Profile # 63 Aneeta Khan (PST - GBPS Malir bin Qasim, Karachi) انيتا خان

 

محترمه ميڊم انيتا خان صاحبه جو جنم پھرين مارچ 1980ع تي حيدرآباد جي امريڪن اسپتال ۾ ٿيو ـ ميڊم صاحبه لٽل ھيون اسڪول ، لطيف آباد ، حيدرآباد مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ـ پگٽ ميموريئل گرلز ھائر سيڪنڊري اسڪول ، تلڪ چاڙھي ، حيدرآباد مان اٺين جو امتحان پاس ڪيو ۽ اوکائي ميمڻ اڪيڊمي ، ڪراچي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ گورنمنٽ ڪاليج فار وومين ، ڪورنگي ، ڪراچي مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ يونيورسٽي آف ڪراچي مان بي اي ۽ اڙدو ۾ ماسٽرس جي تعليم حاصل ڪئي ـ ايلسا قاضي ڪيمپس ، حيدرآباد مان بي ايڊ جي پروفيشنل ڊگري حاصل ڪئي ـ سندن چوڻ مطابق ته سڀ استاد سٺا مليا ـ استاد خراب ھوندا ناھن جيڪي خراب ھوندا آھن ، اھي استاد ناھن ھوندا ـ

ميڊم صاحبه سنڌ جي تعليم کاتي ۾ اين ٽي ايس جي ٽيسٽ پاس ڪئي ـ ميڊم صاحبه کي 4 سيپٽيمبر 2015ع تي پي ايس ٽي جو آرڊر مليو ۽ سندن اپائنٽمينٽ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، ملير بن قاسم ، ڪراچي ۾ ٿي ـ ميڊم صاحبه سرڪاري نوڪري کان اڳ نائين ۽ ڏھين ڪلاسن جي انگريزي پڙھائي آهي ۔ ميڊم صاحبه گھڻو انگريزي ئي پڙھائي آھي ۽ ھاڻي چوٿين ڪلاس جا سڀ سبجيڪٽ پڙھائي رھيون آهن ـ تنظيمي حوالي سان ميڊم صاحبه پ ٽ الف ۾ ڊويزن ۽ مرڪز ٻنھي ۾ ڪم ڪيو آهي ـ سندن پسنديدھ شخصيت سندن والد اٿن ـ ميڊم صاحبه کي اسٽوڊنٽ لائف ۾ کوڙ سارا ايوارڊ مليا آهن ـ بھترين شاگرد جا ، سپورٽس ۾ ، گرلز گائيڊ ۽ اين سي سي ۾ ، آرٽ ۾ ۽ پرائيويٽ اسڪولس ۾ بيسٽ ٽيچر ايوارڊ مليا آهن ۔ ميڊم صاحبه کوڙ ساريون ٽريننگز ڪيون آهن ـ ماسٽر ٽرينر به رھيون آهن ۽ ھاڻي سنڌ جي مختلف اسڪولن ۾ استادن کي ملٽي گريڊ ٽيچنگ تي ٽريننگ ڏئي رھيون آهن ـ آغا خان ۽ ٽي سي ايف ۾ ڪافي ٽريننگز ورتيون ۽ ڏنيون اٿن ـ ميڊم صاحبه ڇويھ سالن ۾ تعليم تي سٺ سالن جيترو ڪم ڪيو آھي ـ

ميڊم صاحبه سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي پنهنجي زندگي جا تجربا ٻڌائيندي چيو ته سڀ ڪم ڪيم ۔ موٽر سائيڪل ھلائڻ کان وٺي ماني پچائڻ تائين ـ سياست کان وٺي سماجي ڪمن تائين ۔ ٿاڻي ۾ بند ٿيڻ کان وٺي جيل جي نوڪري تائين ۔ آرٽ کان وٺي سنگنگ تائين ھر ڪم ڪيو آھي ـ

ميڊم صاحبه سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي پنهنجي زندگي جو واقعو ٻڌائيندي چيو ته ھڪ شاگرد جيڪو غربت جي ڪري تعليم پيو ڇڏي ، ان کي سپورٽ ڪيم ـ اڄ ما شاء الله ڊاڪٽر آھي ـ اڄ منھجا شاگرد مون سان گڏ استاد به آھن ـ شاگردن کي پئسي جي ڪري تعليم ڇڏڻ نه ڏنم ۽ ڪنھن مقام تي پھچڻ ۾ مدد ڪيم ـ

ميڊم صاحبه سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي پنهنجي خاندان جي باري ۾ ٻڌائيندي چيو ته منهنجو والد ارشاد احمد پٺاڻ ريڊيو پاڪستان ، حيدرآباد ۽ ان کان پوء ڪراچي ۾ ڊراما رائٽر رھيو ـ پاڻ اديب ھو ، شاھ جو پارکو ھو ـ سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊي ڪيائين ـ اصل اسان شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي جا آھيون ـ نانو ۽ ڏاڏو پاڻ ۾ سئوٽ ھئا ۔ ڪوٽ سلطان ۾ اڄ به مائٽ رھن ٿا ـ لاڙڪاڻي جا انڙ منھجي والد جا پڦاٽ ٿا لڳن ۔ ڪوٽ سلطان جا آغا منھجا سئوٽ آھن ـ باقي ناناڻڪو حيدرآباد ۾ رھائش پذير آھي ـ ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ مان سڀ کان آخري آهيان ـ منھجو چاچو ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ھو ـ مامو پروفيسر ھو بدين ۾ ـ منھجو ڀاء ۽ ڀيڻيوو پوليس ۾ آھن ـ ماروٽ به استاد آھن ـ ماسي جو گھر وارو ھيلٿ ڊپارٽمنٽ ۾ ڊائريڪٽر ھو ـ ماسات ھيلٿ ۾ آھن ۔ پڦي جو گھر وارو ڊائريڪٽر ايگريڪلچر ھو ۽ چاچو آبپاشي کاتي ۾ ھو ـ باقي سڀني جا ذاتي ڪاروبار آھن ـ اولاد ۾ ٽي پٽ آھن ۔ ٽئي پڙھن ٿا ـ ٻه گريجوئيشن ۾ ۽ ھڪ اٺين ڪلاس ۾ پڙھي رھيو آهي ـ

ميڊم صاحبه سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگرن ۽ عام ماڻھن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " اڄ جي دور ۾ جيڪي نيون فيلڊس آهن انهن ۾ تعليم حاصل ڪريو ـ تعليم سان گڏ ھنر پڻ اڄ جي دور جي ضرورت آهي ـ دنيا جي ھر مسئلي جو حل تعليم ۽ صرف تعليم آھي ـ "

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم ميڊم صاحبه جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل