Profile # 33 Imdad Ali Channa (HST - GBHS, Lakki Shah Saddar) امداد علي چنہ


محترم جناب سائين امداد علي چنہ صاحب جو جنم 4 مئي 1987ع تي ضلعو ڄامشورو جي ڳوٺ باگو واھڻ ، تعلقو سيوھڻ شريف ۾ ٿيو ـ سائين جن جو والد محمد دائود چنہ ھڪ مزدور ھو ـ سائين جن پرائمري جي تعليم گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، تجر ، سيوھڻ شريف مان حاصل ڪئي ـ سائين جن پرائمري ۾ پھريون نمبر ايندا ھئا ۽ ڪلاس جا مانيٽر ھئا ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، سيوھڻ شريف مان 2003ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽ ڪلاس اٺين جي سالياني امتحان ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ، سيوھڻ شريف مان 2005ع ۾ پري ميڊيڪل ۾ انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان ايم اي سماجيات ۽ ايم اي سنڌي جا امتحان پاس ڪيا آهن ـ سائين جن علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي ، اسلام آباد مان 2017ع ۾ بي ايڊ ۽ 2019ع ۾ ۽ ايم ايڊ جا امتحان پاس ڪيا ـ سائين جن ڊپلوما ان انفارميشن ٽيڪنالاجي جو ڪورس بہ ڪيو آهي ـ

سائين جن پنهنجي ٽيچنگ ڪيريئر جي شروعات آئيڊيل پبلڪ اسڪول ، سيوھڻ شريف مان ڪئي ـ سائين جن ان اسڪول ۾ پنج سال پڙھائيندا رھيا ـ ان کانپوء سائين جن سنڌ پبلڪ اسڪول ، سيوھڻ شريف ۾ ٻہ سال پڙھايو ـ سائين جن پاڪستان ريلوي ۾ اين ٽي ايس جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ 2017ع ۾ جونيئر ڪمرشل اسسٽنٽ طور ڀرتي ٿيا ۽ سندن پوسٽنگ گڊز آفيس ، ڪوٽڙي ۾ ٿي ـ سائين جن سنڌ جي تعليم کاتي ۾ آئي بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ سائين جن کي 19 نومبر 2019ع ۾ جونيئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچر جو آرڊر مليو ـ سندن پوسٽنگ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، باجارا ، تعلقو سيوھڻ شريف ۾ ٿي ـ سائين جن جو ھاء اسڪول ٽيچر ۾ پروموشن ٿيو ۽ 20 اپريل 2023ع تي سندن پوسٽنگ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، لڪي شاھ صدر ، تعلقو سيوھڻ شريف ۾ ٿي ـ سائين جن رياضي ، انگلش ، سائنس ۽ پاڪستان اسٽڊي جا سبجيڪٽس پڙھايا آهن ـ سائين جن ملازمت کان علاوھ شام جو الحسيب ڪوچنگ سينٽر ، سيوھڻ شريف ۾ ٽيوشن پڙھائيندا آهن ـ سائين جن تعليم کاتي ۾ مختلف ٽريننگز بہ ڪيون آهن ، جن ۾ آڪسفورڊ جي طرفان ٽن ڏينهن جي ٽريننگ حيدرآباد ۾ ۽ 2 ھفتا انڊڪشن ٽريننگ پائيٽ نوابشاھ ۾ شامل آهن ـ

سائين جن جي ھوبيز ۾ ڪتاب پڙهڻ ۽ سوشل ميڊيا تي خبرون ٻڌڻ شامل آهي ـ سائين جن کي پڙھائڻ ، دوستن سان ڪچھري ڪرڻ ، ڪتاب خريد ڪري پڙھڻ ۽ تاريخ پڙهڻ پسند آهن ۽ سياسي عدم استحڪام ، غربت ۽ بيروزگاري ناپسند آهن ، انھن کي ختم ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي ـ سائين جن جا بھترين استاد پرائمري ۾ غلام عباس ابڙو ، عبدالعزيز کوسو ، محمد حسن بڙدي ۽ محمد قاسم ، سيڪنڊري ۾ مرحوم الھڏتو پنھور ، علي اصغر ، الھ رکيو جتوئي ، محمد بچل ٻرڙو ، عبدالعزيز ۽ فيروز احمد ، ڪاليج ۾ حافظ صبغت الله ، محمد علي لنڊ ۽ عبدالستار ڪانڌڙو آهن ـ سائين جن جي بھترين دوستن ۾ محمد حسن چنه (ھيڊ ماستر) ، دودو خان ڪڇار (جي ايس ٽي) ، جاويد احمد سولنگي (جي ايس ٽي) ، جاويد چنه (جي ايس ٽي) ، ڊاڪٽر غلام عباس لوڙھائي ۽ انجنيئر رميز احمد کوسو شامل آھن ـ

سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ چوٿين نمبر تي آھن ـ سائين جن جو وڏو ڀاء حڪيم غلام سرور يوسفي چنہ جو سيوھڻ ۽ نسيم نگر ، حيدرآباد ۾ دواخانو آهي ـ سائين جن جو ھڪ مائٽ رٽائرڊ پروفيسر عبدالقدوس چنہ آھي ـ سائين جن جو مائٽ ڊاڪٽر مفتي عبدالحئي چنہ شاھ صدر مدرسو ، سيوھڻ شريف جو منتظم آھي ـ سائين جن جو مائٽ جميل احمد چنه گرلس ڊگري ڪاليج ، سيوھڻ شريف ۾ اسسٽنٽ آهي ـ سائين جن جا مائٽ محمد عثمان چنہ ۽ نثار احمد چنہ سيوھڻ شريف جي پرائمري اسڪول ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر آھن ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان تعليم جي باري ۾ ڳالھائيندي چيو تہ " علم انسان جي ٽين اک آھي " ـ سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن ۽ عام ماڻھن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " پنھنجي والدين ۽ استادن جو احترام ڪريو ـ محنت ۽ الله سائين تي ڪامل يقين سان ناممڪن به ممڪن ٿي وڃي ٿو ـ نوڪري سان گڏ ھنر سکڻ انتھائي ضروري آهي ـ "

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل