Profile # 72 Abid Hussain Kumbhar (OT - GBHS Campus Lakha) عابد حسين ڪنڀر
محترم جناب سائين لالا عابد حسين ڪُنڀر صاحب جو جنم 6 ڊسمبر 1989ع تي دادو شھر ۾ ٿيو ـ سائين لالا 2002ع ۾ گورنمنٽ بوائز هاء اسڪول ، دوآٻو مان مئٽرڪ پاس ڪئي ـ انٽر 2004ع ۾ اُستاد بُخاري گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ، دادو مان پاس ڪئي ـ 2005ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو جي انٽري ٽيسٽ پاس ڪري سنڌ يونيورسٽي جي ڪامرس ڊپارٽمنٽ ۾ ماسٽرس ڊگري ايم ڪام آنرس 2008ع ۾ پاس ڪئي ـ سندالفراغ جي سند مدرسي قاسم العلوم پيرزادو ، دادو مان حاصل ڪئي ـ او ٽي سي ۽ شھادت عالميه جا سرٽيفڪيٽ مدرسي اسلام العربيه ، حيدرآباد مان حاصل ڪيا ـ سائين لالا 2009ع ۾ اين بي پي ٽنڊو محمد خان برانچ ۾ ڊيلي ويجز طور ملازمت جي شروعات ڪئي ـ ٽن سالن جي پيرڊ ۾ پڪو نه ڪرڻ تان استعيفٰي سال 2012ع ۾ ڏئي آيا ۽ 2012ع ۾ ئي تعليم کاتي ۾ ادر ڪيڊر جي ٽيسٽ پاس ڪري 28 سيپٽيمبر 2012ع تي او ٽي طور ڀرتي ٿيا ۽ سندن اپائٽمينٽ تعلقو ٿاڻو بولا خان جي گورنمنٽ بوائز هاء اسڪول ، سري ۾ ٿي ـ سائين لالا ھن وقت تعلقو مانجهند جي گورنمنٽ بوائز هاء اسڪول ، لاکا ڪئمپس ۾ تمام بھترين نموني فرض نڀائي رهيا آهن ـ سائين لالا ڪلاس ٽيچر طور اٺين ڪلاس جي انگريزي سميت 3 ڪلاسن ڇهين...