Profile # 22 Ihsan Ali Soomro (PST - GBPSII Kotri) احسان علي سومرو

 

محترم جناب سائين احسان علي سومرو صاحب 30 اپريل 1987ع ۾ ضلعو دادو جي شھر ميھڙ ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن جو پڙ ڏاڏو محمد خان سومرو ميھڙ جو مشھور واڍو ھو ـ سائين جن جو ڏاڏو محمد صديق سومرو تعليم کاتي ۾ پي ايس ٽي رٽائر ٿيو ـ سائين جن جو والد محمد اسمٰعيل سومرو تعليم کاتي ۾ ھيڊ ماستر رٽائر ٿيا آهن ـ سائين جن جا والد ھڪ قابل استاد آھن ۽ انگلش ڊرافٽنگ جي ڪري مشهور آھن ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ ٻيو نمبر آهن ـ سائين جن پرائمري جي تعليم گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , ميھڙ مان حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , ڪوٽڙي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن چوٿين کان وٺي اٺين ڪلاس تائين پھرين پوزيشن ماڻيندا رھيا ۽ مئٽرڪ ۾ سڄي اسڪول ۾ ٽاپ ڪيو ـ سائين جن گورنمنٽ مسلم ڪاليج , حيدرآباد مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي , ڄامشورو مان بي ايس جيولاجي ۽ ايم اي پاڪستان اسٽڊي جا امتحان پاس ڪيا ـ سائين جن کي جيولاجي ۾ تعليم دوران بيسٽ رپريزنٽيٽر جو ايوارڊ مليو ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي جي ايلسا قاضي ڪيمپس (اولڊ ڪيمپس) , حيدرآباد مان بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن نرسنگ جي انٽري ٽيسٽ ۾ پوري سنڌ ۾ پھرين پوزيشن ماڻي ـ سائين جن اسٽوڊنٽ لائف ۾ تنظيم اسلامي جا ڪارڪن رھيا آهن ـ سائين جن تعليم کاتي ۾ سنڌ يونيورسٽي طرفان ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ 28 مئي 2010ع ۾ پي ايس ٽي ڀرتي ٿيا ـ سائين جن جي اپائنٽمنٽ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , علي آباد , تعلقو ڪوٽڙي ۾ ٿي ـ سائين جن ملازمت جو ڪجھ عرصو گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , اي ڊي بلوچ , ڪوٽڙي ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون ۽ 2016ع ۾ سائين جن جو ٽرانسفر گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول , اشاعت الاسلام , ڪوٽڙي ۾ ٿيو ـ سائين جن انگريزي , سائنس ۽ پاڪستان اسٽڊي جا سبجيڪٽس پڙھايا آهن ۽ اٺين ڪلاس جا ڪلاس ٽيچر رھيا آھن ـ سائين جن تمام گھڻا ٽيلينٽيڊ آھن ۽ چيلينج ۾ اچي ٻہ ٽي دفعا سي ايس ايس جا اٽيمپٽ ڏنا ـ سائين جن جي ھوبيز ۾ انٽرنيٽ يوز ڪرڻ ۽ مختلف ماڻھن جا انٽرويوز ٻڌڻ , ڪتابن کي گڏ ڪرڻ ۽ انھن کي پڙھڻ شامل آھي ـ سائين جن جا پسنديدھ ڪتاب ھي آهن :

1) Alchemist: Novel by Paulo Coelho 

2) The Power of Positive Thinking: Book by Norman Vincent Peale

سائين جن سنوڪر ۽ ڪريم بورڊ جا بھترين کلاڙي آهن ـ سائين جن جي پسنديدھ شخصيتن ۾ ڊاڪٽر اسرار احمد ۽ سندن والد صاحب آھن ـ سائين جن جي بھترين استادن ۾ سائين غلام سرور ملاح , سائين غلام حسين شاھ , پروفيسر ڊاڪٽر يار محمد کھاوڙ , پروفيسر ڊاڪٽر امداد علي بروھي ۽ سندن والد شامل آهن ـ سائين جن جا بھترين دوست فراز احمد ميمڻ ۽ ظفرالله ڀنگر آهن ـ سائين جن جو ننڍو ڀاء عرفان علي سومرو گورنمنٽ علي بابا ڊگري ڪاليج , ڪوٽڙي ۾ عمرانيات جو ليڪچرر آهي ـ سائين جن جو ٻيون ڀاء ذيشان علي سومرو بينڪ الحبيب , حيدرآباد ۾ آپريشن مئنيجر آهي ـ سائين جن جو ٽيون ڀاء رضوان علي سومرو پاڪستان ريلويز ۾ لوڪو آپريٽر آهي ـ سائين جن جو چوٿون ڀاء فرحان علي سومرو پي ايس ٽي آهي ۽ سائين جن جو پنجون ڀاء فيضان علي سومرو سنڌ يونيورسٽي , ڄامشورو ۾ انگلش ڊپارٽمنٽ جو شاگرد آهي ـ تعليم جي باري ۾ ڳالھائيندي سائين جن جو چوڻ آھي تہ ھر ٻار جي نفسيات مختلف ھوندي آهي ـ جيڪڏهن انھن جا نفسياتي سبب ختم ڪجن تہ اھي ٻار خود اعتمادي محسوس ڪندا ۽ پڙھائي ۾ دلچسپي وٺندا ـ ٻار تي ماحول جو تمام گھڻو اثر ٿيندو آهي ـ مثبت ماحول ۾ بھتر نتيجا نڪرندا آهن ـ لرننگ باء ڊوئنگ , جيتري تائين حصو نہ وٺبو اوتري تائين تعليم جو مقصد حاصل نہ ٿيندو ـ سائين جن فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " ڪجھ ڪرڻ , نہ ڪرڻ کان بھتر آهي -"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل