Profile # 21 Shamsuddin Soomro (AEO - DEO ES&HS Jamshoro) شمس الدين سومرو

 

محترم جناب سائين شمس الدين سومرو صاحب 29 اپريل 1970ع تي ڳوٺ آڏي جاڳير , تعلقو نصير آباد , ضلعو قمبر - شھداد ڪوٽ ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن جا والد غلام نبي سومرو صاحب پي ايس ٽي هئا ـ سندن والد کي عربي ۽ فارسي تي عبور حاصل ھو ۽ قرآن پاڪ جي تعليم ڏيڻ سان گڏ قرآن پاڪ حفظ بہ ڪرائيندا هئا ۽ محمود شاھ ڪالوني , نزد ٽيلي گراف , ڪوٽڙي ۾ مسجد ۽ مدرسو پڻ ٺھرايائون ـ سندن والد 10, 12 سال ايران ۾ بہ رھي آيا هئا ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ ٽيون نمبر آهن ـ سائين جن پرائمري جي تعليم ڳوٺ آڏي جاڳير جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , نمبر ون ميھڙ مان مڊل جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , نصير آباد مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن کي مئٽرڪ ڪلاس جي رياضي ۾ ليڪچر ڏيڻ تي ھيڊ ماستر نظر محمد پلھ صاحب ايوارڊ ڏنو ـ سائين جن گورنمنٽ علي بابا ڊگري ڪاليج , ڪوٽڙي مان انٽر ۽ گريجوئيشن جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي , ڄامشورو مان اسلامڪ ڪلچر ۾ ماسٽرس ڪئي ـ سائين جن علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي , اسلام آباد مان بي ايڊ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي جي ايلسا قاضي ڪيمپس (اولڊ ڪيمپس) , حيدر آباد مان ايم ايڊ جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن اليڪٽريشن جي ڊپلومہ سان گڏ وائر مين جو لائسنس بہ حاصل ڪيو ـ سائين جن جو مدرسن سان تعلق رھيو آھي ۽ اليڪٽريشن جو ڪم بہ ڪندا آھن ـ سائين جن کي تعليم کاتي ۾ 5 جنوري 1993ع ۾ جي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سائين جن جي اپائنٽمنٽ گورنمنٽ مڊل اسڪول , مول , تعلقو ٿاڻو بولا خان ۾ ٿي ـ سائين جن جو ڪجھ عرصي بعد ٽرانسفر گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول , اشاعت الاسلام , ڪوٽڙي ۾ ٿيو ـ سائين جن جو 25 فيبروري 1997ع تي ايڇ ايس ٽي ۾ پروموشن ٿيو ـ سائين جن جي پوسٽنگ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , وڏا ڇڇر , تعلقو مانجھند ۾ ٿي ـ سائين جن ڪافي عرصو گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , مانجھند ۽ گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول , اشاعت الاسلام , ڪوٽڙي ۾ بھترين نموني پنهنجا فرض نڀائيندا رھيا آھن ـ سائين جن استادن جي تنظيم گسٽا سنڌ جي تعلقي ڪوٽڙي جا ٻہ دفعا پريس سيڪريٽري رھيا آهن ـ سائين جن پاسبان تنظيم ضلعي ڄامشورو جا 10 سال صدر رھيا آھن ـ سائين جن رياضي , سائنس , سنڌي ۽ اڙدو جا سبجيڪٽس پڙھايا آهن ۽ ڪلاس اٺين جا ڪلاس ٽيچر رھيا آهن ـ سائين جن جو 2021ع ۾ 17 گريڊ ۾ پروموشن ٿيو ۽ سائين جن ڊي اي او سيڪنڊري ڄامشورو آفيس ۾ اي اي او ٿي ويا ـ سائين جن جون پسنديدھ شخصيتون سندن والد ۽ والدھ آهن ـ سائين جن جي بھترين استادن ۾ سائين روشن علي جوڻيجو , سائين عبدالله انصاري , سائين عبدالقيوم ميمڻ ۽ سائين نظر محمد پلھ شامل آهن ـ سائين جن جي بھترين دوستن ۾ منظور علي نائچ (ھيڊ ماستر گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول , اشاعت الاسلام , ڪوٽڙي) , منظور احمد شاھاڻي (سپرنٽينڊنٽ گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول , اشاعت الاسلام , ڪوٽڙي) , فدا حسين سولنگي (تعليم کاتي ۾ ڊائريڪٽر فنانس , حيدرآباد) , حسن شاھ (ڊي اي او سيڪنڊري , ضلعو دادو) ۽ جمن چانڊيو (ڪنٽرولر ايس پي ايس سي , حيدرآباد) شامل آهن ـ سائين جن جو وڏو ڀاء مرحوم محمد رمضان سومرو دوائن جي ڪمپني ۾ مئنيجر ھو ۽ ٻاھرين ملڪن ۾ ليڪچر ڏيندو ھو ـ سائين جن جو ٻيو ڀاء روشن علي سومرو ھائيويز کاتي شھباز بلڊنگ , حيدر آباد ۾ آفيس سپرنٽينڊنٽ آھن ۽ ايڊمنسٽريٽر جي بہ چارج اٿن ـ سائين جن جو ٽيون ڀاء مشرف الدين سومرو تعلقہ اسپتال , ڪوٽڙي ۾ اي اين ٽي جو 18 گريڊ جو ڊاڪٽر آهي ـ سائين جن جو چوٿون ڀاء بدر الدين سومرو اٽي جي چڪي ۽ ڪريانہ اسٽور جو ڪاروبار ڪندا آھن ـ سائين جن جو پنجون ڀاء زيد احمد سومرو ھائيويز کاتي شھباز بلڊنگ , حيدر آباد ۾ جونيئر ڪلرڪ آهي ـ سائين جن جو وڏو پٽ عبدالرحيم سومرو بي ڪام سان گڏ انگريزي ۽ زولاجي ۾ ماسٽرس ڪئي آهي ـ سائين جن جي نياڻي بي ايس انگلش جو امتحان پاس ڪيو آهي ۽ ننڍي پٽ سڪندر سومرو انٽر پاس ڪئي آهي ـ سائين جن جي گھر واري بہ ايڇ ايس ٽي آهي ـ سائين جن تعليم جي بھتري جي باري ۾ ڳالھائيندي چيو " ٽيچر کي جيتري محنت ڪرڻ کپي اوتري محنت نٿو ڪري ـ ٽيچر گھٽ ۾ گھٽ ٻار جي بيسڪ تہ مضبوط ڪري ـ اسان وٽ قابل ٽيچرس کي کوٽ تہ آهي پر جيڪي چند قابل ٽيچرس آھن اھي بہ جيڪڏهن وس آھر پنهنجو ڪم ڪن تہ شاگرد اڳتي نڪري سگھن ٿا "ـ سائين جن فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " شاگردن کي گھرجي تہ ٽن سبجيڪٽس انگريزي , رياضي ۽ سنڌي ۾ محنت ڪن ۽ انھن ٽن سبجيڪٽس کي بنياد بڻائي اڳتي وڌن تہ ضرور ڪامياب ٿيندا -"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل