Profile # 72 Abid Hussain Kumbhar (OT - GBHS Campus Lakha) عابد حسين ڪنڀر
محترم جناب سائين لالا عابد حسين ڪُنڀر صاحب جو جنم 6 ڊسمبر 1989ع تي دادو شھر ۾ ٿيو ـ سائين لالا 2002ع ۾ گورنمنٽ بوائز هاء اسڪول ، دوآٻو مان مئٽرڪ پاس ڪئي ـ انٽر 2004ع ۾ اُستاد بُخاري گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ، دادو مان پاس ڪئي ـ 2005ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو جي انٽري ٽيسٽ پاس ڪري سنڌ يونيورسٽي جي ڪامرس ڊپارٽمنٽ ۾ ماسٽرس ڊگري ايم ڪام آنرس 2008ع ۾ پاس ڪئي ـ سندالفراغ جي سند مدرسي قاسم العلوم پيرزادو ، دادو مان حاصل ڪئي ـ او ٽي سي ۽ شھادت عالميه جا سرٽيفڪيٽ مدرسي اسلام العربيه ، حيدرآباد مان حاصل ڪيا ـ
سائين لالا 2009ع ۾ اين بي پي ٽنڊو محمد خان برانچ ۾ ڊيلي ويجز طور ملازمت جي شروعات ڪئي ـ ٽن سالن جي پيرڊ ۾ پڪو نه ڪرڻ تان استعيفٰي سال 2012ع ۾ ڏئي آيا ۽ 2012ع ۾ ئي تعليم کاتي ۾ ادر ڪيڊر جي ٽيسٽ پاس ڪري 28 سيپٽيمبر 2012ع تي او ٽي طور ڀرتي ٿيا ۽ سندن اپائٽمينٽ تعلقو ٿاڻو بولا خان جي گورنمنٽ بوائز هاء اسڪول ، سري ۾ ٿي ـ سائين لالا ھن وقت تعلقو مانجهند جي گورنمنٽ بوائز هاء اسڪول ، لاکا ڪئمپس ۾ تمام بھترين نموني فرض نڀائي رهيا آهن ـ سائين لالا ڪلاس ٽيچر طور اٺين ڪلاس جي انگريزي سميت 3 ڪلاسن ڇهين کان اٺين تائين جي عربي ۽ ڪلاس نائين ۽ ڏهين جي ڪيمسٽري پڙهائي رهيا آهن ـ ان سان گڏ سائين لالا اسڪول ۾ ڪلارڪ نه هئڻ ڪري پوري ڪئمپس اسڪول جي انفارميشن ۽ رزلٽ وغيره جا ڪم پاڻ ڪري رھيا آهن ان ڪري ئي سائين لالا اسڪول ۾ رهائش پذير آهن ـ
سائين لالا تعليم کاتي ۾ مختلف وقتن ۾ ٽريننگز جهڙوڪ آء آر سي ڄامشورو ، يورپين يونين ، فنانشل مئنيجمينٽ ، آر ايس يو ۽ ڪو سرڪيولر ايڪٽيوٽيز ۾ شامل هوندا آهن ـ
سائين لالا جو والد صاحب شهيد مرحوم حاجي محمّد عُرس ڪُنڀر (30 اپريل 1957 - 21 سيپٽيمبر 2022) جيڪو تعليم کاتي ۾ هيڊ ماستر طور گريڊ 17 ۾ ضلعو دادو ۽ ضلعو ڄامشورو جي گورنمنٽ بوائز هاء اسڪول منظورآباد پوء گورنمنٽ بوائز هاء اسڪول لاکا ۽ بعد ۾ گريڊ 18 ۾ گورنمنٽ ڪئمپس هاء اسڪول ، اِشاعت الاسلام ، ڪوٽڙي مان 29 اپريل 2017ع تي سروس پوري ڪري ريٽائرڊ ٿيا ـ سندن ڏاڏو حافظ احمد خان ڪُنڀر تمام سادو ۽ نفيس انسان هو جيڪو پنج وقت نماز ۽ تمام گهڻو وقت مسجد ۾ گذاريندو هو ـ سندن ھڪ ڀيڻ تعليم کاتي ۾ آء بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪري 2022ع ۾ پي ايس ٽي ڀرتي ٿي آهي ـ
سائين لالا سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن ۽ عام ماڻھن لاء ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " شاگردن لاء ميسيج آهي ته مهرباني ڪري تعليم حاصل ڪريو ان لاء توهان کي ڇو نه چِين وڃڻو پوي ۽ استادن لاء پيغام ته جئين توهان پنهنجي اولاد کي پڙهائي لاء نصيحت ڪندا آهيو اوتروئي اسڪول جي شاگردن کي به پنهنجن ٻچن وانگر تربيت ڏيو جيئن انهن جو مستقبل سنورجي وڃي ـ"
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment