Profile # 64 Mukhtiar Ali Ansari (PST - GBPS Subhanallah Colony, Kotri) مختيار علي انصاري

 

محترم جناب سائين مختيار علي انصاري صاحب جو جنم 1 اپريل 1975ع تي لاڙڪاڻو ۾ ٿيو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، سيھڙ وليج مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، لاڙڪاڻو مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ، لاڙڪاڻو مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ پي ٽي سي جو امتحان گورنمنٽ ايليمينٽري ڪاليج ، لاڙڪاڻو مان پاس ڪيو ـ

سائين جن ملازمت کان پھرين ٻني ٻارو ڪندا ھئا ـ سائين جن کي تعليم کاتي ۾ 3 جنوري 1996ع تي پي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سندن اپائنٽمنٽ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، سيھڙ اسٽيشن ۾ ٿي ـ سائين جن ملازمت جو ڪجھ عرصو جن اسڪولن ۾ گذاريو تن ۾ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، سيھڙ وليج ۽ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، ڪمو ماڇي شامل آهن ۽ ھن وقت گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، سبحان الله ڪالوني ، ڪوٽڙي ۾ خدمتون سر انجام ڏئي رھيا آهن ـ سائين جن پرائمري جا سڀ سبجيڪٽس پڙھايا آهن ـ

سائين جن سوشل ورڪر جي حيثيت سان مشهور آهن ۽ شاھ عبداللطيف لائبريري ، ڪوٽڙي جا انچارج رھيا آهن ـ سندن خدمتن جي عيوض پ ٽ الف پاران بھترين استاد جو ايوارڊ مليو آهي ـ

سائين جن جي پسنديدھ شخصيت محترمہ بينظير ڀٽو آھي ـ سندن بھترين استاد سائين علي محمد سيھڙ ، سائين انور علي سيھڙ ۽ سائين طارق انصاري آهن ـ سندن بھترين دوست مرحوم صدرالدين چنہ (پي ايس ٽي) ۽ واجد علي (پي ايس ٽي) آهن ـ

سائين جن جو والد حاجي خان انصاري صاحب پي ايس ٽي ھو ۽ ھڪ مشهور سماجي شخصيت ھو ـ سائين جن ڀائرن ۾ ٽيون نمبر آهن ـ سندن وڏو ڀاء عبدالخالق انصاري پي ايس ٽي آهي ۽ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، سبحان الله ڪالوني ، ڪوٽڙي جو انچارج ھيڊ ماستر آهي ـ ٻيو ڀاء اظھار علي انصاري ميونسپل ڪميٽي ۾ ملازم آهي ـ ٽئين ڀاء عبدالڪريم انصاري جو ذاتي ڪاروبار آهي ـ چوٿون ڀاء طارق انصاري اسپيشل ايجوڪيشن ۾ ڪراچي ڊويزن جو ڊائريڪٽر آهي ـ

سائين جن تعليم جي باري ۾ سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي پنهنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو تہ پنهنجي مصروف زندگي مان وقت ڪڍي پنهنجن ٻچن کي وقت ڏيندو تہ توھان جا ٻچا ضرور ترقي ڪندا ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو "محنت ڪريو ـ ماڻھن سان اخلاق ۽ ھمدردي سان ملو ـ پنهنجي قوم سان سچائي ڪريو -"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل