Profile # 26 Syed Jurial Shah Lakiyari (HST - GBHSII Kotri) سيد جڙيل شاھ لڪياري
محترم جناب سائين سيد جڙيل شاھ لڪياري صاحب 31 ڊسمبر 1971ع تي ڳوٺ دين محمد شاھاڻي , تعلقو دادو , ضلعو دادو ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن جي والد جو نالو سيد نظر محمد شاھ آهي ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ ٻيو نمبر آهن ـ سائين جن پرائمري جي تعليم گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , موندر مان حاصل ڪئي ـ سائين جن مڊل جي تعليم گورنمنٽ مڊل اسڪول , موندر مان حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ طالب الموليٰ ھاء اسڪول , دادو مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن گورنمنٽ ڊگري ڪاليج , جوھي مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي , ڄامشورو مان ايم اي اسلامڪ ڪلچر جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن پي ٽي سي ۽ سي ٽي گورنمنٽ شھباز ڪاليج , دادو مان پاس ڪئي ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي جي ايلسا قاضي ڪيمپس (اولڊ ڪيمپس) , حيدرآباد مان بي ايڊ ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي , ٽنڊوڄام مان ايم ايڊ جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن کي اسٽوڊنٽ لائف ۾ ڪوڏي ڪوڏي , والي بال , ونجھ وٽي , بلور کيڏڻ , لغڙ اڏائڻ ۽ اٽي ڏڪر راندين ۾ مھارت حاصل ھئي ـ
سائين جن 6 مھينا سنڌ پوليس ۾ ڪانسٽيبل طور ضلعو ٺٽو ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون ۽ ھڪ مھينو شھدادپور ۾ ٽريننگ بہ ڪئي آهي ـ سائين جن کي 5 نومبر 1990ع تي تعلیم کاتي ۾ پي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سائين جن جي اپائنٽمنٽ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , موندر , تعلقو دادو ۾ ٿي ـ سائين جن ملازمت جو ڪجھ عرصو گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , محمد پريل سرولي ڏاوڇ , تعلقو دادو ۾ بہ رھيا ـ سائين جن جو 23 نومبر 2007ع تي ايڇ ايس ٽي ۾ پروموشن ٿيو ۽ سندن پوسٽنگ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , فريد آباد , تعلقو میھڙ ۾ ٿي ـ سائين جن ملازمت جو ڪجھ عرصو گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , موندر , تعلقو دادو , گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , ڀان سيد آباد , تعلقو سيوھڻ شريف , گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , منظور آباد , تعلقو مانجھند ۽ گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول , خورشيد ڪالوني , تعلقو ڪوٽڙي ۾ فرض نڀائيندا رھيا ـ سائين جن جو 23 نومبر 2011ع تي ٽرانسفر گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول , اشاعت الاسلام , ڪوٽڙي ۾ ٿيو ـ سائين جن بھترين نموني ريگيولر ۽ پنچوئل پنهنجا فرض نڀائي رھيا آهن ـ
سائين جن استادن جي تنظيم گسٽا سنڌ جي تعلقي دادو جا خزانچي رھيا آهن ۽ يونٽ اشاعت الاسلام جا 2013ع کان 2016ع تائين جنرل سيڪريٽري رھيا آھن , ضلعو ڄامشورو جا 2016ع کان 2019ع تائين پريس سيڪريٽري رھيا آھن ۽ 2022ع ۾ تعلقو ڪوٽڙي جا سينئر نائب صدر منتخب ٿيا آهن ـ سائين جن تعليمي ڀلائي جي تنظيم ۾ جنرل سيڪريٽري رھيا ۽ غريب شاگردن لاء ڊريسون , فيس معاف ڪرائڻ ۽ تعليمي سيمينار ۽ سنڌ ليول تي لٽل بال جون چار دفعا ٽورنامنٽون ڪرايون ـ سائين جن سياسي , سماجي ۽ مذهبي تنظيمن جا سرگرم ڪارڪن رھيا آهن ـ سائين جن ٿرديپ وارن کي ٻہ ٽرڪون سامان جون ڳوٺ مان ڪرائي ڏنيون جنهن ۾ کائڻ پيئڻ جو سامان , بسترا ۽ ڪپڙا وغيرھ شامل ھئا ـ سائين جن ڳوٺ جي سوشل ورڪس ۾ سرگرم رھيا ۽ سوشل ڪمن جي ڪري سائين جن کي کوڙ دفعا ايوارڊ بہ مليا آهن ـ
سائين جن رياضي , سائنس , اسلاميات , سماجي اڀياس ۽ سنڌي جا سبجيڪٽس پڙھايا آهن ۽ ڪلاس ٽئين , چوٿين ۽ پنجين جا ڪلاس ٽيچر رھيا آهن ـ سائين جن جي پسنديدھ شخصيتن ۾ علامہ طالب جوھري صاحب , پروفيسر عبدالحڪيم بو ترابي ۽ علامہ سائين بخش مناظري شامل آھن ـ سائين جن جي بھترين استادن ۾ سائين سيد عباس علي شاھ (اختر لڪياري) , سائين عباسي علي نواز , سائين عبدالغفور وڳڻ , سائين سيد سوڌل شاھ , وزير احمد لاشاري , سائين عزيز الله خاصخيلي ۽ سائين غلام حسين ٿھيم شامل آهن ـ سائين جن فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " پينگھي کان قبر تائين علم حاصل ڪريو -"
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment