Posts

Showing posts from July, 2023

Profile # 36 Omer Noor Qureshi (PST - GBHS, Labour Square, Kotri) عمر نور قريشي

Image
  محترم جناب سر عمر نور قریشی صاحب کا جنم 21 مئی 1990ع میں ضلع جامشورو کے شہر کوٹری میں ہوا ـ آپ کے والد نور محمد ولد نور عالم قریشی صاحب کوئٹہ ٹیکسٹائل مل نمبر 1 سے فورمین ریٹائر ہوۓ ۔ آپ کے والد صاحب کا تعلق آزاد کشمیر کے ضلع باغ کی انتہائی خوبصورت وادی چلندراٹ سے ہے ۔ آپ کے والد صاحب چھوٹی سی عمر میں کشمیر سے کراچی آ گئے ۔ ملازمت کے سلسلے میں پہلے کراچی ، پھر حیدرآباد اور پھر کوٹری آ گئے اور ایک لمبے عرصے تک کوئٹہ ٹیکسٹائل مل نمبر 1 میں ہیلپر سے فورمین تک ترقی کی اور اپنی اولاد کی بہتر سے بہتر تعلیم و تربیت میں ہمیشہ کوشاں رہے ، خود تو نہ پڑھ لکھ سکے لیکن اپنی اولاد کی تعلیم و تربیت میں کوئی کسر نہ چھوڑی اور 2010ع میں طبیعت کی ناسازی کی وجہ سے ریٹائر ہو گئے ۔ آپ نے دوست محمد ہائی اسکول ، کوئٹہ ٹیکسٹائل مل نمبر 1 سے پرائمری سے میٹرک تک تعلیم حاصل کی ۔ آپ کی کلاس کچی سے میٹرک تک پہلی پوزیشن رہی ۔ آپ نے 2011ع میں علی بابا گورنمنٹ ڈگری کالج ، کوٹری سے پری انجینئرنگ میں انٹر پاس کیا ۔ آپ نے سندھ یونیورسٹی ، جامشورو سے بی ایس سی کا امتحان پاس کیا ۔ آپ نے 2016ع میں بی ایڈ اور 2018ع میں...

Profile # 35 Syed Naeem Ahmed Shah (PST - GBHS, Labour Square, Kotri) سيد نعيم احمد شاھ

Image
Sir Syed Naeem Ahmed Shah (Lakiyari) was born on December 20, 1989 at village Phulji Station, Taluka Dadu in District Dadu of Sindh. His father Sajid Ali Shah had a private job in Saudia Arabia. He got his primary education from Government Boys Primary Campus School, Phulji Station. From a private school, White Palace High School, Kotri, he got his middle education. He passed his matriculation examination from Dewan Mushtaq High School, Kotri in 2006. He passed his Intermediate examination from Government Boys Higher Secondary School, Phulji Station in 2008. He got his Bachelor of Commerce (B.Com) and Masters of Commerce (M.Com) degrees from Government Ghazali College, Latifabad No.11 (Affiliated with University of Sindh, Jamshoro) in 2011 & 2013 respectively. He got his Bachelor of Education (B.Ed) and Masters of Education (M.Ed) degrees from Elsa Kazi Campus (Old Campus), Hyderabad in 2017 & 2019 respectively. He also passed Masters of Arts (M.A.) in Islamic Culture from Univ...

Profile # 34 Qurban Ali Channa (PTI - GBHSII Kotri) قربان علي چنہ

Image
  محترم جناب سائين قربان علي چنہ صاحب جو جنم 26 ڊسمبر 1972ع تي ضلعو دادو جي ڳوٺ خانپور ، تعلقو خيرپور ناٿن شاھ ۾ ٿيو ـ سائين جن جا ڏاڏا حڪيم صادق چنہ ھڪ مڃيل يوناني حڪيم ھو ۽ تعليم کاتي ۾ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، کاٿڙي ، تعلقو خيرپور ناٿن شاھ مان ھيڊ ماستر رٽائر ٿيو ھو ـ سائين جن جو والد عبدالرزاق چنا بہ ھڪ يوناني حڪيم ھئا ۽ تعليم کاتي ۾ گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول ، اشاعت الاسلام ، ڪوٽڙي مان ايڇ ايس ٽي رٽائر ٿيو ھو ـ سائين جن پرائمري جي تعليم گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، خانپور مان حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، خانپور مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ، خيرپور ناٿن شاھ مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن کي بي ايڇ پي اي ڊي ۾ تعليم دوران سو سيڪڙو (%100) حاضري تي سڄي فيس واپس ڪئي وئي ـ سائين جن ايم ايڇ پي اي ڊي جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي جي ايلسا قاضي ڪيمپس (اولڊ ڪيمپس) ، حيدرآباد مان بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن ڪمپيوٽر ۽ ٽائيپنگ جو ڪورس بہ ڪيو آهي ـ سائين جن ڪافي عرصو ڪنسٽرڪشن ٺيڪيدار طور ڪم ڪيو...

Profile # 33 Imdad Ali Channa (HST - GBHS, Lakki Shah Saddar) امداد علي چنہ

Image
محترم جناب سائين امداد علي چنہ صاحب جو جنم 4 مئي 1987ع تي ضلعو ڄامشورو جي ڳوٺ باگو واھڻ ، تعلقو سيوھڻ شريف ۾ ٿيو ـ سائين جن جو والد محمد دائود چنہ ھڪ مزدور ھو ـ سائين جن پرائمري جي تعليم گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، تجر ، سيوھڻ شريف مان حاصل ڪئي ـ سائين جن پرائمري ۾ پھريون نمبر ايندا ھئا ۽ ڪلاس جا مانيٽر ھئا ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، سيوھڻ شريف مان 2003ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽ ڪلاس اٺين جي سالياني امتحان ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ، سيوھڻ شريف مان 2005ع ۾ پري ميڊيڪل ۾ انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان ايم اي سماجيات ۽ ايم اي سنڌي جا امتحان پاس ڪيا آهن ـ سائين جن علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي ، اسلام آباد مان 2017ع ۾ بي ايڊ ۽ 2019ع ۾ ۽ ايم ايڊ جا امتحان پاس ڪيا ـ سائين جن ڊپلوما ان انفارميشن ٽيڪنالاجي جو ڪورس بہ ڪيو آهي ـ سائين جن پنهنجي ٽيچنگ ڪيريئر جي شروعات آئيڊيل پبلڪ اسڪول ، سيوھڻ شريف مان ڪئي ـ سائين جن ان اسڪول ۾ پنج سال پڙھائيندا رھيا ـ ان کانپوء سائين جن سنڌ پبلڪ اسڪول ، سيوھڻ شريف ۾ ٻہ سال پڙھايو ـ سائي...

Profile # 32 Piyar Ali Bung (PST - GBPS, Nagoline, Kotri) پيار علي ٻنگ

Image
  محترم جناب سائين پيار علي ٻنگ صاحب جو جنم 19 ڊسمبر 1963ع ۾ دادو ضلعي جي تعلقي خيرپور ناٿن شاھ جي ڳوٺ گل ٻنگ لڳ گوزو ۾ ٿيو ـ سائين جن پنهنجي پوري خاندان ۾ پهريون شخص آهن جيڪو سرڪاري نوڪري جي لحاظ کان استاد ٿيا ـ سائين جن کان پهريان ڪو به سرڪاري استاد سندن خاندان ۾ نه ٿيو هو ۽ سائين جن کان سندن خاندان ۾ علم جي روشني وڌي ـ سائين جن جي والد صاحب جو نالو الهداد ولد مولوي دين محمد ٻنگ آهي ـ سائين جن جو والد الهداد ٻنگ صاحب هڪ محنتي هاري سان گڏ هٿ جو پورهيو ۽ محنت ڪندڙ هيو ـ سائين جن جا 2 ننڍا ڀاء غلام مصطفي ٻنگ ۽ شاهنواز ٻنگ آهن ـ سائين جن جو ننڍو ڀاء غلام مصطفي ٻنگ گورنمنٽ پرائمري مسجد اسڪول نزد لطيف چوڪ ، ڪوٽڙي ۾ نائب قاصد آهن ـ جڏهن ته شاهنواز ٻنگ بلديه ڊپارٽمنٽ ۾ هڪ سرڪاري ڊرائيور آهن ـ سائين جن پرائمري جي تعليم گورنمنٽ پرائمري اسڪول ، گوزو شريف مان حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ جي تعليم هاء اسڪول گوزو شريف مان 1980ع ۾ حاصل ڪئي ـ پوء انٽرميڊيئيٽ جي تعليم استاد بخاري گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ، دادو مان حاصل ڪئي ـ سائين پيار علي پنهنجي استاد يار محمد سولنگي جي شخصيت ۽ پڙهائڻ واري انداز کان تمام گهڻو مت...

Profile # 31 Muhammad Sajid Kardar (PST - GBLSS, Sikandarabad, Kotri) محمد ساجد کاردار

Image
محترم جناب سر محمد ساجد کاردار صاحب 25 اگست 1985ع کو ضلع جامشورو کے علاقے ٹیلیگراف کالونی ، تعلقہ کوٹری میں پيدا ہوئے ـ آپ کے والد عبدالستار کاردار صاحب ، پاکستان ریلوے میں اسٹور اشوئر تھے جو نومبر 2022ع میں ریٹائر ہو گئے ہیں ۔ آپ خاندانی پیشے کے اعتبار سے لوہار ہیں ۔ آپ کے والد نے مڈل کلاس ہونے کے باوجود انتھک محنت کی ، خود تو انٹر تک تعلیم حاصل کی لیکن اپنے بچوں کو پیٹ پر پتھر باندھ کر بھی ماسٹرز کروایا ۔ آپ بھائیوں اور بہنوں میں سب سے بڑے ہيں ـ آپ نے پرائمری کی تعلیم گورنمنٹ اقراء پرائمری سکول ، سکندرآباد ، کوٹری سے حاصل کی ـ آپ نے گورنمنٹ بوائز ھائی سکول ، کوٹری سے ميڻرک کا امتحان پاس کيا ـ آپ نے گورنمنٹ سڻی کالج ، حيدرآباد سے انڻر کا امتحان پاس کيا ـ آپ نے گورنمنٹ ڈگری کالج ، لطيف آباد ، حيدرآباد سے بی کام میں گريجوئيشن کيا ہے ـ آپ نے سندہ يونيورسٹي ، جامشورو سے ایم اے انگلش اور ایم اے اردو کیا ہے اور 2010ع میں بی ایڈ کرنے کے بعد 2012ع میں ایم ایڈ سندہ يونيورسٹي کے ايلسا قاضی کيمپس (اولڈ کیمپس) ، حیدرآباد سے کیا ہے ۔ آپ کے بہترین اساتذہ سر غلام مصطفٰی خشک اور سید قطب الحسنین شاہ ہ...

Profile # 30 Sarfaraz Ali Memon (HST - GBHSII Kotri) سرفراز علي ميمڻ

Image
  محترم جناب سائين سرفراز علي ميمڻ صاحب 1 جنوري 1981ع ۾ ضلعو ڄامشورو جي شھر ڀان سيد آباد ، تعلقو سيوھڻ شريف ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن جو ڏاڏو برادي خان ، ڇٽاڻي ميمڻ ھو ۽ نانو محمد ھاشم ، فاضلاڻي ميمڻ ھو ـ سائين جن جو والد حاجي احمد ميمڻ ھڪ آبادگار ۽ مالوند ھو ـ  سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، ڀان سيد آباد مان پرائمري جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن گورنمنٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول ، ڀان سيد آباد مان مئٽرڪ ۽ انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ، سيوھڻ شريف مان گريجوئيشن ۽ ماسٽرس جا امتحان پاس ڪيا ـ سائين جن بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جا امتحان شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ، ڪيمپس دادو مان پاس ڪيا ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي جي ايلسا قاضي ڪيمپس (اولڊ ڪيمپس) حيدرآباد مان ايم فل جو امتحان بہ پاس ڪيو آهي ـ سائين جن فارميسي ۾ بہ ڪم ڪيو آهي ۽ سب انجنيئر طور پڻ ڪم ڪيو آهي ـ سائين جن تعليم کاتي ۾ آئي بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ سائين جن کي 1 آگسٽ 2008ع ۾ جي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سائين جن جي اپائنٽمنٽ گورنمنٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول ، ڀان سيد آباد ۾ ٿي ـ سائين جن جو 2015ع ۾ ايڇ ايس ٽي طور پرومو...

Profile # 29 Mahar Dil Memon alias Dodo Memon (Assistant - DEO ES&HS Jamshoro) مھر دل ميمڻ عرف دودو ميمڻ

Image
محترم جناب سائين مهر دل ميمڻ عرف دودو ميمڻ صاحب 20 ڊسمبر 1988ع تي ضلعو ڄامشورو جي شھر سيوهڻ شريف ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن جا ڏاڏا سائين عبدالرزاق ميمڻ صاحب لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ ھيلٿ سائنسز (لمس) ، ڄامشورو ۾ مالهي ھئا ـ سائين جن جا والد محمد اسمٰعيل ميمڻ صاحب لمس ، ڄامشورو ۾ پوسٽ ماسٽر ھئا ـ سائين جن پرائمري جي تعليم گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، بلديہ ڪالوني ، حيدرآباد مان 1998ع ۾ حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ نور محمد هاء اسڪول ، حيدرآباد مان 2004ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن گورنمنٽ مسلم سائنس ڪاليج ، حيدرآباد مان 2006ع ۾ انٽرميڊيئيٽ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن گورنمنٽ سچل ڪامرس ڪاليج ، هيرآباد ، حيدر آباد مان 2009ع ۾ بي-ڪام ۾ گريجوئيشن جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن 2011ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان سنڌي ۾ ماسٽرس ڪئي ـ سائين جن 2015ع ۾ علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي ، اسلام آباد مان بي ايڊ ۽ لائبريرين جو ڇھن مهينن جو شارٽ ڪورس پڻ ڪيو ـ سائين جن جو پرائمري ۾ سر منظور احمد پنھور بهترين استاد رهيو ، مئٽرڪ ۾ سر تاج علي شاھ صاحب ، سر شعيب ميمڻ ، سر حاميم ميمڻ ، سر عزيز ، سر من...

Profile # 28 Muhammad Hashim Sodhar (OT - GBHS, Labour Square, SITE Area, Kotri) محمد ھاشم سوڍر

Image
  محترم جناب سائين محمد هاشم سوڍر صاحب 1 جنوري 1975ع تي ڳوٺ بانهو سوڍر , پوسٽ آفيس قاضي عارف , تعلقو ميهڙ , ضلعو دادو ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن جا والد حاجي محمد قاسم سوڍر صاحب ڳوٺ کهڙا وليج ۾ ڪپڙي جو ڪاروبار ڪندا ھئا ـ سائين جن جا والد 1988ع ۾ لڏ پلاڻ ڪري ڀٽائي ڪالوني , ڪوٽڙي ۾ آباد ٿيا ۔ سائين جن جي والد برتن اسٽور شاپ , بهار ڪالوني , مين بازار , ڪوٽڙي ۾ ڪاروبار شروع ڪيو ـ سائين جن جو والد صاحب تقريباً 10 کان 15 سال سعودي عرب ۾ رهيا ۽ ڪافي دفعا حج ۽ بيشمار عمرا ڪيا ۔ سائين جن جو ڏاڏا سائين مٺا سائين درگاھ غفاري شريف راڌڻ وارا جا خليفه هئا ۔ سائين جن جا ڏاڏا سائين درگاھ مشوري شريف لاڙڪاڻي ويندا هئا ۽ سائين جن کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندا هئا , درگاھ تي پٽڙو ڀت کاڌو جيڪو سائين جن کي اڄ بـ ياد آهي۔ خليفو حاجي غلام قادر سوڍر آس پاس ڳوٺن ۾ ديني تبليغ ۾ مصروف رهندا هئا ماڻهو کيس گهڻا عزت ڪندا هئا ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ ٻئين نمبر تي آھن ـ سائين جن جا ڀائر ڪاروبار ۽ ڪجھ پرائيويٽ جاب ڪن ٿا ـ سائين جن پرائمري جي تعليم گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , ڳوٺ پيچوها , تعلقو وارھ مان حاصل ڪئي ـ سائين ج...

Profile # 27 Ghulam Ali Palh (PST - GBPS, AD Baloch, Kotri) غلام علي پلھ

Image
  محترم جناب سائين غلام علي پلھ صاحب 29 آگسٽ 1974ع تي ڳوٺ پلھا , پيارو اسٽيشن , تعلقو دادو , ضلعو دادو ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن جو والد محمد موسٰي پلھ تعليم کاتي ۾ پي ايس ٽي رٽائر ٿيا آهن ـ سائين جن پرائمري جي تعليم ڳوٺ پلھا جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ نياز ھاء اسڪول ٽڳا , پيارو اسٽيشن مان مئٽرڪ جو امتحان A-1 گريڊ ۾ پاس ڪيو ـ ٽڳا اسڪول ۾ A-1 گريڊ ۾ پاس ٿيڻ وارا پھريان شاگرد سائين جن ھئا ۽ سائين جن کي اھڙي ڪارڪردگي تي اسڪول طرفان ايوارڊ پڻ مليو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج , دادو مان انٽر جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ ايليمينٽري ڪاليج , دادو مان پي ٽي سي ۽ سي ٽي جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن کي 27 سيپٽيمبر 1993ع ۾ پي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سائين جن جي اپائنٽمنٽ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , خدا بخش مورائي , پيارو اسٽيشن ۾ ٿي ـ سائين جن ملازمت جو ڪجھ عرصو گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , رڪڻ نيئر پاٽ شريف ضلعو دادو , گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , خدا جي بستي , ڪوٽڙي ضلعو ڄامشورو ۽ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , غوثيہ ڪالوني , ڪوٽڙي ۾ خدمتون سر انجام ڏن...

Profile # 26 Syed Jurial Shah Lakiyari (HST - GBHSII Kotri) سيد جڙيل شاھ لڪياري

Image
  محترم جناب سائين سيد جڙيل شاھ لڪياري صاحب 31 ڊسمبر 1971ع تي ڳوٺ دين محمد شاھاڻي , تعلقو دادو , ضلعو دادو ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن جي والد جو نالو سيد نظر محمد شاھ آهي ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ ٻيو نمبر آهن ـ سائين جن پرائمري جي تعليم گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , موندر مان حاصل ڪئي ـ سائين جن مڊل جي تعليم گورنمنٽ مڊل اسڪول , موندر مان حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ طالب الموليٰ ھاء اسڪول , دادو مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن گورنمنٽ ڊگري ڪاليج , جوھي مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي , ڄامشورو مان ايم اي اسلامڪ ڪلچر جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن پي ٽي سي ۽ سي ٽي گورنمنٽ شھباز ڪاليج , دادو مان پاس ڪئي ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي جي ايلسا قاضي ڪيمپس (اولڊ ڪيمپس) , حيدرآباد مان بي ايڊ ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي , ٽنڊوڄام مان ايم ايڊ جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن کي اسٽوڊنٽ لائف ۾ ڪوڏي ڪوڏي , والي بال , ونجھ وٽي , بلور کيڏڻ , لغڙ اڏائڻ ۽ اٽي ڏڪر راندين ۾ مھارت حاصل ھئي ـ سائين جن 6 مھينا سنڌ پوليس ۾ ڪانسٽيبل طور ضلعو ٺٽو ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون ۽ ھڪ مھينو شھدادپور ۾ ٽرينن...

Profile # 25 Manzoor Ahmed Shahani (Superintendent - GBHSII Kotri) منظور احمد شاھاڻي

Image
محترم جناب سائين منظور احمد شاھاڻي صاحب 15 مئي 1963ع تي ڳوٺ ٻيلو خان شاھاڻي , لڳ موندر , تعلقو دادو , ضلعو دادو ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن جو خاندان بہ تعليم کاتي ۾ سرڪاري ملازمت ۾ رھيو آهي ـ سائين جن جو والد حاجي محمد قاسم شاھاڻي تعليم کاتي ۾ پي ايس ٽي ھئا ۽ وڏو عرصو مسجد ۾ پيش امام جا فرض نڀائيندا رھيا ۽ ٻارن کي ديني ۽ دنياوي تعليم ڏيندا رھيا ـ سائين جن پرائمري جي تعليم گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , ٻيلو خان شاھاڻي مان حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , موندر مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن انٽر ڪمرشل ڪاليج , دادو مان پاس ڪئي ۽ ان ڪاليج مان شارٽ ھينڊ ۽ ٽائيپنگ جو امتحان بہ پاس ڪيو ـ سائين جن بي اي بہ پاس آهن ـ سائين جن اسڪول لائف ۾ نيٽ بال جا تمام بھترين رانديگر رھيا آهن ـ سائين جن جي بھترين استادن ۾ سائين علي نواز عباسي , سائين شبير احمد سيال , سائين علي اڪبر لغاري , سائين شمس الدين شينو ۽ سندن والد صاحب شامل آهن ـ سائين جن کي 20 فيبروري 1983ع تي دادو ضلعي جي ڊي اي او سيڪنڊري آفيس ۾ جونيئر ڪلرڪ جو آرڊر مليو ـ سائين جن جو 1988ع ۾ سينئر ڪلرڪ ۾ پروموشن ٿيو , 2003ع ۾ اسس...

Profile # 24 Naeem Ali Abro (Teacher & Social Activist) نعيم علي ابڙو

Image
  محترم جناب سائين نعيم علي ابڙو صاحب 10 جون 1995ع تي پيارو اسٽيشن , تعلقو دادو , ضلعو دادو ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن جو والد نبي بخش ابڙو صاحب شوگر ملز , دادو مان ڊپٽي چيف ڪيمسٽ طور رٽائر ٿيا آھن ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ چوٿين نمبر تي آھن ـ سائين جن پرائمري جي تعليم گورنمنٽ پرائمري اسڪول , پيارو ڳوٺ مان حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول , اشاعت الاسلام , ڪوٽڙي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن گورنمنٽ علي بابا بوائز ڊگري ڪاليج , ڪوٽڙي مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي , خيرپور ڪيمپس مان اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ بي اي جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي , اسلام آباد مان بي ايڊ جو امتحان پاس ڪيو ـ 2009ع ۾ گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول , اشاعت الاسلام , ڪوٽڙي مان صرف سائين جن کي سائين مرحوم بدرالدين پنھور ميٿ ايگزل ڪيمپ لاء سيليڪٽ ڪري پائيٽ نوابشاھ ۾ ميٿ ايگزل ڪيمپ ۾ مقابلو کٽڻ جو ٽاسڪ ڏنو جيڪو پڻ سائين جن جي لاءِ اعزاز ھيو ـ سائين جن جي پسنديدھ استادن ۾ ڀاء پروفيسر ڊاڪٽر وحيد علي ابڙو , پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم ...

Profile # 23 Saleh Muhammad Shaikh (PST - GBPSII Kotri) صالح محمد شيخ

Image
  محترم جناب سر صالح محمد شیخ صاحب 3 مارچ 1966ع میں ضلع جامشورو کے شہر کوٹری میں پیدا ہوئے ۔ آپ کے والد دوست محمد شیخ صاحب پی ٹی سی ایل میں ملازم تھے ۔ آپ بہن بھائیوں میں دوسرے نمبر پر ہیں ۔ آپ نے گورنمنٹ علی بابا ڈگری کالج ، کوٹری سے انٹر کی تعلیم حاصل کی ۔ آپ نے پی ٹی سی کا امتحان بھی پاس کیا ہے ۔ آپ کافی عرصہ کوٹری کے بہت مشہور درزی رہے ہیں ۔ آپ جمیعتہ المدرسین ضلع دادو کے ڈپٹی جنرل سیکرٹری رہے ہیں ۔ آپ کو 2 مئی 1992ع کو پی ایس ٹی کا آرڈر ملا ۔ آپ کی اپائنٹمنٹ گورنمنٹ پرائمری اسکول ، امین جوٹ مل ، کوٹری میں ہوئی ۔ آپ ملازمت کا کچھ عرصہ گورنمنٹ بوائز پرائمری کيمپس اسکول ، اردو مین ، کوٹری میں بھی رہے ہیں ۔ آپ کا 2010ع میں ٹرانسفر گورنمنٹ پرائمری اسکول ، اشاعت الاسلام ، کوٹری میں ہوا ۔ آپ بہت اچھے طریقے سے اپنے فرائض سر انجام دے رہے ہیں ۔ آپ ٹائم اسکیل کے حساب سے 16 گریڈ میں ہیں ۔ آپ سوشل ورکر بھی ہیں اور ہر کسی کے کام بھی آتے ہیں ۔آپ کے بہترین اساتذہ میں عطاء اللہ خان ، گل محمد ، ماسٹر فاروق ، بشیر نوری اور امام الدین شامل ہیں ۔ آپ کے بہترین دوستوں میں عبداللطیف راجپوت ، اخلاق خا...

Profile # 22 Ihsan Ali Soomro (PST - GBPSII Kotri) احسان علي سومرو

Image
  محترم جناب سائين احسان علي سومرو صاحب 30 اپريل 1987ع ۾ ضلعو دادو جي شھر ميھڙ ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن جو پڙ ڏاڏو محمد خان سومرو ميھڙ جو مشھور واڍو ھو ـ سائين جن جو ڏاڏو محمد صديق سومرو تعليم کاتي ۾ پي ايس ٽي رٽائر ٿيو ـ سائين جن جو والد محمد اسمٰعيل سومرو تعليم کاتي ۾ ھيڊ ماستر رٽائر ٿيا آهن ـ سائين جن جا والد ھڪ قابل استاد آھن ۽ انگلش ڊرافٽنگ جي ڪري مشهور آھن ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ ٻيو نمبر آهن ـ سائين جن پرائمري جي تعليم گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , ميھڙ مان حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , ڪوٽڙي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن چوٿين کان وٺي اٺين ڪلاس تائين پھرين پوزيشن ماڻيندا رھيا ۽ مئٽرڪ ۾ سڄي اسڪول ۾ ٽاپ ڪيو ـ سائين جن گورنمنٽ مسلم ڪاليج , حيدرآباد مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي , ڄامشورو مان بي ايس جيولاجي ۽ ايم اي پاڪستان اسٽڊي جا امتحان پاس ڪيا ـ سائين جن کي جيولاجي ۾ تعليم دوران بيسٽ رپريزنٽيٽر جو ايوارڊ مليو ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي جي ايلسا قاضي ڪيمپس (اولڊ ڪيمپس) , حيدرآباد مان بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن...

Profile # 21 Shamsuddin Soomro (AEO - DEO ES&HS Jamshoro) شمس الدين سومرو

Image
  محترم جناب سائين شمس الدين سومرو صاحب 29 اپريل 1970ع تي ڳوٺ آڏي جاڳير , تعلقو نصير آباد , ضلعو قمبر - شھداد ڪوٽ ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن جا والد غلام نبي سومرو صاحب پي ايس ٽي هئا ـ سندن والد کي عربي ۽ فارسي تي عبور حاصل ھو ۽ قرآن پاڪ جي تعليم ڏيڻ سان گڏ قرآن پاڪ حفظ بہ ڪرائيندا هئا ۽ محمود شاھ ڪالوني , نزد ٽيلي گراف , ڪوٽڙي ۾ مسجد ۽ مدرسو پڻ ٺھرايائون ـ سندن والد 10, 12 سال ايران ۾ بہ رھي آيا هئا ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ ٽيون نمبر آهن ـ سائين جن پرائمري جي تعليم ڳوٺ آڏي جاڳير جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , نمبر ون ميھڙ مان مڊل جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , نصير آباد مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن کي مئٽرڪ ڪلاس جي رياضي ۾ ليڪچر ڏيڻ تي ھيڊ ماستر نظر محمد پلھ صاحب ايوارڊ ڏنو ـ سائين جن گورنمنٽ علي بابا ڊگري ڪاليج , ڪوٽڙي مان انٽر ۽ گريجوئيشن جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي , ڄامشورو مان اسلامڪ ڪلچر ۾ ماسٽرس ڪئي ـ سائين جن علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي , اسلام آباد مان بي ايڊ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن سن...