Profile # 149 Salahuddin Korai (PTI - GBHS Campus AB Shoro Kotri) صلاح الدين ڪورائي


محترم جناب سائين صلاح الدين عرف راجه ڪورائي صاحب جو جنم پھرين جنوري 1979ع تي ضلعو دادو جي ڳوٺ مراد چانڊيو، تعلقو خيرپور ناٿن شاھ ۾ ٿيو. سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول خيرپور ناٿن شاھ مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي. گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ڪوٽڙي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. علي بابا گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج، ڪوٽڙي  مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو. سنڌ زرعي يونيورسٽي، ٽنڊو ڄام مان زراعت ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو مان اسلامڪ ڪلچر ۾ ماسٽرس کان علاوھ بي ايڇ پي اي ڊي جي پروفيشنل ڊگري ۽ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور مان بي ايڊ جي پروفيشنل ڊگري پڻ حاصل ڪئي.

سائين جن خانگي ڪمپنين ۽ اين جي اوز ۾ ڪم ڪيو آهي ۽ ڪجھ عرصو ڊيري فارم تي پڻ ڪم ڪيو آهي. سائين جن کي تعليم کاتي ۾ 30 مئي 1998ع تي پي ٽي آء جو آرڊر مليو ۽ سندن تقرري گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول اشاعت الاسلام ڪوٽڙي ۾ ٿي. سائين جن پنهنجي ملازمت جو عرصو جن اسڪولن ۾ گذاريو تن ۾ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ڪوٽڙي، گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ميھڙ، گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول پيٽاڙو، گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول خورشيد ڪالوني، ڪوٽڙي ۽ سندن 2009ع ۾ بدلي گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ڪيمپس الھبچايو شورو ڪوٽڙي ۾ ٿي. سائين جن انگريزي، سنڌي، سائنس ۽ اردو جا مضمون پڙھايا آهن ۽ ڇھين ڪلاس جا ڪلاس ٽيچر رھيا آهن. سائين جن استادن جي تنظيم گسٽا سنڌ جا ڊپٽي جنرل سيڪريٽري تعلقو ڪوٽڙي ۽ يونٽ الھبچايو شورو ۾ نائب صدر ۽ جنرل سيڪريٽري رھيا آهن. سائين جن جي پسنديدھ شخصيت سندن والد آھي جيڪو سندن آئيڊيل ٽيچر ھو. سندن بھترين استادن ۾ سائين نور محمد مشوري، سائين احمد بخش بلوچ، سائين سرور نواز ٻگھيو، سائين منظور احمد پنھور، پروفيسر امتياز احمد نظاماڻي ۽ سندن وڏو ڀاء طارق حسين ڪورائي شامل آهن. سائين جن ڪرڪيٽ، والي بال، ٽيبل ٽينس ۽ فوٽ بال جا رانديگر آهن. سندن خدمتن جي مڃتا ۾ بھترين استاد جو ايوارڊ پڻ مليو آهي.

سائين جن جو ڏاڏو محمد صديق ڪورائي انگريزن جي دور ۾ پوليس کاتي ۾ سپرنٽينڊنٽ طور رٽائرڊ ٿيو. سندن والد سائين شمس الدين ڪورائي گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول مانجھند مان ھيڊ ماستر طور رٽائرڊ ٿيو. سائين مرحوم شمس الدين ڪورائي جن کي ٽي ڀائر ھئا ڊاڪٽر اصغر علي ڪورائي، اڪبر علي ڪورائي ۽ سردار اختر علي ڪورائي جيڪي تمام وڏن عھدن تي فائز رھيا. سندن والد مرحوم ھڪ بھترين استاد رھيا آهن سائين جن جا شاگرد جج، پوليس آفيسر، استاد ۽ ٻين وڏن عھدن فائز ٿيا آهن. سندن والد جي انگريزي جي لکت ڊرافٽنگ تمام گھڻي خوبصورت ۽ مشھور ھئي جنهن سبب سندن کان ماڻهو پري پري کان اچي لکت لکرائيندا ھئا. سندن والد ھڪ عظيم استاد محبتي انسان ۽ محنتي ماڻهو ھئا. سندن والد تمام گھڻا مھمانواز رھيا سندن اوطاق تي سدائين ڳوٺاڻن ۽ پري پري کان دوست يارن جو سندن اوطاق تي اچڻ رھندو ھو ماڻهن جو سائين جن سان وڏو پيار ۽ احترام جو رشتو ھوندو ھو. سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ ٽيون نمبر آهن. سندن وڏو ڀاء الطاف حسين ڪورائي پوليس کاتي ۾ ڊي ايس پي طور رٽائرڊ ٿيو. سندن ٻيو وڏو ڀاء طارق حسين ڪورائي رياضي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور گورنمنٽ گرلز ھائر سيڪنڊري اسڪول ڄامشورو ڪالوني ۾ دوران ملازمت وفات ڪئي. سندن مامو سليم اختر صديقي پوليس کاتي ۾ ڊي آئي طور رٽائرڊ ٿيو.

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو "علم حاصل ڪريو ڇو ته علم جي تمام گهڻي اھميت آهي. علم کانسواء ڪجھ نٿو ڪري سگهجي." ان کان وڌيڪ سائين جن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته "اڄ ڪلھ جي معاشري ۾ نشو واپرائڻ نوجوانن لاء تمام خطرناڪ عمل آهي ۽ اھو عمل اڄ ڪلھ جي نوجوانن ۾ تمام گھڻو وڌي ويو آهي. جنهن کان انهن کي بچائجي ۽ انهن تي خاص نظر ۽ توجهه رکجي سٺو ماحول انهن کي ڏجي جيئن نوجوان نسل برين عادتن کان بچي سگهي ۽ پنهنجي مستقبل ڏانهن ڌيان ڏئي سٺو ۽ ڪارائتو شھري بڻجي سگهي. پنهنجي والدين جو نالو روشن ڪري ۽ پنهنجي والدين جي خدمت ڪري سگهي.  والدين کي گھرجي ته پنهنجي اولاد جي پوئواري ۽ سٺي تربيت ڪن جيئن ٻار ۾ تعليم لاء دلچسپي وڌي. علم سان ئي انسان دنيا ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿو."

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي.

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل