Profile # 24 Naeem Ali Abro (Teacher & Social Activist) نعيم علي ابڙو

 

محترم جناب سائين نعيم علي ابڙو صاحب 10 جون 1995ع تي پيارو اسٽيشن , تعلقو دادو , ضلعو دادو ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن جو والد نبي بخش ابڙو صاحب شوگر ملز , دادو مان ڊپٽي چيف ڪيمسٽ طور رٽائر ٿيا آھن ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ چوٿين نمبر تي آھن ـ سائين جن پرائمري جي تعليم گورنمنٽ پرائمري اسڪول , پيارو ڳوٺ مان حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول , اشاعت الاسلام , ڪوٽڙي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن گورنمنٽ علي بابا بوائز ڊگري ڪاليج , ڪوٽڙي مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي , خيرپور ڪيمپس مان اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ بي اي جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي , اسلام آباد مان بي ايڊ جو امتحان پاس ڪيو ـ 2009ع ۾ گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول , اشاعت الاسلام , ڪوٽڙي مان صرف سائين جن کي سائين مرحوم بدرالدين پنھور ميٿ ايگزل ڪيمپ لاء سيليڪٽ ڪري پائيٽ نوابشاھ ۾ ميٿ ايگزل ڪيمپ ۾ مقابلو کٽڻ جو ٽاسڪ ڏنو جيڪو پڻ سائين جن جي لاءِ اعزاز ھيو ـ

سائين جن جي پسنديدھ استادن ۾ ڀاء پروفيسر ڊاڪٽر وحيد علي ابڙو , پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم کوسو , سائين احمد بخش بلوچ ۽ سائين مرحوم بدرالدين پنھور شامل آھن ـ سائين جن جي بھترين استادن ۾ اسڪول ۾ سائين نويد احمد ميمڻ , سائين منظور علي نائچ , سائين غلام شبير کوسو , سائين حسن علي کوسو , سائين قربان علي چنہ ۽ ميم پروين آرائين , ڪاليج ۾ سائين جاويد حبيب ميمڻ ۽ سائين نور محمد شيخ , يونيورسٽي ۾ سائين ڪليم ﷲ ڀٽي , سائين عرفان باجڪاڻي ۽ سائين معصوم علي شاھاڻي شامل آهن ـ سائين جن جو ٽيچنگ ۾ شوق سبب انٽر کان پوء مختلف پرائيويٽ اسڪولز ۾ سائنس ۽ ميٿ جا ٽيچر رھيا آھن ـ  سائين جن 2015ع ۾ سڪسيس اڪيڊمي آف ماڊرن سائنسز جو بنياد وڌو , جتي تمام گھڻا شاگرد نہ صرف نصاب پڙھيا پر ان سان گڏوگڏ غير نصابي سرگرميون پڻ ڪيائون ـ سائين جن يونيورسٽي پاس آئوٽ کان پوء بحريہ فائونڊيشن ڪاليج , لطيف آباد , حيدرآباد ۾ فزڪس جا ليڪچرر رھيا ۽ ايجوڪيٽرز اسڪول ۾ پڻ فزڪس جا ليڪچرر رھيا ـ سائين جن 2020ع ۾ پنهنجي پرائيويٽ اسڪول برائيٽ فائونڊيشن , لطيف چوڪ , ڪوٽڙي جي شروعات ڪئي , جيڪو سائين جن اڃان تائين ھلائين پيا ـ

سائين جن 2022ع ۾ تعليم کاتي ۾ آئي بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ سائين جن کي 13 سيپٽيمبر 2022ع تي جي اي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سائين جن کي ننڍي هوندي کان سماجي ڪمن جو شوق رھيو آھي ـ شروع ۾ اڪيلي ڪم ڪيو پوء ضلعو ڄامشورو جي سماجي تنظيم آس ڊولپمينٽ فائونڊيشن جا ميمبر ٿيا ـ ان کان پوء لاھور جي اين جي او چانن ڊولپمينٽ ايسوسيئيشن جا ميمبر ٿيا , جنھن سبب ڪوٽڙي ۾ ڪجھ مھينن اندر ئي مختلف نوجوانن جي گروپن کي مختلف ٽريننگز ڪرايون ـ ان سان گڏوگڏ شاگردن کي ڪراچي ۽ لاھور تائين مختلف ٽريننگز ۽ سيمينارز ۾ فلي فنڊڊ ٽرپ ڪرايا , جن مان نوجوانن جي صلاحيتن ۾ تمام گھڻو اضافو ٿيو ـ سائين جن جي لاء 2016ع وڏو اعزاز وارو ھيو جو سائين جن دنيا جي وڏي ڊونر تنظيم آڪسفيم جو يوٿ ايڊوائيزري بورڊ جو 2 سالن لاء ميمبر رھيا , جنھن ۾ پوري پاڪستان مان 12 ۽ سنڌ مان فقط سائين جن ھڪ ڇوڪرو ۽ 2 ڇوڪريون سيليڪٽ ٿيون ـ ان يوٿ بورڊ جو مقصد ھيو نوجوانن جي ذريعي نوجوانن کي اڀرندڙ دنيا جي چيلنجز لاء تيار ڪرڻ ـ ان دوران سائين جن کي ڪراچي , لاھور , اسلام آباد ۽ ڪوئيٽہ ۾ نيشنل ۽ انٽرنيشنل ٽرينرز ذريعي ٽريننگ ڪرائي وئي , جنھن بعد آڪسفيم جھڙي وڏي اداري جي ھڪ 5 سالا لاھور جي اين جي اوز جي پروجيڪٽ جي ايويليوئيشن سائين جن واري ٽيم کان ڪرائي وئي , جنھن ۾ سائين جن واري ٽيم انٽرنيشنل ايويليوئيٽر طور پگهار تي ڪم ڪيو , جنھن پروجيڪٽ جي ڪلوزنگ سيريمني پڻ سائين جن واري ٽيم جي بورڊ ھٿان نيشنل لائبرري آف پاڪستان , اسلام آباد ۾ ڪرائي وئي جتي سائين جن کي ايم اين اي اسلام آباد ميڊم رومينہ خورشيد عالم بھترين ڪارڪردگي تي شيلد پڻ ڏني ـ بعد ۾ سھارو ڊولپمينٽ فائونڊيشن جا 2 سالن کان وڌيڪ چيئرمين رھيا , جنھن دوران پنهنجي ٽيم سان گڏ مختلف سماجي ڪم ڪيا ۽ 2016ع ۾ استادن کي مان ڏيڻ لاء ضلع ڄامشورو ۾ علي بابا بيست ٽيچر جي نالي سان ھڪ شاندار پروگرام پڻ ڪيو جنھن ۾ پنهنجي ريسرچ بيسڊ پريزنٽيشن " ٽيچنگ اينڊ يوز آف ھيومر ان ڪلاس پيش ڪئي ۽ 30 کان وڌيڪ استادن کي سندن بھترين ٽيچر جا ايوارڊ ڏنا ويا - سائين جن سگا ڪوٽڙي شاخ جو ميمبر پڻ آهي ـ

سائين جن فزڪس , ميٿميٽڪس ۽ سائنس جا سبجيڪٽس پڙھايا آھن ـ سائين جن بحريہ فائونڊيشن ڪاليج ۾ پنهنجي سينئر سان گڏ ليڪچرر فزڪس جو انٽرويو ڏنو جنهن ۾ سائين جن کي ترجيع ملي يقينن سائين جن لاء اھو تمام اتساھ ھيو ـ ان کان علاوہ دنيا ليول جي آرگنائيزيشن آڪسفيم جو يوٿ ايڊوازري بورڊ جو ميمبر رھڻ بہ اعزاز آھي ـ اڄ ڏينھن تائين سماجي ڪم ڪرڻ سائين جن جي پسنديدھ سرگرمي رھي آھي ـ سائين جن جي چوڻ مطابق " ڪوٽڙي جي فلاح ۽ بھبود لاء ڪم ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهان ٿو , جو سنڌ ڌرتي جي ننڍي ٽڪري ڪوٽڙي جتي پنهنجي زندگي جو ڳپل وقت گذاريو آهي ـ ﷲ سائين طاقت ڏني تہ ڪوٽڙي لاء ڪجھ ڪري ڏيکاريندس جو ڪوٽڙي منھنجي جند آھي منھنجي پھچان آهي ـ " سائين جن پنهنجي پرائيويٽ اسڪول کي ٽائيم ڏيڻ کان علاوہ سماجي ڪمن مان فرصت ملندي آهي تہ دوستن سان وقت گزاريندا آهن ۽ سنوڪر جا پڻ بھترين رانديگر آهن ـ سائين جن اسڪول ۽ ڪاليج ۾ ڊوڙ ۽ والي بال ۾ حصو وٺندا رهيا آهن ـ سائين جن اسڪول ۾ پھرئين ڪلاس کان ئي پھرين يا ٻي پوزيشن کڻندا رھيا آھن , جنھن جا ايوارڊ پڻ سائين جن سنڀالي رکيا آهن ـ سائين جن کي اسڪول ۾ مختلف پروگرامن ۾ اسپيچ ڪامپيٽيشن ۽ ڪوئيز ڪامپيٽيشن ۾ حصو وٺي مختلف سرٽيفيڪيٽ ۽ ايوارڊ مليا آھن ـ ھڪ دفعو اسپيچ ڪامپيٽيشن ۾ پھرين پوزيشن حاصل ڪرڻ تي ايم پي اي ڪوٽڙي ڊاڪٽر سڪندر علي شورو سائين جن کي ھڪ ھزار رپيا ڏنا جيڪي سائين جن جي لاء وڏا پئسا ھيا ۽ شاگردي واري زماني ۾ وڏو اعزاز ھيو ـ شاگردي واري زماني ۾ ان کان علاوہ سائين جن ڪاليج ۾ ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي پروگرام ۾ ھر سال حصو ورتو , جنهن ۾ سائين جن پوزيشن جون 3 شيلڊون پڻ سنڀالي رکيون آھن ـ سائين جن کي سائنس فيئر ايڊ لنڪس ڄامشورو پاران گورنمينٽ گرلز اسڪول , ڄامشورو ۾ سرٽيفيڪيٽ مليو ـ ان کان علاوہ اسلام آباد , لاھور , ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ وڏن ٽرينرز کان ٽريننگ وٺڻ ڪري 20 کان وڌيڪ سرٽيفيڪيٽ ملي چڪا آهن جن ٽريننگز ۾ ايڊووڪيسي، ليڊر شپ ۽ آرگنائيزيشنل ڊولپمينٽ لاھور ۾ چانن ڊولپمينٽ ۽ آڪسفيم پاران، ميڊيا ايڊووڪيسي ٽريننگ انگيجنگ ميڊيا فار سوشل چينج اسلام آباد ۾ آڪسفيم پاران ، اسڪل ڪامپيٽيشن انڊس ھوٽل حيدرآباد ۾ اسپورٽس ۽ يوٿ افيئرز ڊپارٽمينٽ سنڌ گورنمينٽ پاران، ايس آر ايڇ آر پير ايجوڪيشن ايڊووڪيسي  ٽريننگ ڄامشورو ۾ چانن ڊولپمينٽ لاھور پاران، ليڊنگ وٿ ٽرسٽ ٽريننگ  پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ آفاق پبلشرز پاران ، ھفتي جي ميٿ ايگزل ڪيمپ پائيٽ نوابشاھ ۾ تعريفي سرٽيفيڪيٽ يو ايس ايڊ پاران , اسٽريٽجڪ افيڪٽو مينيجمينٽ ٽريننگ گابا ايجوڪيشن پاران , والٽيئر ليڊر شپ ٽريننگ انسٽيٽوٽ آف اليڪٽريڪل ۽ اليڪٽرونڪس انجنيئرنگ پاران ڊي ايڇ اي صفا يونيورسٽي ڪراچي ۾ , جشن تعليم پروگرام ۾ تقرير ڪرڻ تي سرٽيفيڪيٽ يونين ڪائونسل نمبر ون ڪوٽڙي پاران شامل آھن ـ

سائين جن جي پسنديدھ شخصيت محمد طاھر المعروف سڄڻ سائين آھن ـ سائين جن جي بھترين دوستن ۾ سجاد علي راھپوٽو , ڪامران جتوئي , محمد اياز کوسو , شعيب علي ھڪڙو , نادر علي جھتيال ۽  ڊاڪٽر عرفان ابڙو شامل آهن ـ سائين جن جو وڏو ڀاء انجنيئر ڊاڪٽر پروفيسر محمد علي ابڙو صاحب مٽيريل انجنيئرنگ ۾ سائوٿ ڪوريا مان پي ايڇ ڊي ڪئي آهي ۽ مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي , خيرپور ڪيمپس ۾ مڪينيڪل انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جا چيئرمين آھن ۽ فل وقت پوسٽ ڊاڪٽريٽ لاء فرانس ويل آهن ـ سائين جن جو ٻيو وڏو ڀاء انجنيئر ڊاڪٽر پروفيسر وحيد علي ابڙو صاحب سائوٿ ڪوريا مان پي ايڇ ڊي ڪئي آهي ۽ دائود يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي , ڪراچي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آھن ـ سائين جن جو ٽيون وڏو ڀاء انجنيئر ظھير علي ابڙو پاور هائوس , ڄامشورو ۾ ڪيميڪل انجنيئر آھن ـ سائين جن جو چوٿون ننڍو ڀاء فھيم ابڙو ميٿميٽڪس ۾ ايم ايس سي ڪئي آهي ۽ ھاڻي سعودي عرب ۾ ھيلٿ اينڊ سيفٽي ايگزيڪيوٽو طور ڪم پيو ڪري ـ سائين جن جو پنجون ننڍو ڀاء شھزاد ابڙو مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي مان مڪينيڪل انجنيئرنگ ۾ تازو پاس آئوٽ ٿيو آهي ـ

تعليم جي باري ۾ سائين جن پنھنجا ويچار ونڊيندي ٻڌايو تہ " تعليم روين ۾ تبديلي ۽ روشني جو نالو آهي , جنھن سان رويا سٺا ڪري اوندھ مان روشني ۾ آڻي سگهجي ٿي ـ تعليم جي اھميت اھا آھي جو تعليم کان سواء انسان اڌورو آهي جيئن بغير خوشبو جي گل ـ تعليم کي بھتر ڪرڻ لاء مان سمجھان ٿو تہ استادن سان گڏوگڏ والدين کي پڻ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو , ڇو جو تاڙي ھڪ ھٿ سان ناھي وڄندي ـ اگر والدين استادن سان تعاون ڪن تہ شاگردن کي يقيني ڪاميابي واري تعليم کان ڪير نٿو روڪي سگهي ـ باقي والدين جي ڌيان کان علاوہ ٻار اسڪول اچي , اھو استاد ۽ شاگرد سان دوکو آھي ـ پڙھائڻ ائين گهرجي جو استاد رھنماء ۽ ھمدرد ٿي پڙھائي , نڪي ڌمڪائڻ وارو ۽ ڊيڄارڻ وارو ـ ڇو جو ريسرچ ظاھر ڪري ٿي تہ ٻار کي پنهنجو ڪري قرب ۽ ھمدردي سان پرھائيندو تہ ڪمزور شاگرد بہ سٺو ٿي پوندو ـ پڙھائڻ لاء مان چوندو آهيان تہ ڪمزور ٻارن تي وڌيڪ ڌيان ڏجي جو انھن کي خاص ڌيان جي ضرورت ھوندي آھي ڇو جو پڙھاڪو شاگرد تہ اڳ ۾ ئي رستي سان لڳل ھوندو آھي ـ ان لاء مان چوندو آهيان تہ مڃان ڪامياب انسان ان کي جيڪو بنجر زمين ڪاھي ڏيکاري ۽ مڃان ڪامياب استاد ان کي جيڪو ڪمزور شاگرد پڙھائي ڏيکاري ـ باقي اسان استاد لڳل ھوندا آھيون رڳو ھوشيار شاگردن پٺيان انھن جو ڪريڊٽ کڻڻ لاء ـ مان سمجهان ٿو استاد سبجيڪٽ کي پريڪٽيڪل دنيا جا مثال ڏئي سمجهائي ۽ مان پاڻ پنهنجي اسڪول ۾ ائين ڪندو آهيان ۽ ھر سيميسٽر جي امتحانن ۾ شاگردن کان سائنس سبجيڪٽ جي واء واز ۽ پريڪٽيڪل ڪانسيپٽز پڻ ھڪ ايڪسٽرنل استاد ذريعي پڇندو آهيان ـ" سائين جن شاگردن ۽ عام ماڻهن لاء ھنن سونھري لفظن ۾ پيغام ڏنو " تعليم جي بھتري ۽ ڪاميابي لاء شاگرد پنهنجو پاڻ کي سڃاڻن ـ زندگي جو مقصد سيٽ ڪن ـ ھڪ فيلڊ جو سوچي ان لاء ڏينھن رات محنت ڪن ـ پنهنجي قابليت تي ڀروسو ڪن ـ ﷲ تي ڀروسو ڪن ـ سچائي ۽ خلوس سان ڪم ڪن ـ محنت ڪن ـ ٻين لاء سوچن ـ ٻين جي ڪم اچن ـ ڪاميابي يقينن انھن کي ملندي ـ"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل