Profile # 62 Mahfooz-ur-Rehman Daudpoto (HST - GBHS Kotri) محفوظ الرحمن دائود پوٽو

 

محترم جناب سائين محفوظ الرحمٰن 'اعظم' دائود پوٽو صاحب جو جنم 15 آگسٽ 1970ع تي ضلعو ڄامشورو جي ڳوٺ ٽلٽي ، تعلقو سيوھڻ شريف ۾ ٿيو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، ٽلٽي مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، ٽلٽي مان اٺون ، جيڪو ان وقت مڊل اسڪول ھو ۽ گورنمنٽ بوائز ھائر سيڪنڊري اسڪول ، ڀان سعيد آباد مان مئٽرڪ جي امتحان پاس ڪيو ـ گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ، سيوھڻ شريف مان انٽر ۽ گريجوئيشن جا امتحان پاس ڪيا ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان عمرانيات ۾ ماسٽرس ڪئي ـ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مان بي ايڊ ۽ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي مان ايم ايڊ جون پروفيشنل ڊگريون حاصل ڪيون ـ

سائين جن کي تعليم کاتي ۾ پھرين اپريل 1992ع ۾ جي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سندن اپائنٽمنٽ گورنمنٽ بوائز مڊل اسڪول ، نينگ شريف ۾ ٿي ـ سائين جن ملازمت جو عرصو جن اسڪولن ۾ گذاريو آهي تن ۾ گورنمنٽ بوائز مڊل اسڪول ، مناھيون ، تعلقو سيوھڻ شريف ، گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، ٽلٽي ، تعلقو سيوھڻ شريف جتان سائين جن اٺين ڪلاس جو امتحان پاس ڪيو ھو ، گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاڙو ، تعلقو ڪوٽڙي ، گورنمنٽ بوائز مڊل اسڪول ، لمس ڪالوني ، تعلقو ڪوٽڙي ، گورنمنٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول ، سڪندر آباد ، تعلقو ڪوٽڙي ، گورنمنٽ ڪيمپس بوائز ھاء اسڪول ، منظور آباد ، تعلقو مانجھند شامل آھن ـ سندن 2011ع ۾ ايڇ ايس ٽي طور ترقي ملي ۽ ھن وقت گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، ڪوٽڙي ۾ تيرنھن سالن کان تمام بھترين نموني خدمتون سر انجام ڏئي رھيا آهن ـ سائين جن فزڪس ، ڪيمسٽري ، بايولوجي ۽ انگريزي جا سبجيڪٽس پڙھايا آهن ۽ ڪلاس نائين ۽ ڏھين جا ڪلاس ٽيچر رھيا آهن ـ سندن پڙھائڻ اي يو ڪي جي ليسن پلان مطابق رھيو آهي ـ سندن خدمتن جي مڃتا ۾ سيھارو ڊولپمنٽ آرگنائيزيشن پاران 2016ع ۾ علي بابا بيسٽ ٽيچر ايوارڊ سان نوازيو ويو ـ سندن مختلف ٽريننگز ۾ بھترين ڪارڪردگي تي سرٽيفڪيٽن سان نوازيو ويو جن مان ڪجھ ھي آهن :

1. Certificate of participation in ED-LINKS Three Day Teacher Training Workshop on Post Traumatic Psychosocial Rehabilitation

2. Certificate of participation in ED-LINKS Post-Examination Analysis Workshop on 2010 Examinations

3. ED-LINKS Appreciation Certificate for setting English paper for secondary classes

4. Certificate of participation for Training of Presiding Officers & Assistant Presiding Officers by Election Commission of Pakistan

5. Master Trainers Certificate by Intel Teach Program

6. Appreciation Certificate in Life Skills-Based Education (LSBE)

سائين جن استادن جي تنظيم گسٽا سنڌ جا جنرل سيڪريٽري يونٽ بوائز اسڪول ۽ نائب صدر يونٽ بوائز رھيا آهن ـ سائين جن تعليم لاء گھر گھر وڃي تقريباً 200 شاگرد اسڪول ۾ داخل ڪرايا آهن ـ سائين جن برساتن ۽ ٻوڏن ۾ ريسڪيو طور ڪم ڪيو آهي ۽ انھن ٻوڏ متاثرن جي وس آھر مدد پڻ ڪئي آهي ـ

سائين جن جو تخلص 'اعظم' ۽ لقب 'اعظم منصور' آھي ـ سندن شاعري شام اخبار ۾ ڇپي آهي ـ سائين جن ٽي چار اسٽيج ڊرامن ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوھر ڏيکاريا آهن ـ سائين جن ڪافي عرصو مفت ۾ ٽيوشن به پڙھايون آهن ۽ ھاڻي پنهنجي اولاد کي گھر ۾ پاڻ پڙھائڻ ۾ مصروف رھندا آهن ـ

سائين جن جي پسنديدھ شخصيت سندن والد محمد اشرف منصور دائود پوٽو آھي ـ سائين جن جا بھترين استاد پرائمري ۾ سائين فخر الدين قريشي ، مڊل ۾ سندن والد سائين محمد اشرف منصور دائود پوٽو ۽ سائين عنايت الله دائود پوٽو آهن ـ

سائين جن جو والد ڊاڪٽر محمد اشرف منصور دائود پوٽو صاحب گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، ٽلٽي مان ايڇ ايس ٽي رٽائرڊ ٿيو ـ سندن والد صاحب سنڌي ادب تي پي ايڇ ڊي ڪئي ۽ ستاويھ ڪتابن جو مصنف ھو ـ سندن والد صاحب ھڪ مڃيل حڪيم به ھو ۽ ھيپاٽائٽس جي علاج جي ڪري مشھور ھو ۽ ننڍن ٻارن جو ڪاڪڙو به کڻندو ھو ۽ ٻارن جو بخار پاڻ ڏي منتقل ڪندو ھو ـ سندن والد صاحب جا غالب مخدوم محمد احمد مجتبٰي ملڪياڻي ۽ فيض احمد فيض بخشاپوري عربي ۽ فارسي جا استاد ھئا ـ سندن والد صاحب سنڌ جي مشهور محقق ، تاريخدان ، لسانيات جي ماھر ۽ عالم شمس العلماء علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو (25 مارچ 1896ع - 22 نومبر 1958ع) جو سئوٽ ھو ـ شمس العلماء علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو جا ٻه فرزند سائين جن جا سئوٽ آھن ـ ھڪ ايئر مارشل محمد عظيم دائود پوٽو (14 سيپٽيمبر 1933ع - 3 اپريل 2017ع) پاڪستان ايئر فورس ۾ پھريون سنڌي پائليٽ ھو ۽ پھريون سنڌي جنھن کي پنهنجي بھادري جي ڪري ستارۂ جرأت جو ايوارڊ مليو جڏهن ان 1965ع جي جنگ ۾ سمنڊ رستي دشمن جا سترنھن جھاز تباھ ڪيا ۽ بعد ۾ پي آء اي جو چيئرمين ۽ سنڌ جو گورنر رھيو ۽ ٻيو ڊاڪٽر قمر الدين عيسٰي دائود پوٽو جنھن فزڪس ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي ۽ ناسا ۾ سائنسدان ۽ ايئر يونيورسٽي جو ڊائريڪٽر آف اڪيڊمڪس رھيو ـ سندن والد جو ماروٽ ڊاڪٽر محمد اڪبر دائود پوٽو پي ايس ٽي ھو جنھن ٿر ۽ بر مان شاھ عبداللطيف ڀٽائي جا 200 بيت گڏ ڪيا جيڪي شاھ جو رسالو ۾ شامل ڪيا ويا ۽ ان ڪم تي پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي ـ سائين جن جي مامن مان ڊاڪٽر عبدالڪريم 'دل' دائود پوٽو موسيقي تي پي ايڇ ڊي ڪئي آھي ۽ سي ايس ايس آفيسر آهي ۽ ٻيو مامو عبدالفتاح دائود پوٽو پاڪستان ايئر فورس مان ونگ ڪمانڊر رٽائرڊ ٿيو ـ سائين جن ڀائرن ۾ ٽيون نمبر آهن ـ سندن ٽئي ڀائر شاعر آهن ـ سندن وڏو ڀاء مرحوم حفيظ الرحمٰن 'اسلم' دائود پوٽو پي ايس ٽي ھو ـ سندن ٻيو ڀاء ڊاڪٽر فضل الرحمٰن 'اڪرم' دائود پوٽو ويھين گريڊ جو اي اين ٽي اسپيشلسٽ ڊاڪٽر آهي ۽ سندن ٽيون ننڍو ڀاء سيف الرحمٰن 'معظم' دائود پوٽو گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، ٽلٽي ۾ ايڇ ايس ٽي آهي ـ سندن وڏو فرزند احسن منصور دائود پوٽو مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ۾ سول انجنيئرنگ جو شاگرد آهي ـ سندن ٻيو فرزند اجمل منصور دائود پوٽو انٽر ۽ ٽيون فرزند اڪمل منصور دائود پوٽو ستين ڪلاس جو شاگرد آهي ـ

سائين جن تعليم جي باري ۾ سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي پنهنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو تہ سڀ کان پھرين تعليم مان سياست کي ختم ڪيو وڃي ـ استاد پنهنجي فرض ۾ ڪڏهن به نه گھٽائيندو آهي ۽ ڪڏھن به پنهنجي فرض ۾ ڪوتاھي نه ڪندو آهي ـ تعليم جي بھتري جي لاء والدين استادن سان رابطي ۾ اچن ته سنڌ جي تعليم ضرور بھتر ٿيندي ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " شروعات سچ سان ڪريو ـ انھي ۾ ئي ڪاميابي آهي ـ سچ ته بيٺو نچ -"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل