Profile # 27 Ghulam Ali Palh (PST - GBPS, AD Baloch, Kotri) غلام علي پلھ

 

محترم جناب سائين غلام علي پلھ صاحب 29 آگسٽ 1974ع تي ڳوٺ پلھا , پيارو اسٽيشن , تعلقو دادو , ضلعو دادو ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن جو والد محمد موسٰي پلھ تعليم کاتي ۾ پي ايس ٽي رٽائر ٿيا آهن ـ سائين جن پرائمري جي تعليم ڳوٺ پلھا جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ نياز ھاء اسڪول ٽڳا , پيارو اسٽيشن مان مئٽرڪ جو امتحان A-1 گريڊ ۾ پاس ڪيو ـ ٽڳا اسڪول ۾ A-1 گريڊ ۾ پاس ٿيڻ وارا پھريان شاگرد سائين جن ھئا ۽ سائين جن کي اھڙي ڪارڪردگي تي اسڪول طرفان ايوارڊ پڻ مليو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج , دادو مان انٽر جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ ايليمينٽري ڪاليج , دادو مان پي ٽي سي ۽ سي ٽي جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن کي 27 سيپٽيمبر 1993ع ۾ پي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سائين جن جي اپائنٽمنٽ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , خدا بخش مورائي , پيارو اسٽيشن ۾ ٿي ـ سائين جن ملازمت جو ڪجھ عرصو گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , رڪڻ نيئر پاٽ شريف ضلعو دادو , گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , خدا جي بستي , ڪوٽڙي ضلعو ڄامشورو ۽ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , غوثيہ ڪالوني , ڪوٽڙي ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون آهن ـ سائين جن ھن وقت گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , عبدالله دينار بلوچ , ڪوٽڙي ۾ سيڪشن انچارج طور پنھنجا فرض نڀائي رھيا آهن ـ سائين جن ٽائم اسڪيل جي حساب سان سورھين گريڊ ۾ آهن ـ سائين جن کي محمد اسمٰعيل باريچو استادن جي تنظيم پ ٽ ا ۾ متعارف ڪرايو ـ سائين جن ھن وقت پ ٽ ا جي ٽينيور 2020-24ع ۾ ضلعو ڄامشورو جا پريس سيڪريٽري آهن ـ سائين جن پرائمري جا سڀ سبجيڪٽس پڙھايا آهن ـ سائين جن کي پائيٽ ٽريننگز ۾ ٽريننگ دوران بھترين ڪارڪردگي تي ايوارڊ پڻ مليا آهن ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي پنهنجي زندگي جو 1991ع جو ھڪ واقعو ٻڌائيندي چيو تہ ريل گاڏي مان ڦلجي ۽ پيارو اسٽيشن جي وچ ۾ ڪري پيس ۽ منهنجيون آڱريون ڪٽجي ويون جيڪي اڄ ڏينهن تائين ڪٽيل آهن ـ

سائين جن غريبن جي مدد ڪندا رھندا آهن ـ سائين جن نوجوانن کي نشي ۽ برين عادتن کان بچائڻ لاء راند ڏانهن مائل ڪرائيندا آهن ـ سائين جن والي بال جا ٽورنامنٽون ڪرائيندا رھندا آهن ـ سائين جن روزانو پابندي سان واڪ ڪندا آهن ۽ گھڻو وقت پنهنجن دوستن سان گڏ گذاريندا آهن ـ سائين جن جا بھترين دوست محمد علي چنڙ (ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر , ضلعو ڄامشورو) , حسن علي کوسو (ايڇ ايس ٽي) , محمد صديق ابڙو (ايڇ ايس ٽي) , اعجاز سولنگي (ايڇ ايس ٽي) ۽ مختيار علي ڏاھري (ايڇ ايس ٽي) آهن ـ سائين جن جي بھترين استادن ۾ ناميارو تعليمدان سائين شفيع محمد قريشي , سائين محمد عثمان ٽڳو , امام الدين چانڊيو ۽ علي اڪبر راھوجو آهن ـ سائين جن جي پسنديدھ شخصيت پ ٽ ا جو موجودھ صدر جناب غلام رسول مھر صاحب آهي ـ 2004ع ۾ انور کوسو صاحب سائين جن جو آفيسر رھيو آهي جنھن سائين جن جي ھر طرح سان مدد ڪئي ۽ تمام سٺي طرح سان سائين جن سان ڪوآپريشن ۾ رھيو ۽ سائين جن سندن پنهنجي والد جيتري عزت ڪندا آهن ـ

سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ ٽيون نمبر آهن ـ سائين جن جو وڏو ڀاء منصور علي پلھ حبيب بينڪ ۾ آفيسر آهي ـ سائين جن جو ٻيو وڏو ڀاء طارق علي پلھ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , نانگو لائين , ڪوٽڙي ۾ پي ايس ٽي آھي ـ سائين جن جو ننڍو ڀاء ڊاڪٽر ضمير علي پلھ فريش واٽر بايولاجي ۾ پي ايڇ ڊي ھولڊر آهي ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان تعليم جي حوالي سان ڳالھائيندي چيو تہ سنڌ جي اسڪولن ۾ جديد دور جي تقاضا مطابق سھولتون فراھم ڪيون وڃن ـ سھولتن جي اڻھوند جي ڪري اسڪولن ۾ ڊراپ آئوٽ جو ريشو وڌندو وڃي ـ نوان استاد جيڪي ٽيسٽ پاس ڪري آيا آهن انهن ۾ تمام گھڻو ٽيلنٽ آهي ـ پر اڃان ٽيچرز جي کوٽ پوري نہ ٿي آهي ـ

سائين جن فيسبوڪ جي توسط سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " تعليم حاصل ڪريو ۽ اجايو وقت برباد ڪرڻ کان بھتر آهي تہ پڙهائي کي وقت ڏيو-"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل