Profile # 28 Muhammad Hashim Sodhar (OT - GBHS, Labour Square, SITE Area, Kotri) محمد ھاشم سوڍر
محترم جناب سائين محمد هاشم سوڍر صاحب 1 جنوري 1975ع تي ڳوٺ بانهو سوڍر , پوسٽ آفيس قاضي عارف , تعلقو ميهڙ , ضلعو دادو ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن جا والد حاجي محمد قاسم سوڍر صاحب ڳوٺ کهڙا وليج ۾ ڪپڙي جو ڪاروبار ڪندا ھئا ـ سائين جن جا والد 1988ع ۾ لڏ پلاڻ ڪري ڀٽائي ڪالوني , ڪوٽڙي ۾ آباد ٿيا ۔ سائين جن جي والد برتن اسٽور شاپ , بهار ڪالوني , مين بازار , ڪوٽڙي ۾ ڪاروبار شروع ڪيو ـ سائين جن جو والد صاحب تقريباً 10 کان 15 سال سعودي عرب ۾ رهيا ۽ ڪافي دفعا حج ۽ بيشمار عمرا ڪيا ۔ سائين جن جو ڏاڏا سائين مٺا سائين درگاھ غفاري شريف راڌڻ وارا جا خليفه هئا ۔ سائين جن جا ڏاڏا سائين درگاھ مشوري شريف لاڙڪاڻي ويندا هئا ۽ سائين جن کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندا هئا , درگاھ تي پٽڙو ڀت کاڌو جيڪو سائين جن کي اڄ بـ ياد آهي۔ خليفو حاجي غلام قادر سوڍر آس پاس ڳوٺن ۾ ديني تبليغ ۾ مصروف رهندا هئا ماڻهو کيس گهڻا عزت ڪندا هئا ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ ٻئين نمبر تي آھن ـ سائين جن جا ڀائر ڪاروبار ۽ ڪجھ پرائيويٽ جاب ڪن ٿا ـ سائين جن پرائمري جي تعليم گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , ڳوٺ پيچوها , تعلقو وارھ مان حاصل ڪئي ـ سائين جن مئٽرڪ جو امتحان گورنمنٽ هاء اسڪول , لعلو رونڪ , تعلقو وارھ , ضلعو قمبر شهداد ڪوٽ مان پاس ڪيو ـ سائين جن گورنمنٽ علي بابا ڊگري ڪاليج , ڪوٽڙي مان انٽر ۽ گريجوئيشن جا امتحان پاس ڪيا ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي , ڄامشورو مان اسلامڪ ڪلچر ۾ ماسٽرس ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ ايليمينٽري ڪاليج , حيدرآباد مان او ٽي سي جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن جا ايليمينٽري ڪاليج , حيدرآباد ۾ او ٽي سي ڪورس ۾ پروفيسر زين العابدين سوڍر ۽ پروفيسر خليل الرحمان ڪورائي صاحب جن استاد رهيا ـ سائين جن مولوي عربي , مولوي عالم ۽ مولوي فاضل جا امتحان پاس ڪيا آهن ـ سائين جن سند الفراغ جو امتحان مدرسه دارالقرآن والحديث راڌڻ روڊ ميهڙ مان پاس ڪيو ـ سائين جن شهادت العالميه جو امتحان جامعه خديجت الڪبري زيل پاڪ حيدرآباد مان پاس ڪيو ـ سائين جن درس نظامي جو امتحان پاس ڪيو آهي ـ سائين جن
حفظ القرآن جي تعليم مدرسه تعليم القرآن , ڳوٺ پيچوها مان حاصل ڪئي ـ سائين جن قرات و تجويد جو ڪورس مدرسه تعليم القرآن , ڳوٺ پيچوها مان پاس ڪيو ـ سائين جن جي بھترين استادن ۾ سائين قادري جوکيو , سائين سيد احمد شاه , سائين سيد اسدالله شاه , سائين نوراحمد ڪرٽيو , سائين بشيراحمد , سائين داد شاه ۽ سائين عبدالرئوف شامل آهن ـ
سائين جن ٽي ٽي سي ڪاليج ڪوٽڙي ڦاٽڪ مان اليڪٽريشن جو ڪورس ڪيو آھي ۽ سائين جن کي اليڪٽريشن جو ڪم بہ ايندو آهي ۽ ڪلر جو بہ ڪم ايندو آهي ـ سائين جن تقريباً ڏھ سال پرائيويٽ اسڪولز ۾ اسلاميات ۽ عربڪ ٽيچر طور خدمتون سر انجام ڏنيون آهن ـ سائين جن 17 سال مدرسن ۾ شعبہ حفظ ۽ ناظره م پڙهايو ۽ سائين جن جا بيشمار حافظ ۽ ناظره قرآن شاگرد آهن ـ سائين جن مختلف مدرسن ۾ ممتحن {امتحان وٺندڙ} طور ڪم ڪيو آهي ۽ مختلف مسجدن ۾ امام و خطيب طور ڪم ڪيو آهي ـ سائين جن جمعي جا خطاب ۽ عيدن جا خطاب ۽ نمازون پڻ پڙهايون آهن ـ سائين جن جو تجويد و قرات جو ڪورس ٿيل آهي ۽ مختلف محفل قرات ۾ حصو ورتو آهي ۽ انعام پڻ مليا آھن ـ سائين جن تعليم کاتي ۾ اپريل 2012ع ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاڙو ۾ ٽيسٽ ڏني ۽ ضلعي ڄامشورو ۾ سيڪنڊ پوزيشن حاصل ڪئي ۽ جون 2012ع ۾ آفر ۽ جولاء 2012ع ۾ گورنمنٽ مڊل اسڪول سڪندرآباد ڪوٽڙي ۾ جوائن ڪيو ـ سائين جن اسلاميات , عربي , سنڌي , اڙدو ۽ پاڪستان اسٽيڊيز جا سبجيڪٽ پڙهايا آهن ـ
سائين جن گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول , خورشيد ڪالوني , ڪوٽڙي ۽ گورنمنٽ ايليمينٽري اسڪول , ٿاڻو بولاخان ۾ بہ ملازمت جو ڪجھ عرصو گذاريو ۽ سائين جن جي موجوده پوسٽنگ گورنمنٽ هاء اسڪول , ليبر اسڪوائر , سائيٽ ڪوٽڙي ۾ آهي ـ سائين جن سماجي حوالي سان شاھ لطيف سوشل آرگنائيزيش , ڀٽائي ڪالوني , ڪوٽڙي ۾ سرگرم رهيا آهن ۔ هن پليٽ فارم تان غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي وس آهر مدد ڪئي , جنهن ۾ غريب ماڻهن لاء علاج جي سهولت مهيا ڪرڻ ۽ مريضن لاء ميڊيڪل ڪيمپ لڳرائڻ ۽ دوا مهيا ڪرڻ , غريب نياڻين لاء ڏاج جو انتظام ڪرڻ , غريب ٻارن لاء يونيفارم ۽ ڪتاب مهيا ڪرڻ شامل آهي ـ شاھ لطيف سوشل آرگنائيزيشن طرفان گورنمنٽ پرائمري اسڪول , ڳاڙهو گهوٽ , ڪوٽڙي ۾ 2 ڪمرا ٺهرائي ڏنا ويا جنهن جي شديد کوٽ هئي جنهن جو افتتاح ان وقت جي ايس ڊي ايم ڪوٽڙي الهڏتو شر صاحب ڪيو ۔ جنهن هن ڪم کي تمام گهڻو ساراهيو ـ شاه لطيف جا سرگرم اڳواڻ ۽ ڪارڪن غلام حسين زخمي {موجوده صحافي پريس ڪلب ڪوٽڙي} هئا ـ ان سان سائين عبدالرحيم منڱريو {استاد} , حاجي قمر الدين قريشي {چاچو استاد شفيق الرحمان قريشي گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , ڪوٽڙي} حافظ محمد هاشم سوڍر ۽ بيا شامل هئا ـ
سنڌي ادبي سنگت شاخ ٻولهاڙي جو سيڪريٽري شاعر ديدار شام آهي ۽ ڪائونسلر ناليوارو راڳي علي مراد جتوئي پڻ آهي ۽ سائين جن ڪاروباري ممبر پڻ آهن ۽ استاد اڳواڻ اعجاز سولنگي هن جو شاخ حصو آهن ۽ ڪاروباري ممبر پڻ رهي چڪا آهن ـ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٻولهاڙي پليٽ فارم تان شهيد بينظير ڀٽو لائبريري قائم ڪئي وئي آهي , جنهن ۾ علم و ادب سان چاھ ۽ شوق رکندڙ ماڻهو لائبريري ۾ ايندا آهن ۽ ڪتاب پڙهندا آهن ۽ لائبريري ۾ مختلف اخبارون پڻ اينديون آهن ـ ان کان علاوھ ادبي ميلا ڳاڙهو گهوٽ گرائونڊ تي ڪرايا ويندا آهن ـ گذريل هفتي سنڌي ادبي شاخ ٻولهاڙي طرفان شهيد ڳاڙهو گهوٽ جي سالگرھ واري تقريب ڪوٺائي وئي , ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو ۽ آخر ۾ راڳ رنگ جي محفل ٿي , جنهن ۾ سنڌ جو راڳي علي مراد جتوئي , ساجد سنڌي , آڪاش پنهور سميت ٻين فنڪارن پنهجي فن جو مظاهرو ڪيو ۽ داد حاصل ڪيو ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي تنظيمي سرگرمين بابت ٻڌايو تہ " گذريل بن پيئرڊ ۾ گسٽا يونٽ هاء اسڪول ليبر اسڪوائر جو صدر ۽ نائب صدر رهي چڪو آهيان ـ گذريل گسٽا تعلقه باڊي م پروموشن سبب خالي ٿيو ـ ڪوهستان جي معزز دوست ۽ سائين ارباب لاشاري خواهش ظاهر ڪندي منهجو نالو تجويز ڪيو اليڪشن قريب هجڻ ۽ ذاتي مصروفيتن سبب بنهي معزز دوستن جي باهمي مشوري ڪندي نوجوان دوست کي اڳتي آڻڻ ۽ ان کي حوصله افزائي ڏيندي هن دوست کي ڏنو ـ موجوده گسٽا تعلقه باڊي لاء عهدو دوستن آفر ڪئي پر پنهنجي مصروفيتن ۽ ڪن مجبورين سبب معذرت ڪئي ۽ يونٽ جي دوستن جي مشوري سان تعلقي تي رحمان ميمڻ کي ڏنو جيڪو ٽرانسفر بئي تعلقي ۾ ٿي وڃڻ سبب خالي آهي ـ 2012ع جي استادن جي اپائنٽمنٽ جعلي ۽ ايڪسيس ڄاڻائيندي 2017/ 2018ع ۾ ليٽر جاري ٿيو ـ ليٽر کي جواز ڄاڻائي استادن جون پگهارون بند ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو ۔ جنهن ۾ استادن سان وڏي نا انصافي ۽ ظلم ڪيو ويو ـ پسند ناپسند جي ڀينٽ جي ور چاڙهيندي ڪجه استادن جون پگهارون بند ڪري ڇڏيون ۔ انصاف جي تقاضه تہ اها هئي پگهارون بند ڪرڻيون هيون سڀني جون بند ڪجن ها پر ائين ڪيو ويو ڪجه استاد جون پگهارون بند هيون تہ ڪافي استاد پگهار کڻي رهيا هئا ـ جن ڊي ڊي اوز پگهارون بند نہ ڪيون انهن کي ڊيڄاريو ويو نيب اوهان لاء ڪارروائي ڪندي ان خوف رهيل استادن جون بہ پگهارون بند ڪري ڇڏيون ـ ان خوف ۽ ڊپ باوجود ڪجه ڊي ڊي اوز پگهارون بند نہ ڪين ۽ موقف اختيار ڪيو تہ جيڪي استاد ڊيوٽي ڪري رهيا آهن سندن پگهار حق آهي اسان نيب کي منهن ڏينداسين انهن پگهارون بند نہ ڪيون سندن جي جرات ۽ بهادري ۽ حق سچ ۽ مظلوم استادن جو ساٿ ڏنو انهن کي سلام پيش ڪيون ٿا انهن ۾ سائين قطب الحسنين شاه سائين محمد صالح ميمڻ سائين ماجد شاه سائين ماجد کوکر شامل هئا ـ هن عمل کان پوء استاد ڏاڍا پريشان ۽ بيوس ٿي پيا جنهن ڪري استادن ۾ تمام گهڻي بي چيني ٿي ۽ پگهار بند ٿيڻ ڪري استاد فاقا ڪشي ۾ مبتلا ٿي پيا ۽ ذهني اذيتن الڳ سان ٿي ـ گسٽا صدر ڄام شورو حاجي الطاف حسين ڏاوڇ جن هن صورتحال م 2012ع جي سڀني استادن کي ڪال ڪئي چار ئي تعلقن سيوهن ۔ مانجهند ۔ ڪوٽڙي ۔ٿاڻو بولاخان شامل هئا ميٽنگ سڏائي جنهن ۾ ضلع ۽ تعلقن جا صدر شامل هئا جن م نثار ميمڻ ۔ غلام رسول چانڊيو ۔ سڪندر علي سولنگي ۔ سڪندر علي کوسو ۔ رفيق احمد خاصخيلي ۔ عبدالغفار سولنگي ۔ بشير احمد کوسو ۽ بيا شامل هئا ـ هيٺيان فيصلا ڪيا ـ
1 استادن جي پگهارن بند ٿيڻ ۽ نا انصافي خلاف ضلع جي سڀني تعلقن ۾ احتجاج ڪيو ويندو ۔
2 ۔ ڊي اي او سيڪنڊري آفيس خلاف ڌرڻو
3 حيدراباد پريس ڪلب تي احتجاج ۽ ڌرڻو
4 پگهارن جي بندش ۽ استادن سان نا انصافي خلاف ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ
5 2012ع ٽيچرز ايڪشن ڪميٽي ڄام شورو جنهن م ڪوٽڙي مان محمد هاشم سوڍر ۽ حافظ مزمل شيخ ۔ سيوهن مان محمد سليم ۽ غلام شبير خشڪ ۽ مانجھند مان عبدالحميد سولنگي ۽ ٿاڻو بولا خان مان عبدالرحمان گبول ۽ غوث بخش خاصخيلي شامل هئا ۔ اهڙي طرح احتجاج ۽ ڌرڻا ۽ پريس ڪلب تي مظاهرا ڪيا ويا ۽ احتجاجي تحريڪ گسٽا صدر جي اڳواڻي جاري ۽ ساري رهي ۽ ان کان علاوه ضلع ڄام شورو جي عوامي نمائندن سان ملاقات جو سلسلو شروع ڪيو ويو جنهن ملڪ اسد سڪندر ۔ گيان چند ايسراڻي ۔ ڊاڪٽر سڪندر شورو ۔آصف شاه ۔ پير مظهر الحق شامل هئا جن کي استادن جي مسئلن کان آگاه ڪيو انهن استادن ٿيل ناانصافي تي ڏک جو اظهار ڪندي مدد جو يقين ڏيارو ـ ڪورٽ ۾ استادن جون پگهارون بند ٿيڻ خلاف پٽيشن فائل ڪرڻ لاء حيدرآباد ڪورٽ سب پهتل هئا جنهن ۾ حاجي الطاف ڏاوڇ سميت پوري قيادت ۽ سائين الله بچايو خاصخيلي سميت بيا موجود هئا پٽيشنر ٿيڻ لاء ڪو بہ تيار نہ هو سائين الله بچايو صاحب جن منهنجو هٿ وٺي گسٽا صدر کي ڏيندي چيو تہ هن کان بهتر ماڻهو ناهي ۽ مان سندس ضامن آهيان ـ
سائين الله بچايو جن اڄ اسان ۾ موجود ناهي الله پاڪ کين جنت ۾ اعلي مقام ۽ مرتبو ڏئي ـ پر سائين جن جا چيل لفظ اڄ بہ مون کي ياد آهن جنهن سان مون کي وڌيڪ حوصلو ڏنو ۽ سڀني سامهون مان مليو ـ ايڪشن ڪميٽي 2012ع ٽيچرز ڄام شورو استادن جي بحالي لاء جدوجهد جاري رکندي سڀني تعلقن ۾ احتجاج ۔ مظاهرا ۽ ڌرڻا هنيا سيوهڻ منڇر تي چيف جسٽس آف پاڪستان جي آمد جي موقعي تي گسٽا صدر حاجي الطاف ڏاوڇ ۽ ايڪشن ڪيميٽي جي اڳواڻ محمد هاشم سوڍر جي اڳواڻي ۾ لڳ ڀڳ 24 ماڻهن جو قافلو وٺي ڀرپور احتجاج ڪيو پرنٽ ميڊيا نيوز چينل تي ڀرپور ڪوريج ملي 2012ع جي استادن جي مسئلي کي وڏو هاء لائيٽ ڪيو ويو جنهن ۾ گسٽا صدر ۽ تعلقن جي صدرن ۽ استادن پڻ تمام گهڻو ساٿ ڏنو ۔ جن ۾ سڪندر سولنگي , سيد جڙيل شاه , نادر علي جهتيال , سڪندر علي کوسو , نياز حسين ڏاوڇ , غلام رسول چانڊيو , صديق ابڙو , قاسم قريشي , گلزار چنه , حزب الله سولنگي , لياقت ڀٽي , غلام محمد چانڊيو , حسين خاصخيلي , جهانگير خاصخيلي , نياز خاصخيلي , سرور خاصخيلي , اعجاز سولنگي۔ {ڪافي نالا رهجي ويا هوندا معافي جو طلبگار } سميت سڀني استادن جو ساٿ رهيو ـ گسٽا ڄامشورو هر عهديدار ۽ خاص ڪري حاجي الطاف جو ڪردار هن جدوجهد ۾ شاندار رهيو آخر تائين نڀايو ـ سڀني استادن ۽ گسٽا صدر سميت ٿاڻي بولا خان جي دوستن ۔ مانجهند جي استادن ۔ سيوهڻ جي استادن ۽ ڪوٽڙي جي استادن خاص ڪري اي بي شورو يونٽ , اشاعت الاسلام يونٽ , بوائز اسڪول يونٽ , ليبر اسڪوائر يونٽ سميت سڀني يونٽن جي دوستن ۽ استادن جا شڪر گزار آهيون جن هر وقت ۽ هر لمحي اسان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هليا ۔ ڪورٽن ۾ مختلف ڪيسز ڪيا حيدرآباد هاء ڪورٽ هجي يا ڪراچي هاء ڪورٽ هجي حاضري لاء راتيون جاڳيوسين هڪ هڪ ڪاغذ جي حصول لاء جيڪي محنتون ۽ مشقتون تڪليفون برداشت ڪيون اهي زندگي جا تمام تڪليف وارا لمحا هئا جيڪي ڪڏهن بہ وساري نٿا سگهجن جن بہ استاد دوستن هنن تڪليفن کي برداشت ڪيو ۽ لمحي لمحي جا ساٿي رهيا آهيون اهي هميشه ياد رهندا ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن مسئلي نوڪ چوڪ ۽ ناراضگي بہ ٿيندي هئي پر ڪجه لمحن بعد سب ڪجه ختم ڪندي ٽهڪندا کلندا رهندا هئاسين جيڪي هنن ۾ ساٿ رهيا سائين عبدالرحمان گبول , سائين غوث بخش خاصخيلي , سائين سلام , سائين غلام شبير خشڪ , سائين عبدالحميد سولنگي شامل آهن انهن سڀني دوستن کي جس ڏيان ٿو جن سان ڏاڍو سٺو وقت هن جدوجهد ۾ گذريو ڪورٽ ميٽر ۾ جن دوستن تمام گهڻو ساٿ ڏنو ۽ محنت ۽ جفا ڪشي هڪ هڪ ڪاغذ لاء پاڻ پتوڙيو انهن مان ٿاڻي بولاخان جي دوستن مان سائين رفيق خاصخيلي , جهانگير خاصخيلي , نياز خاصخيلي , سائين مٺل خاصخيلي , ادا حسين خاصخيلي ۽ سائين نثار ميمڻ شامل آهن سندن جو ڪردار ۽ محنت زبردست رهي ـ
هن دوران نيب ڊائريڪٽر شمس الدين دل سائين الله بچايو خاصخيلي , نور محمد شاه سميت 9 جنهن م آفيسرز ۽ ٽيزري ڄامشورو جي گرفتاري ٿي ان سان گڏ 4 ڊسٽرڪٽ مٽياري , حيدرآباد , ٽنڊو محمد خان جا آفيسرز شامل هئا جن تي نيب ڪورٽ حيدرآباد ۾ هليو ـ نيب ڪورٽ م تقريبن نو مهينا ڪيس هليو جعلي ڀرتي ۽ ايڪسيس ۾ ٿيل ڀرتي کي ڪورٽ ۾ نيب آفيسر ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪورٽ سڳوري ۾ ڪي ثبوت پيش نہ ڪيا بار بار نيب آفيسرز کي موقعا پڻ ڏنا پر ڪي بہ ثبوت پيش نہ ڪيا جڏھن تہ سائين الله بچايو خاصخيلي جي وڪيل عباسي صاحب سميت چار ضلعن جا آفيسرز جي وڪيلن جيڪي پينل جي صورت ۾ ھئا دليل ۽ ڪورٽ ۾ ثبوت پيش ڪندي اپريل 2012ع جي ڪاوش اخبار پيش ڪئي جنهن ۾ نوڪرين لاء آيل اشتهار ڏيکاريو ۽ ٽيسٽ ورتي انٽرويو ٿيا ميرٽ لسٽ ڊي آر سي سميت اپائنٽمنٽ کي درست ثابت ڪيو ۔ معزز جج صاحب تمام آفيسرز کي باعزت بري ڪندي اپائنٽمنٽ کي درست قرار ڏنو ۽ ڄامشوري جي استادن جون بند پيل پگهارون فوري جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ بندش خلاف سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو ۔ ڪيس متعلق تمام ثبوت ۽ ڊاڪومينٽس ۽ جج منٽ جيڪي تقريبن 36 صفحن تي موجود آهي اسان وٽ محفوظ أهي ۔ فيصلي واري ڏينهن اسان سڀ ڪورٽ ۾ موجود هئاسين ۽ ڪاميابي تي ڏاڍا خوش هئاسين ۽ اسان لاء اهو ڏينهن عيد کان گهٽ نہ هو ۔ پنهنجي معزز سائين الله بچايو خاصخيلي سميت سڀني آفيسرز کي ڪاميابي تي هار اجرڪ ۽ لنگيون پارائي مبارڪون ڏنيون ۔ فيصلي جي ڪاپي کڻي ايجوڪيش ڊپارٽمنٽ سان رجوع ڪيو اسڪروٽني ليٽر جاري ڪرائي سڀني استادن جي اسڪروٽني مڪمل ڪندي بحالي وارو ليٽر جاري ٿيو ائين استادن جون پگهارن جاري ٿيون ۽ مليل تڪليفن کان خوشيون مليون ۔ بحالي واري پوري عمل ۾ ايجوڪيشن کاتي کان وٺي فنانس کاتي تائين ڊي اي او آفيس کان ڊائريڪٽر آفيس تائين هن پوري عمل ۾ ڪوهستان جو ايڌي چئجي تہ غلط نہ هوندو محترم حسين خاصخيلي جي محنت ۽ خلوص شامل هوندس جي جدوجهد سان جيڪو سال لڳي وڄن ها اهو مهيني ۾ ڪري ورتو جنهن ۾ ڄامشوري جي چونڊيل نمائندن خاص ڪري سردار ملڪ اسد سڪندر ۽ گيان چند ايسراڻي جو وڏو هٿ هو جنهن سپورٽ ڪئي سندن جا ٿورائتا آهيون ۽ ادا حسين خاصخيلي سان گڏ ادا جهانگير خاصخيلي جن جا ٿورائتا آهيون ۔ سائين مٺل خاصخيلي , عزيز خاصخيلي , نياز خاصخيلي , مجاهد خاصخيلي , رفيق خاصخيلي , نثار ميمڻ , عبدالرحمان گبول , غوث بخش خاصخيلي ۔ 2012ع جي استادن جي بحالي جي خوشي ۾ حيدرآباد ڪلب ۾ ايڪشن ڪميٽي جي ڪوٽڙي جي استادن پاران شاندار پروگرام رکيو ويو جنهن ۾ سائين الله ڪيا بار بار نيب آفيسرز کي موقعا پڻ ڏنا ليڪن ڪي ب ثبوت پيش ن ڪيا جڏهن ت سائين الله بچايو خاصخيلي جي وڪيل عباسي صاحب سميت چار ضلعن جي آفيسرز جي وڪيلن جيڪي پينل جي صورت م هئا دليل ۽ ڪورٽ م ٽبوت پيش ڪندي اپريل 2012 جي ڪاوش اخبار پيش ڪئي جنهن م نوڪرين لاءآيل اشهار ڏيکاريو ۽ ٽيسٽ ورتي انٽريو ٿيا ميرٽ لسٽ ڊي آر سي سميت اپائمنٽ کي درست ثابت ڪيو ۔ معزز جج صاحب تمام آفيسرز کي باعزت بري ڪندي اپائمنٽ کي درست قرار ڏنو ۽ ڄام شوري جي استادن جون بند پيل پگهارن فوري جاري ڪرڻ حڪم ڏنو ۽ بندش خلاف سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو۔ ڪيس متعلق تمام ثبوت ۽ ڊاڪومنٽس ۽ جج منٽ جيڪي تقريبن 36 صفحن تي موجود آهي اسان وٽ محفوظ أهي ۔
فيصلي واري ڏينهن اسان سڀ ڪورٽ م موجود هئا ۽ ڪاميابي تي ڏاڍا خوش هئاسين ۽ اسان لاء اهو ڏينهن عيد کان گهٽ ن هو ۔ پنهجي معزز سائين الله بچايو خاصخيلي سميت سڀني معزز آفيسرز ۽ گسٽا صدر حاجي الطاف حسين ڏاوڇ سميت مڪمل باڊي ۽ المهراڻ جي سرواڻ حسين خاصخيلي کي 2012ع جي استادن جي جدوجهد ۾ ساٿ ڏيڻ ۽ مدد ڪرڻ تي سڀني معززن اجرڪ , هار ۽ لنگيون پارائي سندن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ شاندار ڊنر جو بندوبست پڻ هو ڪرايو ويو ۔ هن پروگرام ضلعي جي سڀني معزز استادن کي پڻ گهرائي مان ڏنو ويو ـ جن پروگرام آرگنائيز ڪيو ان ۾ ايڪشن ڪميٽي اڳواڻ محمد هاشم سوڍر , رحمان ميمڻ , حافظ مزمل , عابد حسين انڙ , فهد جوڻيجو , عبدالغفور شورو , شاهد حسين راڄڙ , مولوي لقمان برفت , غني شورو , اشفاق علي پلھ شامل هئا ـ
سندن والد اڄ دنيا ۾ ناهي { الله پاڪ کين جنت الفردوس م اعلي مقام و مرتبو عطا ڪري} پر سندس جو اخلاق ۽ ڪردار زبردست هو ـ پاڻ ڏاڍا نرم دل ۽ برداشت وارا ڪنهن کي تڪليف ڏيڻ جو سوچي بہ نٿي سگھيا ۔ جتي سندن ماء ۽ ڏاڏا سائين جو هٿ هو پر سندن والد بہ ڪڏهن پوئتي نہ رهيا ـ ديني تعليم ڏيارڻ ۾ خاص دلچسپي ۽ ذوق ۽ شوق رهيو انهي ڪري سائين جن جي زياده تر تعليم مدرسن ۾ ٿي ـ دنياوي تعليم جيڪا بہ حاصل ڪئي مدرسي ۾ بين شاگردن کي ڏسي حاصل ڪئي ـ جيڪي بہ امتحان ۽ ڊگريون ڪيون پاڻ ڪيون ـ سندن اهو ماحول نہ مليو جنهن سان اعلي تعليم جا خواب ڏسن ۔ سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم کي پنهنجي زندگي جو ھڪ واقعو ٻڌائيندي چيو تہ منهجي تقريباً تعليم مدرسن ۾ ٿي آهي ـ شروعاتي تعليم لاڙڪاڻي جي قائم شاه بخاري مدرسي ۾ ان وقت مدرسن ۾ کاڌي پيتي جو انتظام نہ هو ـ تقريباً مدرسن ۾ ڦڪر وٺندا هئا { گهر گهر مان ماني وٺي هڪ ئي ٿال م گوشت ۔ مڇي ۔ سبزي ۔ دال سڀ گڏ ڪبي هئي ان کي ڦڪر سڏيندا هئا } لاهوري محلا ۔ ڀٽي محلا لاڙڪاڻي جا مشهور هئا ـ اتان ڦڪر گڏ ڪري مدرسي ۾ کڻي ايندا هئاسين ـ افسوس سٺي ماني وڏا طالب کائي ويندا هئا , اسان کي دال نصيب ٿيندي هئي ۔ هڪ دفعي سٺي ڀاڄي ملي مان ۽ ساٿي گڏجي کاڌي خبر پوڻ تي استاد ڏاڍي مار ڏني ۔
ڳوٺ پيچوها {لعلورونڪ تعلقه وارھ} مدرسه پڙهڻ دوران ڳوٺ پنهجي بار يا بٽئي تي وٺي ٽويو { خيرات جوهڪ پيمانو هوندو هو } گڍي ڏيندا هئا اهو کپائي پيسا ملندا هئا ڏاڍا مزا ڪياسين ۔ مون کي ياد آهي ايم اي اسلاميات جي فيس لاء مون وٽ پيسا نہ هئا ـ ڪاليج مان فيس معلوم ڪري واپس ايندي دوست مليو ـ پڇڻ تي مون کي چيائين تہ مان بہ ايم اي اسلاميات ۾ ڪرڻ چاهيان ٿو ـ مون سان گڏ ڪر تہ مان اڌ فيس ادا ڪيان ٿو منهجي سپورٽ بہ ٿيندي ۽ تنهجو ڪم ٿي ويندو ـ اهڙي طرح گڏجي ايم اي ڪئي سين ۔
سائين جن اسپورٽس جي حوالي سان والي بال جا بهترين رانديگر رهيا آهن ۔ سينٽر , رائيٽ سائيڊ , ليفٽ سائيڊ تي کيڏيا آهن ـ ڀٽائي ڪالوني , ڳاڙهو گهوٽ ڪلب ۽ شاھ لطيف طرفان ڪافي ٽورنامنٽن ۾ حصو ورتو ۽ ڪافي ٽرافيون پنهجي ڪلب طرفان ۽ انعام حاصل ڪيا ۔ پنهجي ڪلب طرفان ڪوٽڙي , ڄامشورو , حسين اباد , حيدراباد , خدا جي بستي , سيتا {رحماني نگر} دادو ان کان علاوه سنڌ جا مشهور رانديگر ميچز ٽورنامنٽ کيڏڻ ڳاڙهو گهوٽ ڀٽائي ڪالوني ايندا هئا جن ۾ دادو جو مايه ناز رانديگر ساجد شاھ جوهي کان ڳاڙهو , راڌڻ کان ذوالفقار گهوڙو , سيتا مان واڍ شامل هئا ۔ ڀٽائي ڪالوني جو مشهور رانداگر نظير سولنگي هو جيڪو ڪافي ٽورنامنٽن ۾ سائين جن جي ٽيم کي کڻي ويندو هو ـ
سائين جن کي سچ ڳالهائڻ ۽ سچ بڌڻ پسند آهي سچا ماڻهو ۽ حقيقت پسند ماڻهن سان لڳاء آهي ۔ الله پاڪ جي توحيد ۽ هيڪڙائي پسند آهي ۽ نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَسَلَّم سان محبت ڪرڻ ۽ اسوه حسنه پسند آهي۔ سائين جن کي ڪوڙ ناپسند آهي ۽ ڪوڙا ماڻهو ۽ منافقت سخت ناپسند آهي ۔ فراڊ ڌوڪو ناپسند آهي ۔ ماڻهن سان نا انصافي ۽ ظلم ناپسند آهي ۔ وهم پرستي ۔ الله پاڪ سان شريڪ ڪرڻ ۽ نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَسَلَّم جي عمل خلاف هلڻ ۽ ان جي جي توهين ۽ گستاخي سخت ناپسند آهي ـ سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان تعليم جي باري ۾ ڳالھائيندي ٻڌايو تہ تعليم انسان جو زيور آهي ـ تعليم انسان کي شعور ۽ عقل فهم ڏئي ٿي ـ الله پاڪ جي سڃاڻپ مقام و مرتبو جيڪو هن جي شايان شان آهي سيکاري ٿي ۽ نپي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَسَلَّم جي سڃاڻپ ۽ شان و مرتبو مقام ۽ محبت ڪرڻ سيکاري ٿي ۔ معياري تعليم جو خواهش مند آهيان جيڪا انسانيت جو درس ڏئي ۽ حقيقي انسان بڻائي ۽ بين سان همدردي ڪرڻ سيکاري ۽ بين تائين علم منتقل ڪرڻ جو جذبو اڀاري ـ سنڌ جي موجودھ نظام تعليم مان مطمئن ناهيان ۔ شاگردن کي تعليم کان پهريون انسانيت سيکارجي ۽ انهن کي بهترين انسان هجڻ ۽ ٿيڻ جو درس ڏئي سٺو ۽ خيرخواھ انسان بڻائجي ۔ ادب ۽ اخلاق سان منور ڪجي ڇو تہ علم ادب ۽ اخلاق سان ان ۾ واڌارو ٿئي ٿو۔ ليسن پڙهائڻ کان پهريون پاڻ مطالعو ڪجي ۽ ليسن تي مڪمل دسترس حاصل ڪجي ۽ پوء شاگردن جي دلچسپي پيدا ڪرڻ لاء سبق کي ڪهاڻي جي انداز سان سمجهائجي ڇو تہ بار ڪهاڻي کي پسند ڪن ٿا۔ ۽ پريڪٽيڪل ڪري ڏيکارجي ۽ انهن کان ان مطابق سوال ۽ جواب ڪجن ۽ بارن کان اسپورٽ ۽ بيون ايڪٽيوٽيز ڪرائڻ گهرجن ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪندا انعام پڻ ڏنا وڃن ۽ راندين جا مقابلا پڻ ڪرايا وڃن ۽ تفريح وارا پروگرام رکجن ۔ اميد تہ بارن جي بهتر نشونما ٿيندي ۽ صحت مند دماغ پيدا ٿيندا ۽ ڪاميابي ڏانهن سندن بهتر قدم ٿيندو۔
سائين جن جي وڏي پٽ محمد زبير سوڍر جنھن گريجوئيشن ڪئي آهي ۽ ڪمپيوٽر جو ڪورس پڻ ٿيل آهي ۔ ريوينيو ڊپارٽمنٽ ۾ ڪمپيوٽر پروسيسنگ 14 اسڪيل ۾ نوڪري ڪندو هو , اسلامڪ يونيورسٽي مدينه منوره سعودي عرب م اسڪالرشپ ملڻ ڪري ڇڏي اسلامڪ ڪورس ڪرڻ ويو ڇھ سال پڙهڻ ۽ ڪورس مڪمل ڪري واپس آيو هن وقت پرائيويٽ ڪمپني ۾ اڪائونٽنٽ طور ڪم ڪري پيو ۽ نيٽ تي مختلف بڪس جي عربي ۾ ٽرانسليشن جو ڪم پڻ ڪري ٿو ۔ آء بي اي سکر جي ٽيسٽ ڏني پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي لاء 40 پلس ماڪون کڻي ويٽنگ م آهي۔ سائين جن جي ٻئي پٽ محمد طلحه بي اي ڪئي آهي پرائيويٽ جاب ڪري پيو ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن لاء ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " تعليم حاصل ڪيو محنت ۽ لگن ۽ سچائي سان ـ علم جي ذريعي ئي اوهان بهترين انسان ٿي سگهو ٿا ۽ علم سان دنيا ۽ آخرت ۾ مقام و مرتبو حاصل ڪندي پنهجي ماء پيء جو مان مٿانهون ڪري سگهو ٿا ۽ انهن جي دعائن سان ڪاميابي و ڪامراني اوهان جي ٿيندي ـ" والدين لاء پيغام اهو آهي تہ " پنهجي اولاد کي علم جي زيور سان آراسته ڪيو اهو سندن جو حق آهي علم جي ذريعي اولاد پنهجي ماء پيء جو ڳاٽ اوچو ڪري سگهن ٿا ۽ معاشري جا بهترين انسان پڻ ٿيندا ـ"
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment