Profile # 30 Sarfaraz Ali Memon (HST - GBHSII Kotri) سرفراز علي ميمڻ

 

محترم جناب سائين سرفراز علي ميمڻ صاحب 1 جنوري 1981ع ۾ ضلعو ڄامشورو جي شھر ڀان سيد آباد ، تعلقو سيوھڻ شريف ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن جو ڏاڏو برادي خان ، ڇٽاڻي ميمڻ ھو ۽ نانو محمد ھاشم ، فاضلاڻي ميمڻ ھو ـ سائين جن جو والد حاجي احمد ميمڻ ھڪ آبادگار ۽ مالوند ھو ـ 

سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، ڀان سيد آباد مان پرائمري جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن گورنمنٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول ، ڀان سيد آباد مان مئٽرڪ ۽ انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ، سيوھڻ شريف مان گريجوئيشن ۽ ماسٽرس جا امتحان پاس ڪيا ـ سائين جن بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جا امتحان شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ، ڪيمپس دادو مان پاس ڪيا ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي جي ايلسا قاضي ڪيمپس (اولڊ ڪيمپس) حيدرآباد مان ايم فل جو امتحان بہ پاس ڪيو آهي ـ سائين جن فارميسي ۾ بہ ڪم ڪيو آهي ۽ سب انجنيئر طور پڻ ڪم ڪيو آهي ـ

سائين جن تعليم کاتي ۾ آئي بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ سائين جن کي 1 آگسٽ 2008ع ۾ جي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سائين جن جي اپائنٽمنٽ گورنمنٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول ، ڀان سيد آباد ۾ ٿي ـ سائين جن جو 2015ع ۾ ايڇ ايس ٽي طور پروموشن ٿيو ۽ سائين جن ساڳي ئي اسڪول ۾ ايڇ ايس ٽي طور خدمتون سر انجام ڏيڻ لڳا ـ سائين جن جو 4 جنوري 2022ع ۾ ٽرانسفر گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول ، اشاعت الاسلام ، ڪوٽڙي ۾ ٿيو ـ

سائين سنڌ يونيورسٽي آف ڪيمپس ڀان سيد آباد ۾ 2015ع کان 2018ع تائين ڪوآرڊينيٽر بہ رهيا آهن جتي بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جي شاگردن کي پڙهائيندا ھئا ، اي سي اي ۽ ڊپلومہ ان آئي ٽي جا ڪورس بہ شاگردن کي ڪرايا آهن - سائين جن آئي بي اي ٽيسٽ پاس ٽيچرز ايڪشن ڪميٽي 2008ع جا مرڪزي اڳواڻ رهيا آهن - سائين جن استادن جي تنظيم گسٽا سنڌ جي يونٽ ڀان سيد آباد جا 2013ع کان 2016ع تائين جنرل سيڪريٽري رهيا آهن ـ سائين جن گسٽا سنڌ جي تعلقي سيوھڻ شريف جا 2016ع کان 2019ع تائين جنرل سيڪريٽري رهيا آهن ـ سائين جن 2022ع ۾ گسٽا سنڌ جي يونٽ اشاعت الاسلام جا جوائنٽ سيڪريٽري منتخب ٿيا آهن ـ سائين جن سنڌي ادبي سنگت جي ڀان سيدآباد شاخ جي ميمبر ھجڻ سان گڏ ھيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جا بہ ميمبر رهيا آھن ـ سائين جن آئي ڊي او جا صدر آهن ۽ يو ايم جي ڀان سيد آباد جا جوائنٽ سيڪريٽري بہ آهن ـ سائين جن نظم ۽ نثر تي بہ ڪم ڪيو آهي سائين جن جي شاعري 2022ع واري ٻوڏ دوران

 منڇر توتي ڪٽ لڳي ويو 

ڄڻ ڪو آ راڪاس گهمي ويو

مشهور بيت رهيو آهي نثر جي صنف " اڌ اکري " تي بهترين ڪم ڪيو آهي ـ

سائين جن فزڪس ، رياضي ، ابتدائي سائنس ، انگريزي ، سنڌي ۽ اڙدو جا سبجيڪٽس پڙھايا آهن ۽ اٺين ، نائين ۽ ڏھين ڪلاس جا ڪلاس ٽيچر رھيا آهن ـ سائين جن شطرنج جا تمام بھترين رانديگر آهن ـ سائين جن کي ٽريولنگ جو تمام گھڻو شوق آهي ۽ سنڌ جا تقريباً سڀ تاريخي ۽ تفريحي ماڳ گھميا آهن ـ سائين جن فارغ وقت ۾ ڪتابن جو مطالعو ۽ پيغام لطيف پڙھن ٿا ـ سائين جن جي پسنديدھ شخصيت چي گويرا آهي ـ سائين جن ڪيريئر ڪائونسلنگ جي ذريعي اسڪالرشپ تحت پبلڪ اسڪولن توڙي ڪيڊٽ ڪاليجن ۽ يونيورسٽي جي شاگردن جي تياري ڪرائي آھي ۽ سائين جن جا پنهنجا ٻار بہ اسڪالرشپ تحت آئي بي اي پبلڪ اسڪول ، حيدرآباد ۾ تعليم پرائي رھيا آهن ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو تہ " جن جو بہ مون تي احسان آهي اُهي مهنجا دوست آھن جنهن بہ مونکي ڪجهہ سيکاريو اُهي مهنجا بهترين استاد آهن ـ " نظرياتي حوالي سان سائين جن انٽرنيشنلٽ/هيومنسٽ رهيا آھن ، سنڌ جي حقيقي صوفين جن ۾ رواداري ، سهپ ۽ انساني قدر آھن انهن مان متاثر آھن ـ سائين جن فنلئنڊ ، جاپان ۽ ازبڪستان جي تعليمي نظام کان متاثر آهن ـ

سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ ڇھون نمبر آهن ـ سائين جن جو ھڪ ڀاء ذوالفقار ميمڻ فوڊ انسپيڪٽر طور رٽائر ٿيو آهي ـ سائين جن جي چاچي نور محمد ميمڻ سيوھڻ تعلقي ۾ ٽرانسپورٽ شروع ڪئي ـ سائين جن جو مامو علي اصغر ميمڻ ڊپٽي ڊائريڪٽر حيدرآباد ڪوآپريٽو مان رٽائر ٿيو آهي ـ ٻيو مامو ڊاڪٽر اعظم ميمڻ برطانيہ ۾ ڊاڪٽر آهي ۽ مامي پروين اعظم ميمڻ شيفيلڊ يونيورسٽي ، برطانيہ ۾ نرسنگ ڊپارٽمينٽ جي پروفيسر آهي ـ  سائين جن جو ماروٽ ڊاڪٽر غلام مجتبيٰ ميمڻ سول سرجن طور سول اسپتال ، ڪراچي مان رٽائر ٿيو آهي ـ سائين جن جو ٻيو ماروٽ مھتاب ميمڻ ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر ، ڄامشورو آهن ـ جڏھن تہ سائين جن جو ماروٽ آفتاب حسين ميمڻ ميڊيڪل اسٽور ڪيپر ۽ علي محمد ميمڻ پرائمري اسڪول ٽيچر آهن ـ سائين جن جي خاندان مان قربان ميمڻ ڊپٽي ڊائريڪٽر بيورو آف ڪريڪيولم ، ڄامشورو ۾ پنهنجا فرض نڀائي رھيا آهن ـ نورالاهي ميمڻ ، ظهير ڪريم ميمڻ ۽ اشفاق ميمڻ ايڇ ايس ٽي آهن ـ

سائين جن جستجوء جي صلاح ڏيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " زندگي جستجوء جو نالو آهي ـ ڪو به عمل عملي طور ڪجي لرننگ باء ڊوئنگ -"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل