Profile # 69 Mohsin Ali Majeedano (PST - GBPS Bachal Khaskheli, Tando Allahyar) محسن علي مجيداڻو
محترم جناب سائين محسن علي مجيداڻو صاحب جو جنم 20 نومبر 1995ع تي ٽنڊوالھيار ۾ ٿيو ـ سائين جن مڊل جي تعليم جناح ايليمينٽري اسڪول ، ٽنڊوالهيار مان حاصل ڪئي ـ مئٽرڪ اقصٰي ھائر سيڪنڊري اسڪول ، ٽنڊوالهيار ۽ انٽرميڊيئيٽ ايس ايم ڊگري ڪاليج ، ٽنڊوالهيار مان پاس ڪئي ـ بي ايس باٽني ۾ ۽ ايم اي اڙدو ٻولي ۾ سنڌ يونيورسٽيء ، ڄام شورو مان پاس ڪئي - ٽيچنگ جي حوالي سان راشد آباد ۾ فورٽ نائيٽ ڪورس ڪيو ۽ ٻه سال آئي ڊي ايس پي ۾ لرننگ فرام دا پيپلز ۽ ڪميونٽي جو ڪورس ڪيو ـ
سائين جن پنهنجي ٽيچنگ ڪيريئر جي شروعات مختلف پرائيويٽ اسڪولز ۾ سينئر اڙدوءَ ٽيچر طور ڪئي ، جن اسڪولز ۾ پڙھايو تن ۾ اقصٰي ھائر سيڪنڊري اسڪول ، اقراء مشعل ھاء اسڪول ، انڊس ھاء اسڪول ۽ آغا خان اسڪول سلطانه آباد شامل آهن ـ سائين جن سنڌ جي تعليم کاتي ۾ آء بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ 3 نومبر 2022ع تي پي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سندن پوسٽنگ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، بچل خاصخيلي ، ڪوارٽر اسٽاپ ، ميرپورخاص روڊ ٽنڊوالھيار ۾ ٿي ـ سائين جن ڇھين کان ٻارھين ڪلاس تائين بايولاجي ۽ اڙدوءَ جا مضمون پڙھايا آهن ـ
سائين جن کي ڪارل مارڪس ۽ ھيگل جيڪي مشھور سماجي فلسفي آھن ڏاڍا پسند آھن ۽ انھن جي ڏنل فلسفي جو اڀياس ڪندا رھندا آھن ـ سائنس جي ميدان ۾ چارلس ڊارون ، نيوٽن ، آئين اسٽائن تاريخ جي ميدان ۾ ڊاڪٽر مبارڪ علي ، سبط حسن ، علي عباس جلال پوري ادب جي ميدان ۾ فيض احمد فيض ، ساحر لدھيانوي ، سعادت حسن منٽو ، ڪرشن چندر ، امر جليل ، سراج ميمڻ ، نجم عباسيءَ ۽ خليل جبران سندن پسنديده شخصيتون آھن ـ سندن ھوبيز ۾ پڙھڻ لکڻ ۽ ڪرڪيٽ کيڏڻ شامل آهن ـ
سائين جن جو والد حاجي اڪرم الله مجيداڻو صاحب ٽرڪ ڊرائيور ھو ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ ٽيون نمبر آھن ـ سندن چاچن ۾ حاجي غلام الله مجيداڻو ريٽائرڊ پوليس ڪانسٽيبل ھئا باقي ٻيا چاچا ٽرڪ ڊرائيور يا شگر مل ۾ مزدور ھئا جڏھن ته سندن سئوٽ جنھن ۾ ماجد مجيداڻو ، غلام محمد مجيداڻو ، ڪليم الله مجيداڻو ، عبدالسّلام مجيداڻو ، عبدالحميد مجيداڻو ، بسم اللّه مجيداڻو ، عبدالحق مجيداڻو ۽ ٻيو سندن ماما جنهن ۾ خليل احمد مجيداڻو ، جميل احمد مجيداڻو ، منور مجيداڻو ، ظھيرالدين مجيداڻو مختلف وفاقي ۽ صوبائي سرڪاري ادارن ۾ ملازمت ڪن ٿا -
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي پنهنجي خاندان جو پس منظر ٻڌائيندي چيو ته " اسان جي برادريءَ جو تعلق بلوچستان جي علائقي ڀاڳ ناڙي سان آھي ـ اسان جا ابا ڏاڏا خانه بدوش ھئا پر ضرورتن ۽ حالتن پلٽو کاڌو ته انھن ھڪڙي ھنڌ تي قيام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ـ لڳ ڀڳ ھڪ صدي کان وڌيڪ عرصي کان اسان جو مھاڳ ٽنڊوالھيار آھي ۽ اسان جي برادريءَ جا ڳوٺ گھوٽڪي کان حيدرآباد تائين آھن ـ اسان جي خاندان جي ڪرت يا ڌنڌو واڻ وٽڻ ھو ۽ اڃان تائين آھي ۽ ٻيو گھڻو انحصار مزدوري تي ھو ـ وقت ۽ ضرورتن کي ڏسندي اسان جي برادريءَ خاص طور ٽنڊوالهيار ۾ ويٺل مجيداڻو برادريءَ پڙھڻ لکڻ شروع ڪيو ـ ھن مھل اسانجي پوري برادريءَ ۾ اسان جو ڳوٺ سڀني کان وڌيڪ سرڪاري ملازمتن سان سلهاڙيل آھي ـ منھنجي والد صاحب ۽ چاچن جو ڌنڌو ٽرڪ ھلائڻ ھو منھنجي والد جي خواھش ھئي ته آئون پڙھي لکي فوج ۾ ڀرتي ٿيان پر 2008ع سال سڀنين خواھش کي ڪچليو ۽ والد صاحب جي وفات ٿي وئي ۽ ان کانپوءِ خاص طور منھنجي والده ۽ منھنجي مامن فيصلو ڪيو ته آئون محنت ڪري پڙھان ۽ ڪنھن سٺي مقام تي پھچان ـ مونکي پڙھائي جي حوالي سان مالي طور سھائتا ڏيندڙ منھنجي امڙ ۽ منھنجا ماما ھئا -"
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان تعليم جي باري ۾ ڳالھائيندي چيو ته تعليم ھڪ مرحلو آھي جنھن مان اسان کي ڄاڻ ملي ٿي جيڪا اسانکي مدد ڪري ٿي زندگي گذارڻ جي طرز عمل کي بھتر بنائڻ ۾ ـ جيترو تعليم جو معيار سٺو ھوندو اوترو طرزِ زندگي بھتر ٿيندو ـ طرزِ زندگي مان مراد تعليم يافتہ ماڻھو ذميوار شھري پنهنجن ذميوارين ۽ حقن کان چڱي ريت واقف پنهنجي ڪم سان مخلص ديانتدار ڏاھو امن پسند تخليقي ھجي ـ اسان وٽ معاشري جي خرابي سبب تعليمي مرحلي مان گذري سکيا حاصل ڪندڙ ماڻھو خود غرض لالچي پيدا پيا ٿين ـ ٻيو ھڪڙو فارمولا آھي جيڪو مون ٽريننگ دوران سکيو ھو
Learn un learn and re learn
اسان جي استاد کي ھن فارمولا تحت پڙھائڻ گھرجي يقين ڪريو ھو سدائين متحرڪ ۽ اپ ٽو ڊيٽ رھندو ـ ايڪويهين صدي جو استاد شاگرد کي ھن قابل ڪري ته ھو پاڻ سکڻ جي ڪوشش ڪن بس استاد رڳو نگراني ڪري ـ شاگرد پاڻ مرادو سکڻ سکي ورتو ته ان ۾ کوڙ ساريون سٺيون صلاحيتون پيدا ٿينديون جيڪي ان کي ڪامياب ٿيڻ ۾ مدد ڪنديون ـ شاگرد خود مختيار ٿيندو ـ آئون پڙھائڻ دوران شاگرد مان ئي ڪم وٺڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان ۽ منھنجو مقصد ان ۾ پاڻ مرادو سکڻ جي صلاحيت پيدا ڪرڻ ھوندو آھي ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن ۽ عام ماڻھن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " اڪيڊميڪ تعليم سان گڏ ٻيو ڪجھ به پڙھو ـ ادب تاريخ فلسفو ۽ نئين مھاڳن ڏانهن سفر ڪريو ـ پنھنجي پاڻ کي سدائين تجسس ۾ رکو ـ زندگي جو ڪو مقصد ٺاھيو ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاء جنون جي حد تائين وڃو ـ نتيجي جي باري ۾ نه سوچيو بس ڪم جي دورانيي مان مزو ماڻيو ـ زندگيءَ ڏاڍي خوبصورت آھي انکي وڌيڪ خوبصورت ڪرڻ لاء پنھنجي پاڻ کي حال ۾ رکو ـ مستقبل ۽ جي فڪر ۽ ماضي جو غم توھان کي مايوس ڪندو بس حال ۾ جيو حال جي فڪر ڪريو -"
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment