Profile # 32 Piyar Ali Bung (PST - GBPS, Nagoline, Kotri) پيار علي ٻنگ
محترم جناب سائين پيار علي ٻنگ صاحب جو جنم 19 ڊسمبر 1963ع ۾ دادو ضلعي جي تعلقي خيرپور ناٿن شاھ جي ڳوٺ گل ٻنگ لڳ گوزو ۾ ٿيو ـ سائين جن پنهنجي پوري خاندان ۾ پهريون شخص آهن جيڪو سرڪاري نوڪري جي لحاظ کان استاد ٿيا ـ سائين جن کان پهريان ڪو به سرڪاري استاد سندن خاندان ۾ نه ٿيو هو ۽ سائين جن کان سندن خاندان ۾ علم جي روشني وڌي ـ
سائين جن جي والد صاحب جو نالو الهداد ولد مولوي دين محمد ٻنگ آهي ـ سائين جن جو والد الهداد ٻنگ صاحب هڪ محنتي هاري سان گڏ هٿ جو پورهيو ۽ محنت ڪندڙ هيو ـ سائين جن جا 2 ننڍا ڀاء غلام مصطفي ٻنگ ۽ شاهنواز ٻنگ آهن ـ سائين جن جو ننڍو ڀاء غلام مصطفي ٻنگ گورنمنٽ پرائمري مسجد اسڪول نزد لطيف چوڪ ، ڪوٽڙي ۾ نائب قاصد آهن ـ جڏهن ته شاهنواز ٻنگ بلديه ڊپارٽمنٽ ۾ هڪ سرڪاري ڊرائيور آهن ـ سائين جن پرائمري جي تعليم گورنمنٽ پرائمري اسڪول ، گوزو شريف مان حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ جي تعليم هاء اسڪول گوزو شريف مان 1980ع ۾ حاصل ڪئي ـ پوء انٽرميڊيئيٽ جي تعليم استاد بخاري گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ، دادو مان حاصل ڪئي ـ سائين پيار علي پنهنجي استاد يار محمد سولنگي جي شخصيت ۽ پڙهائڻ واري انداز کان تمام گهڻو متاثر هيا ۽ پنهنجي پڙهائڻ جي انداز ۾ ساڳيو تاثر رکندا آهن ـ سندن پڙهائڻ جو انداز نرالو ۽ يگانو آهي جو سندن جي پهرئين ڪلاس جا ٻار اچارڻ ، سنڌي لکت ، هجي ۽ روان پڙهڻ ۾ اڪثر پنجين ڪلاس جي ٻارن کي پوئتي ڪري ويندا آهن ـ
سائين جن جي اپوائنٽمنٽ 16 اپريل 1983ع ۾ ڪراچي ويسٽ ضلعي جي ديھ الاٻنو ڳوٺ وڏيرو گل حسن ڀنڊ جي مسجد اسڪول ۾ ٿي ، جتي سائين جن صبح شام ڳوٺ جي ٻارن تي محنت ڪري نالو روشن ڪيو ـ بعد ۾ بدلي ڪري سائين جن کي من ديھ ۾ رکيو ويو ۽ اتان بدلي ڪري تعلقي ڪوٽڙي جي ڳوٺ متارو خان کوسو ٻنڌ وير ۾ آيا ، جيڪو ڄامشوري ۾ پاور هائوس کان 25 ڪلوميٽر مفاصلي تي اسڪول ۾ رکيو ويو ۽ 6 مهينن کان پوء ڄامشوري ريلوي ڪراس مسجد اسڪول ۾ رکيو ويو ، جتي مختلف قومون رهنديون هيون ، جيڪي پاڻ ۾ اڪثر ننڍين ننڍين ڳالهين تي جهيڙي لاء تيار هوندا هيا ـ انهن قومن جي پوڙهن وڏن کي ويهاري سمجهائڻ کان پوء انهن کي پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏيڻ لاء راضي ڪيو ۽ اسڪول کي صحيح انداز ۾ هلايو ـ ٻه سال کان پوء ڪوٽڙي شهر جي ٽيليگراف وٽ پانڌي خان خاصخيلي اسڪول ۾ رکيو ويو ـ اتي اسڪول ڏانهن ٻارن ۽ پاڙي وارن جو رجهان گهٽ هيو ـ سڀني پاڙي وارن کي گهرائي گڏجاڻي ڪري انهن کي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ جا فائده ٻڌايا ۽ ان ڳالھ تي راضي ڪيو ته پنهنجن ٻارن کي روزانو اسڪول ذميواري سان موڪليندا ۽ سڀئي ان ڳالھ تي راضي ٿيا ـ ٻه ٽي ڏينهن جي اندر ٻارن جو تعداد 70 کا مٿي ٿي ويو ـ ڪجھ ڏينهن کان پوء سائين جن کي اتان جهنڊو کوسو اسڪول مل ايريا ڏانهن بدلي ڪيو ويو ـ جهنڊو خان خود تمام ڏينگو ماڻهو هيو ڪوئي استاد ان جي اسڪول ۾ پڙهائي نه سگهندو هو ـ ٻه سال مسلسل محنت کان پوء جهنڊو خان سائين جي محنت مان تمام گهڻو متاثر ٿيو ۽ هر مهيني استادن جي خدمت ۾ پيش ٿيندو هو ـ ٻه سالن کان پوء سائين جن جي بدلي لطيف چوڪ جي مسجد اسڪول نور ڪبريا مسجد ۾ رکيو ويو ـ ٻه سال اتي پڙهائڻ کان پوء سائين کي درياھ آباد ايٽ نهالاڻي کوسو نالي اسڪول کولرايو ، جتي 8 سال هيڊ ماستر ڪري رکيو ويو ، جتي 300 ٻار انرول هيا ۽ يارنهن استاد ۽ هڪ پٽيوالو هيو ـ اتي بلڊنگ پرائيويٽ هئي ۽ سائين پنهنجي سنگت مان ڊيسڪن ، بئنچن ۽ ڪرسين جو انتظام ڪرايو ۽ پوء مختلف اسڪولن ۾ بطور هيڊماستر خدمتون سرانجام ڏنيون ـ سائين پيار علي بطور ريسورس پرسن سُپروائيزر لڪي شاھ صدر ۾ به خدمتون سر انجام ڏنيون ، پر سائين جن سُپروائيزري جي بجائي پڙهائڻ کي ترجيح ڏني ۽ ان وقت بند پيل اسڪول کولرايا ، پوء سُپروائيزري جو آرڊر ڪينسل ڪري سائين جن کي خيرپورناٿن جي گوزي ڀرسان مصري خان کوسو اسڪول ۾ هيڊماستر طور رکيو ويو ـ اتي ڏيڍ سال رهڻ کان پوء سائين جن کي پرائمري اسڪول گوزو شريف تعلقي خيرپور ناٿن شاھ ۾ رکيو ويو ، جتان سائين پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي هئي ـ مگر مصري خان کوسي جا رهواسي بدلي ڪرائي واپس مصري خان کوسو اسڪول ڏانهن بدلي ڪرائي وٺي آيا ، جتي ٻه سال پڙهائڻ کان پوء سائين پنهنجي بدلي ڪرائي ڪوٽڙي شهر آيا ـ
ڪوٽڙيء ۾ سائين جن کي ليبر اسڪوائر اسڪول ۾ رکيو ويو سال کان پوء اوور ڪرائوڊ شاھ لطيف چوڪ تي مسجد اسڪول ۾ رکيو ويو ، ۽ اتان بدلي ڪرائي گورنمنٽ پرائمري بوائز نانگو لائن اسڪول ڪوٽڙي ۾ آيا جتي اڄ تائين پڙهائڻ جي خدمت ڏئي رهيا آهن ـ سائين جن پنهنجي محنت ، خلوص ۽ سچائي سان سر انجام ڏيڻ ۽ پنهنجي پڙهائڻ واري انداز جي ڪري تمام مشهور آهن ـ سائين جي ڪلاس جا ٻار سندن اڻ ٿڪ محنت ۽ پر خلوص ايمانداري جي ڪري تمام سٺا ٿي پاس ٿيندا آهن ۽ ايندڙ انسپيڪشن ٽيم جي آفيسرن کي سوالن جا جواب ڏئي ۽ سبقن جي پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ بهترين موٽ ڏئي کين حيران ۽ متاثر ڪري ڇڏيندا آهن ـ
سائينء جي خلوص جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته سائين شروع کان وٺي اسڪول پابنديء سان ويندا آهن ۽ تمام گهٽ ڇٽي ڪندا آهن ـ
سائين جن جا چار پٽ حافظ قرآن آهن ـ انهن مان هڪ عالم دين آهن جنهن جو نالو حافظ رفيق احمد آهي ـ هڪ قرآن شريف جو قاري آهي جنهن جو نالو حافظ شفيق آهي ـ ٻه حافظ هجڻ سان گڏ علي بابا گورنمنٽ ڊگري ڪاليج , ڪوٽڙي ۾ پڙهي رهيا آهن ، جن جا نالا حافظ عبدالوحيد ۽ حافظ عبدالمجيد آهن ـ ان کان علاوه سائين جو هڪ پٽ معشوق علي آهي ـ سائين جو ٻيو پٽ ياسين پيار علي آهي ۽ سائين جو آخري پٽ عبدالوهاب جيڪو گورنمنٽ ڪاليج يونيورسٽي ، حيدرآباد ۾ ڪمپيوٽر سائنس ۾ پڙهي رهيو آهي ـ
سائين پيار علي پڙهائڻ کان علاوه ڪافي سماجي سرگرمين ۾ به خدمتون سر انجام ڏنيون آهن ـ سبحان الله ڪالوني ، ڪوٽڙي ۾ ترقياتي ڪمن ۾ ٻين ساٿين سان گڏ ڀڄ ڊوڙ ڪري اتي بجلي ، گئس ، ڊرينيج سسٽم ۽ پڪا روڊ ۽ گليون ٺهرايائون ـ شروعاتي رهواسين کي مفت بجلي ۽ گئس جا ميٽر منظور ڪرائي ڏنا ـ سائين 25 سال خطيب طور مدينه مسجد دريا آباد ڪالوني ۾ خدمت ڪئي ـ پوء 2 سال پيش امام ۽ خطيب طور رحماني مسجد ۾ خدمت ڪئي ـ سائين بطور سٺا مقرر به آهن ـ سائين جي پڙهائڻ مان متاثر ٿي ڊي اي او (پرائمري) ڄامشورو جناب پانڌي خان ٽالپر سندن تعريف ۾ هن ريت الفاظ لکيا ته
"I am really impressed of his way of teaching and salute him for his services."
اهو پانڌي خان صاحب جو تعريفي نوٽ گورنمنٽ پرائمري بوائز اسڪول نانگو لائن ڪوٽڙي ۾ هيڊمسٽريس ميڊم نوشين سحر پنهنجي اسڪول لاء مان ۽ اعزاز سمجهندي ، سائين پيار علي جي فوٽو سان گڏ پنهنجي آفيس ۾ لڳايو آهي ـ سائين جن کي سھارو ويلفيئر ايسوسيئيشن جي طرفان 2017ع ۾ علي بابا بيسٽ ٽيچر ايوارڊ پڻ مليو ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي پنهنجي زندگيء کي بيان ڪندي چيو ته " زندگي جيڪا ڪتابن ۾ پڙهائي وڃي ٿي عملي طور اها تمام بر عڪس آهي ـ اهو ممڪن ئي نه آهي ته اسان جيڪو اڄ ڪتابن ۾ پڙهون ٿا اهو ساڳيو اسان جي زندگي ۾ به هجي ـ جتي ڪتابن ۾ سچائي ۽ ايمانداري ۽ خلوص ۽ اخلاق جا سبق پڙهايا ويندا آهن ، اتي زندگي ۾ اهي مشڪل لاڳو ٿيندا آهن ـ ائين ممڪن ئي نه آهي ته ڪو شخص ڪنهن ظلم جي خلاف سچ ڳالهائي ۽ ان جا مخالف پيدا نه ٿين ۽ ان جي خلاف ڪوڙيون سازشون نه ٿين ـ امام حسين عليه السلام ۽ اهل بيت جي تاريخ اسان سڀني جي اڳيان آهي ـ سچ ۽ اسلام جي لاء ڳالهائڻ تي سخت ترين مخالفت جو مثال ٻيو ڪٿي به نٿو ملي ـ مگر جنهن سچ ڳالهائڻ نه ڇڏيو اهو انهيء ڳالھ لاء به تيار هوندو آهي ته ان جي مخالفت پنهنجن ويجهو دوستن ۽ رشتيدارن کان شروع ٿيندي " ـ سائين جن پنهنجي زندگيء جو تجربو ائين به ٻڌايو ته " بدلو وٺي پنهنجي دل کي سڪون ڏيڻ تمام آسان ڪم آ ـ اصلي بدلو ته اهو آ ته توهان هر شيء الله جي حوالي ڪري خاموشي اختيار ڪيو , پوء الله کان وڌيڪ بهترين بدلو وٺندڙ ڪير ٿي سگهي ٿو ـ انهن ماڻهن جو ساٿ ڪڏهن نه ڇڏيو جنهن ڏکئي وقت ۾ توهان جو ساٿ ڏنو ـ انهن کي بلڪل نه وساريو جنهن توهان کي پريشاني ۾ ڏسي ساٿ ڇڏي ڏنو " ـ سائين جن اهو به چيو ته " منهنجي سڄي عمر سچ ڳالهائيندي ۽ الله جي رستي تي هلڻ جي دعوت ڏيندي گذري آ ـ انهيء جي ڪري ڪجھ ويجها عزيز ۽ دوست به ڇڏي ويا ـ پر اهي دوست ڪيئن سڏبا جيڪي ٿوڙي تڪليف تي ساٿ ڇڏي وڃن " ـ سائين جن فيسبوڪ جي توسل سان نوجوانن ۽ شاگردن کي پيغام ڏيندي چيو ته " بيشڪ علم انسان جي ٽين اک آهي ـ پر صرف ڪتابي علم حاصل ڪرڻ انسان کي اڻپورو ڪري ڇڏيندو آهي ـ علم حاصل ڪيو سچ حق ۽ ڀلائي لاء ۽ ان جي لاء ڪتاب صرف پهريون ڏاڪو آهن ـ ڪوشش ڪيو پنهنجي ايمان ۽ علم ۽ عمل کي هڪ ئي راھ تي رکو ـ انهن مان ڪو به هيڏي هوڏي ٿيو ته ممڪن آهي انسان گمراهي ۾ وڃي ـ پنهنجي قول و فعل ۾ تضاد نه آڻيو ـ صبر کي ڪڏهن نه ڇڏيو ـ وڏن کي عزت ڏيو ـ ننڍن مان سکڻ ۾ ڪيٻائي نه ڪيو ـ قرآن ۽ سنت ۽ اهل بيت زندگي ۾ بهترين روشني آهن " ـ
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ
.png)
Comments
Post a Comment