Profile # 29 Mahar Dil Memon alias Dodo Memon (Assistant - DEO ES&HS Jamshoro) مھر دل ميمڻ عرف دودو ميمڻ
محترم جناب سائين مهر دل ميمڻ عرف دودو ميمڻ صاحب 20 ڊسمبر 1988ع تي ضلعو ڄامشورو جي شھر سيوهڻ شريف ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن جا ڏاڏا سائين عبدالرزاق ميمڻ صاحب لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ ھيلٿ سائنسز (لمس) ، ڄامشورو ۾ مالهي ھئا ـ سائين جن جا والد محمد اسمٰعيل ميمڻ صاحب لمس ، ڄامشورو ۾ پوسٽ ماسٽر ھئا ـ سائين جن پرائمري جي تعليم گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، بلديہ ڪالوني ، حيدرآباد مان 1998ع ۾ حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ نور محمد هاء اسڪول ، حيدرآباد مان 2004ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن گورنمنٽ مسلم سائنس ڪاليج ، حيدرآباد مان 2006ع ۾ انٽرميڊيئيٽ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن گورنمنٽ سچل ڪامرس ڪاليج ، هيرآباد ، حيدر آباد مان 2009ع ۾ بي-ڪام ۾ گريجوئيشن جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن 2011ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان سنڌي ۾ ماسٽرس ڪئي ـ سائين جن 2015ع ۾ علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي ، اسلام آباد مان بي ايڊ ۽ لائبريرين جو ڇھن مهينن جو شارٽ ڪورس پڻ ڪيو ـ
سائين جن جو پرائمري ۾ سر منظور احمد پنھور بهترين استاد رهيو ، مئٽرڪ ۾ سر تاج علي شاھ صاحب ، سر شعيب ميمڻ ، سر حاميم ميمڻ ، سر عزيز ، سر منير ٽالپر سائين جن جا بهترين استاد رهيا ، انٽر ۾ حفيظ ڪنڀر ۽ سر ج-ايم ڀٽي بهترين استاد رهيا ـ
سائين جن کي پرائمري ۾ پوزيشن کڻڻ تي شيلڊ سان نوازيو ويو ـ مئٽرڪ ڪلاس ۾ 2003ع ۾ جشن آزادي ۾ گروپ ملي نغمو ڳائڻ تي ناظم مخدوم صاحب شيلڊ ۽ سرٽيفيڪيٽ سان نوازيو ـ
سائين جن کي 21 اپريل 2009ع ۾ تعليم کاتي جي ڊي اي او ڄامشورو ۾ جونيئر ڪلرڪ جو آرڊر مليو ـ سائين جن جو 2014ع ۾ سينئر ڪلرڪ ۾ پروموشن ٿيو ۽ 2018ع ۾ اسسٽنٽ ۾ پروموشن ٿيو ـ
سائين جن تنظيمي حوالي سان انجمن شبير سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي ڄامشورو ۾ جنرل سيڪريٽري طور بارگاھ حسيني جا خدمتگزار رهيا آهن ـ
سائين جن پرائمري ۾ پڙھڻ دوران پنهنجي زندگي جو ھڪ واقعو سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم کي ٻڌائيندي چيو تہ ٽئين ڪلاس ۾ اسڪول نه وڃڻ تان استاد ٻارن کي گهر موڪليندو هو ته مهردل کي کڻي اچو جنهن تان مان گهر جي گئلري مان پٿر اڇلائي ڀڄائي ڇڏيندو هئس ـ هڪ ڏينهن اسڪول نه وڃڻ تان بابا سائين ڪلهي تي کڻي اسڪول ڇڏي آيو ـ اتي گهڻي روئڻ تان مٿو بورڊ ۾ هنيئن جنهن کان پوء ڪڏهن اسڪول کان نه نٽايو ـ
سائين جن پنهنجين سرگرمين جي باري ۾ سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم کي ٻڌائيندي چيو تہ مان ڪرڪيٽ جو تمام گھڻو شوقين هوندو هوس ، گهمڻ ڦرڻ تفريحي مقامن تي ، ملازمت کان علاوھ 2016ع کان ايچ اي سي جي طرفان ٿيندڙ لا ايڊميشن ٽيسٽ ۾ پڻ انويجيليٽر طور ڪم ڪيو آهي جتي هاڻي سپروائيزر طور ٽيسٽ ۾ هوندو آهيان ـ مختلف ادارن اين ٽي ايس ، پي ٽي ايس ۽ ايس ٽي ايس ۾ انويجيليشن طور پڻ ڪم ڪندو رهندو آهيان ـ
سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ ٻئين نمبر تي آھن ـ سائين جن جا سئوٽ غلام عباس ميمڻ نيڊ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ، ڪراچي ۾ 18 گريڊ جا لائبريرين آهن ـ
سائين جن جي پسنديدھ شخصيتن ۾ مذهبي شخصيت علامہ سيد شهنشاھ حسين نقوي صاحب ، استاد اخلاق احمد اخلاق صاحب ، مولانا اشفاق حيدر حيدري صاحب شامل آهن ـ سائين جن جي بھترين دوستن ۾ پرائمري کان انٽر تائين ساٿ ڏيندڙ ثناءالله ميمڻ ، مشهدي مرزا ، اشفاق چانڊيو ، فضل الله ڪوريجو ، زبير شاهاڻي (حيدرآباد مان) ، ڄامشورو مان سيد ضمير حسين شاھ ، علي رضا بليدي ، حسن خاصخيلي ، راشد ڀنڀرو ، اختيار جوکيو پڻ شامل آهن ـ
سائين جن آفيس جي ڪمن کي مھارت سان انجام ڏيندا آهن ، ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ جو ھر ڪم تمام مھارت سان ڪندا آھن ـ سائين جن آفيس ۾ ڪنھن بہ ڪم سان ايندڙ ھر ماڻهو جي عزت ڪندا آهن ۽ مان ڏيندا آهن ـ سائين جن جي اھڙي شخصيت جي ڪافي ماڻهو تعريف بہ ڪندا آهن ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان تعليم جي باري ۾ ڳالھائيندي چيو تہ " تعليم روشني آهي ، جنهن کان سواء اونداھ آهي ـ تعليم کان سواء انسان ۾ شعور ناهي ـ تعليم هر مرد عورت لاء لازمي آهي ـ تعليم کي بهتر بنائڻ لاء ڪاپي ڪلچر ختم ڪرڻو پوندي ته جيئن ٻار محنت ڪن ـ"
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن ۽ عام ماڻھن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " شاگرد محنت ڪن ته جيئن پنهنجي تعليم ۾ ڪامياب ٿين ، پنهنجي والدين جي عزت ڪن ته جيئن انهن جي اولاد انهن جي عزت ڪري ـ"
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment