيد علي اصغر شاھ ، ميھڙ ۾ ٿي ـ سائين جن اسڪول ۾ وڏو عرصو نائب ماستر ٿي رھيا ـ سائين جن پرائمري جا سڀ مضمون دل جي گھرائين سان پڙھايا آهن ـ پڙھائڻ ۾ نوان طريقا ڪتب آڻي شروعات ۾ سينئر استادن پاران تنقيد جو نشانو بڻيا پر پوء رات ڏينهن محنت ڪري نالو روشن ٿيو ـ سندن ڪاميابي جو راز ڪتاب سان محبت ۽ طبيعت ۾ شفقت ھو ـ سندن خدمتن جي مان ۾ جملي اسڪالرشپ ايوارڊ مليل آهن ـ سائين جن ڪجھ عرصو سياسي بدلين کانسواء ملازمت جو سڄو عرصو ساڳي ئي اسڪول ۾ رھيا ۽ 18 آگسٽ 2016ع تي ريٽائرمينٽ ورتي ـ
سائين جن استادن جي تنظيم پ ٽ الف جا ڪارڪن رھيا آهن ۽ استادن جي ھر ڪم ڪار ۾ گڏجي ڪم ڪيو ـ سائين جن آل پاڪستان جھتيال اتحاد جون ڪيتريون ئي گڏجاڻيون ڪوٺايون آهن ۽ جھتيال برادري ۾ ايڪي ۽ اتحاد لاء اڳي کان اڳرا رھيا آهن ـ سندن تعليم سان گڏ ٽرانسپورٽ سنڀالڻ جو به تجربو آهي ـ
سائين جن جو خاندان تعليمي ۽ اسلامي سرگرمين جي ڪري سڄاتو وڃي ٿو ـ سندن والد غلام سرور جھتيال زميندار ھو ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ پنجون نمبر آهن ـ سندن ننڍو ڀاء محمّد صديق جھتيال پوليس کاتي ۾ وائرليس آپريٽر آهي ـ سائين جن ميھڙ مان ھجرت ڪري ٻارن جي تعليم واسطي ڄامشورو ۾ آباد ٿيا ـ سندن اولاد ۾ ٻه نياڻيون ۽ ٽي فرزند آهن ـ سندن وڏي نياڻي سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان بي ايس انگريزي جي ڊگري حاصل ڪئي آهي ـ ٻي نياڻي مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ، ڄامشورو مان بي ايس ڪمپيوٽر سائنس جي ڊگري حاصل ڪئي آهي ـ سندن وڏو فرزند محمّد حسن جھتيال شھيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ، نوابشاھ ۾ ايم بي بي ايس جو شاگرد آهي ٻيو فرزند محمّد جان جھتيال ۽ ٽيون فرزند محمّد جھتيال مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ، ڄامشورو ۾ بي اي ٽيليڪام ۽ بي اي ڪمپيوٽر سسٽم جا شاگرد آهن ـ سائين جن پنهنجي خاندان جا پھريان فرد آهن جنهن گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪئي ۽ اڄ سندن ٻنھي ڀائرن جي مجموعي خاندان مان ٻه ڊاڪٽر ، پنج انجنيئر ۽ ھڪ ميل نرس آهن ـ سندن ھڪ ڀائٽيو ثقلين صديق جھتيال اسڪالرشپ تي ترڪي ۾ ماسٽرس ڪري رھيو آهي ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " تعليم حاصل ڪرڻ لاء ھر شيء جي قرباني ڏيو ـ تعليم حاصل ڪريو ۽ اڳتي وڌو - پاڻ مٿان تنقيد کي برداشت ڪريو ۽ انھن دوستن جا ٽيم ميمبر بڻجو ۽ انھن سان گڏ ڪم ڪري انھن جا ليڊر بڻجو جيئن اھي توھان جا نعرا ھڻن ـ"
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment