Profile # 34 Qurban Ali Channa (PTI - GBHSII Kotri) قربان علي چنہ
محترم جناب سائين قربان علي چنہ صاحب جو جنم 26 ڊسمبر 1972ع تي ضلعو دادو جي ڳوٺ خانپور ، تعلقو خيرپور ناٿن شاھ ۾ ٿيو ـ سائين جن جا ڏاڏا حڪيم صادق چنہ ھڪ مڃيل يوناني حڪيم ھو ۽ تعليم کاتي ۾ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، کاٿڙي ، تعلقو خيرپور ناٿن شاھ مان ھيڊ ماستر رٽائر ٿيو ھو ـ سائين جن جو والد عبدالرزاق چنا بہ ھڪ يوناني حڪيم ھئا ۽ تعليم کاتي ۾ گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول ، اشاعت الاسلام ، ڪوٽڙي مان ايڇ ايس ٽي رٽائر ٿيو ھو ـ
سائين جن پرائمري جي تعليم گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، خانپور مان حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، خانپور مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ، خيرپور ناٿن شاھ مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن کي بي ايڇ پي اي ڊي ۾ تعليم دوران سو سيڪڙو (%100) حاضري تي سڄي فيس واپس ڪئي وئي ـ سائين جن ايم ايڇ پي اي ڊي جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي جي ايلسا قاضي ڪيمپس (اولڊ ڪيمپس) ، حيدرآباد مان بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن ڪمپيوٽر ۽ ٽائيپنگ جو ڪورس بہ ڪيو آهي ـ
سائين جن ڪافي عرصو ڪنسٽرڪشن ٺيڪيدار طور ڪم ڪيو ـ سائين جن کي تعليم کاتي ۾ 1 آگسٽ 1995ع ۾ پي ٽي آئي جو آرڊر مليو ـ سائين جن جي اپائنٽمنٽ گورنمنٽ ڪاليج ، پيٽاڙو ، تعلقو ڪوٽڙي ۾ ٿي ـ سائين جن ان اسڪول ۾ ٻارن کي ھمٿائڻ ۽ تعليم لاء شوق پيدا ڪرڻ جي لاء مشهور ٿيا ـ سائين جن جو 1996ع ۾ ٽرانسفر گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول ، اشاعت الاسلام ، ڪوٽڙي ۾ ٿيو ـ سائين جن ٽائيم اسڪيل جي حساب سان سترھين گريڊ ۾ آهن ـ سائين جن انگريزي ، سنڌي ، اڙدو ، سماجي اڀياس ۽ سائنس جا سبجيڪٽس پڙھايا آهن ۽ ستين ڪلاس جا ڪلاس ٽيچر رھيا آهن ـ سائين جن راندين جي حوالي سان ڪرڪيٽ ۽ والي بال جا تمام بھترين کلاڙي رھيا آهن ۽ ڪوڏي ڪوڏي ۾ سرٽيفڪيٽ مليو آهي ـ سائين جن ٻارن کي راندين لاء تياري ڪرائيندا آهن ۽ سائين جن جي شاگردن سائين جن جي اڳواڻي ۾ کوڙ سارا ميچ بہ کٽيا آهن ـ
سائين جن ينگ اتحاد ملڪ اسد سڪندر تنظيم ۾ خزانچي رھيا آهن ـ سائين جن کي حڪمت جي بہ تمام سٺي ڄاڻ آهي ـ سائين جن حج ۽ عمري جي سعادت بہ حاصل ڪئي آهي ـ
سائين جن جا بھترين استاد فيض محمد چنجڻي ، نياز احمد شاھ ، سعد الله سومرو ۽ محمد عمر لانگاھ آھن ـ سائين جن جي بھترين دوستن ۾ لطف الله شاھ ، اسد الله سومرو ، سيد انعام علي شاھ ۽ عبد القيوم ساھڙ شامل آهن ـ
سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ ٻيو نمبر آهن ـ سائين جن جو وڏو ڀاء محمد علي چنہ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، خانپور ۾ ھيڊ ماستر آهي ۽ ننڍو ڀاء منير احمد چنہ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، خانپور ۾ جي ايس ٽي آهي ـ
تعليم جي حوالي سان سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي چيو تہ " تعليم جي بھتري جي لاء استاد ميرٽ تي ڀرتي ڪيا وڃن ۽ وقت بہ وقت انهن جون ٽريننگز بہ ڪرايون وڃن ـ " سائين جن فيسبوڪ جي توسل سان سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " پنهنجي پيشي سان سچا ٿيو ۽ وقت جي پابندي ڪريو -"
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment