Profile # 61 Manzoor Ali Naich (HM - GBHSII Kotri) منظور علي نائچ
محترم جناب سائين منظور علي نائچ صاحب جو جنم 10 آڪٽوبر 1974ع تي ضلعو دادو جي ڳوٺ عرضي نائچ ، تعلقو خيرپور ناٿن شاھ ۾ ٿيو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، عرضي نائچ مان ابتدائي تعليم حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، خانپور مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ، خيرپور ناٿن شاھ مان انٽر ۽ گريجوئيشن جا امتحان پاس ڪيا ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان سياسيات ۾ ماسٽرس ڪئي ـ گورنمنٽ شھباز ايليمينٽري ڪاليج ، دادو مان سي ٽي ، سنڌ زرعي يونيورسٽي ، ٽنڊو ڄام مان بي ايڊ ۽ ايلسا قاضي ڪيمپس ، حيدرآباد مان ايم ايڊ جون پروفيشنل ڊگريون حاصل ڪيون ـ سنڌ لا ڪاليج ، حيدرآباد مان ايل ايل بي جو امتحان پاس ڪيو ـ
سائين جن اڃان 19 سال جا ھئا تہ تعليم کاتي ۾ 3 مئي 1993ع تي جي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سندن پوسٽنگ گورنمنٽ بوائز مڊل اسڪول ، مول ، تعلقو ٿاڻو بولا خان ۾ ٿي ـ سائين جن ملازمت جو ڪجھ عرصو گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، خيرپور ناٿن شاھ ۾ گذاريو ـ سندن 1996ع ۾ ٽرانسفر گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، اشاعت الاسلام ، ڪوٽڙي ۾ ٿيو ـ سندن 30 مئي 2009ع تي ھاء اسڪول ٽيچر ۾ ترقي ملي ـ سائين جن 2021ع ۾ گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول ، اشاعت الاسلام ، ڪوٽڙي جا فرسٽ اسسٽنٽ ٿيا ـ سندن 17 فيبروري 2023ع تي گزيٽيڊ ھيڊ ماستر ۾ ترقي ملي ۽ سائين جن ساڳئي ئي اسڪول گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول ، اشاعت الاسلام ، ڪوٽڙي ۾ ھيڊ ماستر ٿيا ـ سائين جن گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول ، اشاعت الاسلام ، ڪوٽڙي جي ننڍي ۾ ننڍي ھيڊ ماستر ٿيڻ جو اعزاز ماڻيو آهي ـ سائين جن ڪلاس ستين ، اٺين ۽ ڏھين جا ڪلاس ٽيچر رھيا آھن ۽ سبجيڪٽس ۾ انگريزي ، ابتدائي سائنس ۽ پاڪستان اسٽڊي پڙھايا آھن ـ
سائين جن استادن جي تنظيم گسٽا سنڌ جا سرگرم ڪارڪن رھيا آھن ـ سنڌ جي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جي دور ۾ گسٽا تعلقي ڪوٽڙي جا جيڪي 9 اڳواڻ جبري نوڪرين مان برطرف ٿيا ، سائين جن بہ انھن مان ھڪ ھئا ۽ ان ايجيٽيشن جو حصو رھيا ـ سائين جن 2007ع کان 2009ع تائين گسٽا يونٽ اشاعت الاسلام جا صدر رھيا ـ سائين جن 2021-22ع ۾ گسٽا تعلقي ڪوٽڙي جا صدر رھيا ـ
سائين جن جا پرائمري ۾ سائين رضا محمد نائچ ، سيڪنڊري ۾ سائين سيد نياز علي شاھ عرف محسن ڪڪڙائي ۽ سائين سعد الله سومرو صاحب بھترين استاد رھيا آهن ـ سائين جن جا رجب علي نائچ (واپڊا سپرنٽينڊنٽ) ، طٰہٰ حسين جوڻيجو ۽ ذوالفقار سومرو صاحب (ايڇ ايس ٽي) بھترين دوست آهن ـ
سائين جن جو والد علي گوھر نائچ پنهنجي والد جو اڪيلو پٽ ھو ۽ اعليٰ ڪردار جو مالڪ ھو ، زميندار ھوندي بہ ھارپو پاڻ ڪندو ھو ـ سندن ڏاڏو سرائي حاجي خان نائچ ۽ نانو سرائي حاجي امام بخش نائچ ٻئي پاڻ ۾ ڀائر ھئا ـ ڏاڏي جي جلد وفات کانپوء پاڻ گھڻو عرصو ناني سرائي حاجي امام بخش نائچ جي تربيت ھيٺ رھيا ۽ سندن نانو سندن پسنديدھ شخصيت آھن ـ سندن خاندان تعليم سان وابسطہ آھي ـ سندن ھڪ مامو سرائي حاجي لعل بخش نائچ 1994ع کان 1996ع تائين تعليم کاتي جو ضلعي آفيسر دادو ضلعو ۽ 1996ع کان 1998ع تائين ضلعي آفيسر حيدرآباد ضلعو رھيو آهي ـ سندن ٻيو مامو سرائي ممتاز علي نائچ ڪاليج سائيڊ ۾ ڪلرڪ ڀرتي ٿيو ۽ سپرنٽينڊنٽ جي عھدي تي رٽائر ٿيو ـ سندن سھرو غلام نبي نائچ بہ ايڇ ايس ٽي رٽائر ٿيو آھي ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيٹن ۾ چوٿون نمبر آھن ـ
سائين جن فيسبوڪ جي توسل سان سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي استادن ، شاگردن ۽ عام ماڻهن کي پيار ، محبت ۽ امن جو پيغام ڏنو ـ
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment