Profile # 65 Khalil Ahmed Khoso (OT - GBHS Shadyoon Walhar) خليل احمد کوسو
محترم جناب سائين خليل احمد 'خليل' کوسو صاحب جو جنم 10 آڪٽوبر 1967ع تي ضلعو ٽنڊوالھيار جي ڳوٺ علي محمد کوسو ، تعلقو جھنڊو مري ۾ ٿيو ـ سائين جن گورنمنٽ اسلاميه ھاء اسڪول ، مِسڻ وڏي مان مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي ـ مولوي عربي ، مولوي عالم ۽ مولوي فاضل جو ڪورس ۽ او ٽي سي جو ڪورس عمر ڪوٽ مان ڪيو ـ سندن بھترين استادن ۾ سائين عبدالڪريم لغاري (مِسڻ) ، مفتي محمد صادق سومرو ۽ مولانا محمد عيسٰي سمون شامل آهن ـ
سائين جن کي تعليم کاتي ۾ 12 ڊسمبر 1995ع تي او ٽي جو آرڊر مليو ـ سندن اپائنٽمنٽ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، شاديون ولھار ، تعلقو چمبڙ ۾ ٿي ـ سائين جن عربي ۽ اسلاميات جا سبجيڪٽس پڙھايا آهن ـ
سائين جن استادن جي تنظيم گسٽا سنڌ جي يونٽ شاديون ولھار جا سيڪريٽري اِطلاعات رھيا آهن ـ
سائين جن سنڌ جي ھڪ مشھور شخصيت آھي ـ سندن تخلص 'خليل' آهي ـ سندن شاعري ۽ ادب تي لکيل ڪتاب سڄي سنڌ ۾ مشھور آهن ـ سائين جن رڳو ڊگھا مزاحمتي نظم لکي غفلت جي ننڊ ستل سنڌ جي مسڪين مظلوم ۽ پورھيت ماڻهن کي سجاڳي جو سڏ نٿو ڏي پر سائين جن ته سنڌ جي تاريخ کي نھايت باريڪ بيني ، انقلابي سچائي ۽ ادبي ايمانداري جي جذبي سان ڪم ڪري رھيو آهي ـ سندن ڪتابن سان ايڏو ته چاھ اٿن جو پنهنجي گھر ۾ ڪتابن جي لائبريري ٺاھي اٿن جنهن ۾ علم ۽ ادب جا ڪتاب آهن ـ علمي ادبي ڪچھرين ۾ ھڪ سُگھڙ جي حيثيت رکن ٿا ـ سندن شاعري ۽ تحقيق پسنديدھ مشغلو رھيو آهي ـ سندن ٽي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن جن ۾ ”سنڌ جا ٽنڊا“ جنھن ۾ سنڌ جي سڀني ٽنڊن جو مختصر تعارف آهي ، “ڪيڏانھن مُنھن مريم جو ڪيڏانھن ٽنڊوالھيار“ ان ڪتاب ۾ ضلعو ٽنڊو الھيار ۾ اُسرندڙ پھاڪا ۽ چوڻيون آھن ۽ ٽيون ڪتاب "درگاھ پاڪسِنگھار" جنهن ۾ سيّد عبداللّطيف عرف پاڪسِنگھار جي تاريخ آھي ـ ڪجھ ڪتاب زير طباعت آھن جن ۾ "مخدوم صابر ولھاري" ، "نِروار ديھ نيلوفري" ، "لُغات ڪلام ميون شاھ عِنايت رِضوي" ۽ "ولھار جو وتايو" شامل آهن ـ سائين جن سنڌ جي علمي ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندا رھندا آهن ـ سندن مڃتا ۾ کوڙ سارا ايوارڊ مليا آهن جن مان ڪجھ وتايو فقير ايوارڊ ، ميون شاھ عِنايت رضوي ايوارڊ ۽ بلديه ٽنڊوالھيار پاران ايوارڊ شامل آهن ـ
سائين جن جو والد محمد اسمٰعيل کوسو ٻڪرار ھو ـ سندن وڏڙا ھارپو ڪندا ھئا ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ آخري نمبر آهن ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسُل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " تعليم دنيا جو اھو طاقتور ھٿيار آهي جيڪو توهان دنيا کي تبديل ڪرڻ ۾ استعمال ڪري سگھو ٿا -"
"Education is the most powerful weapon which you can use to change the world."
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment