Profile # 67 Ali Gohar Khoso (PST - GBPS Boto Makan, Thatta) علي گوھر کوسو
محترم جناب سائين علي گوهر کوسو صاحب جو جنم 15 آڪٽوبر 1987ع تي ڳوٺ خير محمد کوسو ، يوسي ڄنگهڙي ، تعلقو ۽ ضلعو ٺٽو ۾ ٿيو ـ سائين جن پرائمري جي تعليم گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ٻولهاڙي ، ضلعو ٺٽو مان حاصل ڪئي ـ مئٽرڪ جو امتحان گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ڪوٽڙي مان پاس ڪيو ـ انٽر جو امتحان گورنمنٽ مسلم سائنس ڪاليج ، حيدرآباد مان پاس ڪيو ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان گريجوئيشن پوليٽيڪل سائنس ۾ ۽ پبلڪ ايڊمنسٽريشن ۾ ماسٽرس جون ڊگريون حاصل ڪيون ـ سنڌ يونيورسٽي جي ايلسا قاضي ڪيمپس (اولڊ ڪيمپس) ، حيدرآباد مان بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جون پروفيشنل ڊگريون حاصل ڪيون ـ
سائين جن کي تعليم کاتي ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ سندن 2 آڪٽوبر 2011ع تي پي ايس ٽي جو آرڊر مليو ۽ سندن اپائنٽمينٽ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول بوتو مڪان ، ضلعو ٺٽو ۾ ٿي ـ سائين جن چار سال بطور انچارج هيڊ ماستر گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول بابو کوسو ، ضلعو ٺٽو ۾ تمام بھترين نموني خدمتون سر انجام ڏنيون آهن ـ سائين جن ڪلاس پهرئين ۽ پنجين جا ڪلاس ٽيچر رھيا آهن ۽ سنڌي ، انگريزي ، رياضي ۽ ابتدائي سائنس جا سبجيڪٽ پڙهايا آهن ـ
سائين جن تعليم کاتي ۾ مختلف ٽريننگز ڪيون آهن ۽ تعليم کاتي پاران ڏنل مختلف ذميوارين کي تمام بھترين نموني نڀايو آهي جن ۾ يو ايس ايڊ جي تعليمي پروگرام پاڪستان ريڊنگ پراجيڪٽ ۾ بطور مينٽور ٻه سال ڪم ڪيو آهي ، جهرڪ ، اونگر ۽ ٽنڊو حافظ شاھ يونين ڪائونسلز جي اسڪولز ۾ پروگرام هلائڻ کان وٺي ، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان ووٽ ويريفڪيشن ، آدمشماري جو ڪم ، ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي سروي وغيرھ جون ذميواريون نڀايون آهن ـ سندن خدمتن جي مان ۾ سنڌ ڪلچرل فورم طرفان بهترين استاد جو سرٽيفڪيٽ پڻ مليو آهي ـ
سائين جن سماجي ڪمن ۽ سماجي تنظيمن ۾ تمام گھڻا سرگرم رھيا آهن ـ سائين جن ڪوهستان ۾ ڪرم ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن ۽ ڪوهستان بچايو ايڪشن ڪميٽي جي پليٽفارم تان ڪوهستان ۾ بنيادي انساني حقن ۽ سماجي مسئلن لاءِ جدوجهد ڪئي ـ سندن هوبيز ۾ ڪرڪيٽ راند ، سماجي ڪمن لاءِ جدوجهد ڪرڻ ۽ دوستن سان گڏ وقت گذارڻ شامل آهن ـ
سائين جن جي بھترين استادن ۾ سائين نبي بخش پريمي ، سائين خليل الرحمان ميراڻي ، سائين لال بخش ميراڻي ، سائين حفيظ ڪنڀر ، سائين غلام مصطفيٰ ڳاهو ۽ سائين پرويز مهيسر شامل آهن ـ سندن پسنديدھ شخصيتون حضرت محمد ﷺ ، شاھ عبداللطيف ڀٽائي ، سائين جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجو آھن ـ
سائين جن جو والد محب علي کوسو زميندار ھو ـ سندن ابا ۽ ڏاڏا زمينداري ڌنڌي ۽ مال مويشي سان لاڳاپيل ھئا ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ پنجون نمبر آهن ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي تعليم جي اھميت جي باري ۾ ٻڌائيندي چيو ته تعليم زندگي ۽ سماج کي سنوارڻ جي لاءِ تمام ضروري آهي ـ تعليم جي اهميت سمجهو ته ڄڻ هڪ نابين کي نور ملڻ آهي ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي تعليم جي بھتري جي باري ۾ ٻڌائيندي چيو ته تعليم کي بهتر بڻائڻ لاءِ جديد طريقا اپنائڻ گهرجن ـ اسڪولز ۾ بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ـ ٽيچرس کي ٽريننگز ڪرايون وڃن ۽ شاگردن جو سيليبس مختصر ڪيو وڃي ـ شاگردن کي پڙهائڻ لاءِ دوستاڻو ماحول تيار ڪجي ـ پڙهائڻ ۽ سکڻ لاءِ شاگردن کي بهتر ماحول فراهم ڪيو وڃي ـ سرگرمين جي ذريعي پڙهايو وڃي ـ ٻارن کي موٽيويٽ ڪرڻ لاءِ انهن سان نرم لهجو اختيار ڪجي ۽ مختلف سرگرمين ذريعي پڙهائجي ـ مون استاد ٿي پڙهائڻ مان گهڻو ڪجھ سکيو آهي جن ۾ ٻارن جي نفسيات ۽ ٻارن کي ڪيئن متوجہ ڪجي شامل آهي ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو "شاگردن لاءِ اهوئي پيغام آهي ته جديد دور سائنسي دور آهي ـ دنيا وڏي ترقي ڪئي آهي ـ شاگرد وڌ کان وڌ محنت ڪن وڌيڪ ڌيان سائنس ۽ ٽيڪنالوجي ڏانهن ڏين ـ فضول وقت وڃائڻ نه گهرجي ـ پڙهائي کانپوءِ فارغ وقت تي اگر موقعو آهي ته ننڍڙو ڪاروبار ڪن يا ڪو هنر سکن ـ والدين لاءِ پيغام آهي ته سڀ کان وڌيڪ پنهنجي اولاد تي ڌيان ڏين خاص ڪري پڙهائي جي لحاظ کان ٻارن جي مڪمل سپورٽ ڪن ـ"
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ
.png)
Comments
Post a Comment