Profile # 25 Manzoor Ahmed Shahani (Superintendent - GBHSII Kotri) منظور احمد شاھاڻي


محترم جناب سائين منظور احمد شاھاڻي صاحب 15 مئي 1963ع تي ڳوٺ ٻيلو خان شاھاڻي , لڳ موندر , تعلقو دادو , ضلعو دادو ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن جو خاندان بہ تعليم کاتي ۾ سرڪاري ملازمت ۾ رھيو آهي ـ سائين جن جو والد حاجي محمد قاسم شاھاڻي تعليم کاتي ۾ پي ايس ٽي ھئا ۽ وڏو عرصو مسجد ۾ پيش امام جا فرض نڀائيندا رھيا ۽ ٻارن کي ديني ۽ دنياوي تعليم ڏيندا رھيا ـ سائين جن پرائمري جي تعليم گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , ٻيلو خان شاھاڻي مان حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , موندر مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن انٽر ڪمرشل ڪاليج , دادو مان پاس ڪئي ۽ ان ڪاليج مان شارٽ ھينڊ ۽ ٽائيپنگ جو امتحان بہ پاس ڪيو ـ سائين جن بي اي بہ پاس آهن ـ سائين جن اسڪول لائف ۾ نيٽ بال جا تمام بھترين رانديگر رھيا آهن ـ سائين جن جي بھترين استادن ۾ سائين علي نواز عباسي , سائين شبير احمد سيال , سائين علي اڪبر لغاري , سائين شمس الدين شينو ۽ سندن والد صاحب شامل آهن ـ

سائين جن کي 20 فيبروري 1983ع تي دادو ضلعي جي ڊي اي او سيڪنڊري آفيس ۾ جونيئر ڪلرڪ جو آرڊر مليو ـ سائين جن جو 1988ع ۾ سينئر ڪلرڪ ۾ پروموشن ٿيو , 2003ع ۾ اسسٽنٽ ۾ ۽ 2017ع ۾ سپرنٽينڊنٽ ۾ پروموشن ٿيو ـ ان عرصي دوران سائين جن جي دادو ضلعي جي مختلف آفيسن ۾ پوسٽنگ ٿي ـ سائين جن جو 2018ع ۾ گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول , اشاعت الاسلام , ڪوٽڙي ۾ ٽرانسفر ٿيو ـ سائين جن کي اسلامي ڪتاب پڙھڻ جو شوق آهي ـ

سائين جن پنهنجي شخصيت جي ڪري ايترو تہ مشهور آهن جو پري پري کان سرڪاري ملازم سائين وٽ ايندا آهن ـ پوء اھو سروس بڪ مينٽين ڪرائڻو ھجي يا ريٽائرمينٽ متعلق ڪا صلاح ۽ حساب , جي پي فنڊ جو حساب ھجي يا سروس لون جو حساب , انڪريمينٽ جو حساب ھجي يا فگزيشن , رليوونگ ھجي يا جوائننگ وغيرھ وغيرھ ـ مطلب تہ سرڪاري ملازمت متعلق ڪنهن بہ مسئلي جي مڪمل ڄاڻ سائين جن وٽ ھوندي آهي ـ سندن مھارت ۾ شايد ئي ڪو ٻيو مٽ ھجي ـ ايتري قابليت جي ڪري سائين جن اسان جي اسڪول گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول , اشاعت الاسلام , جي اسٽاف لاء ڪنهن نعمت کان گھٽ ناھن ـ سائين جن جون خدمتون سالن تائين پيون ڳائبيون ـ

سائين جن پنهنجي ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ ٻئي نمبر تي آهن ـ سائين جن جو وڏو ڀاء عبدالستار شاھاڻي تعليم کاتي ۾ پي ايس ٽي رٽائر ٿيا آهن ـ سائين جن جو ننڍو ڀاء عبدالجبار شاھاڻي تعليم کاتي ۾ پي ايس ٽي آهن ـ

تعليم جي باري ۾ سائين جن جو چوڻ ھو تہ اسين سچائي سان مخلص ٿي پنهنجي حصي جو ڪم ڪريون ۽ محنت ڪريون تہ سنڌ جي تعليم ضرور بھتر ٿيندي ـ سائين جن فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو "شوق سان پڙھو , تعليم کانسواء انسان نہ ھجڻ جي برابر آهي ـ پنهنجو ڪم سچائي ۽ ايمانداري سان ڪريو ـ"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

 

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل