Posts

Showing posts from June, 2023

Profile # 20 Muhammad Ali Awan (HST - GBHSII Kotri) محمد علي اعواڻ

Image
  محترم جناب ماسٹر محمد علی اعوان صاحب 15 نومبر 1963ع کو گاؤں اسلام کوٹ ، پیارو گوٹھ ، ضلع دادو میں پیدا ہوۓ ۔ آپ کے آباؤ اجداد کا تعلق پنجاب کے شہر اٹک سے تھا ۔ آپ کے والد علامہ فخرالدین اعوان گاؤں کی مسجد میں پیش امام کے علاوہ وفاقی محکمہ جنگلات ، میانوالی میں بلاک افسر رٹائر ہوئے تھے ۔ آپ کے بڑے بھائی محمد ظفر اعوان محکمہ تعلیم میں ملازم تھے ۔ آپ بھائی بہنوں میں دوسرے نمبر پر تھے ۔ آپ نے ایم اے اردو میں پاس کیا ۔ آپ ابھی طالب علم ہی تھے کہ آپ کو 28 اکتوبر 1984ع کو جے ایس ٹی کا آرڈر ملا ۔ آپ کی پوسٹنگ گورنمنٹ اشاعت الاسلام ھاء اسکول ، کوٹری میں ہوئی ۔ آپ نے اپنی سروس میں سرکاری اسکالرشپ پر اقراء یونیورسٹی ، کراچی سے بی ایڈ اور ایم ایڈ کے امتحانات پاس کیئے ۔ آپ کا 23 مئی 1996ع میں ایچ ایس ٹی میں پروموشن ہوا ۔ آپ کی پوسٹنگ گورنمنٹ کالج ، سن میں ہوئی ۔ آپ کچھ عرصہ اس اسکول میں رہے اور پھر آپ کا ٹرانسفر گورنمنٹ کیمپس ھاء اسکول ، اشاعت الاسلام ، کوٹری میں ہوا ۔ آپ اپنی زندگی کا بڑا عرصہ استاذہ کی تنظيم گسٹا سندھ کے یونٹ اشاعت الاسلام کے خزانچی رہے ہیں ۔ آپ نے انگریزی ، اردو ، اور بیول...

Profile # 19 Muhammad Hanif Haqqani (OT - GBHSII Kotri) محمد حنيف حقاني

Image
  محترم جناب علامہ محمد حنیف قریشی حقانی ثانوی صاحب یکم ستمبر 1967ع میں ضلع بدین کے شہر ماتلی میں پیدا ہوئے ۔ آپ نے مدرسہ انوار القرآن ، کراچی کے عالم علامہ محمد حسن حقانی اور حسن ابدال کے مرشد ثانی سرکار سے منسوب ہو کر اپنے نام میں حقانی اور ثانی کا اظافہ فرمایا ۔ آپ کے والد حاجی معین الدین قریشی صاحب کا شمار ماتلی کے مشہور تاجروں میں ہوتا تھا ۔ آپ بہن بھائیوں میں سب سے بڑے ہیں ۔ آپ نے گورنمنٹ کیمپس ہائی اسکول ، اشاعت الاسلام ، کوٹری سے میٹرک کا امتحان پاس کیا۔ آپ نے گورنمنٹ ڈگری کالج ، کالی موری ، حیدرآباد سے انٹر کی تعلیم حاصل کی ۔ آپ نے فاضل درس نظامی کا امتحان مدرسہ احسن البرکات ، حیدرآباد سے پاس کیا ہے اور فاضل عربی کا امتحان بھی پاس کیا ہے ۔ آپ کو گورنمنٹ بوائز ھاء اسکول ، کوٹری کے ھیڈ ماسٹر الاہی بخش کھوسو نے شوق دلایا کہ آپ سندھ یونیورسٹی ، جامشورو سے ایم اے اسلامیات میں کریں ۔ آپ نے سندھ یونیورسٹی ، جامشورو میں اسلامک کلچر کے چیئرمین ڈاکٹر پروفیسر کلیم اللہ ساریو صاحب کی رہنمائی ، شفقت اور محبت میں رہ کر ایم اے اسلامیات کا امتحان فرسٹ کلاس میں پاس کیا ۔ ڈاکٹر صاحب بہت ہی ...

Profile # 18 Ahmed Khan Chandio (HST - GHSS, Phulji) احمد خان چانڊيو

Image
  محترم جناب سائين احمد خان چانڊيو صاحب 12 آگسٽ 1966ع تي ڳوٺ غلام چانڊيو نزد ڦلجي اسٽيشن , تعلقو دادو , ضلعو دادو ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن جو والد محمد اسمٰعيل چانڊيو تعليم کاتي ۾ پي ايس ٽي  ھو ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ سڀ کان وڏا آهن ـ سائين جن پرائمري جي تعليم گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , دين محمد شاھاڻي مان حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , ڦلجي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن گورنمنٽ استاد بخاري ڊگري ڪاليج , دادو مان انٽر ۽ گريجوئيشن جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي , ڄامشورو مان رياضي ۾ ايم ايس سي جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي , اسلام آباد مان بي ايڊ ۽ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي , خيرپور مان ايم ايڊ جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن کي زمينداري جو تجربو بہ آهي ـ سائين جن کي 18 نومبر 1990ع تي تعليم کاتي ۾ ايڇ ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سائين جن جي اپائنٽمينٽ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , مڪلي , ضلعو ٺٽو ۾ ٿي ـ سائين جن ھن وقت گورنمنٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول , ڦلجي ۾ تمام بھترين نموني خدمتون سر انجام ڏئي رھيا آھن ۽ ٽائيم اسڪيل جي حساب سان و...

Profile # 17 Niaz Ahmed Channa (HST - GBHSII Kotri) نياز احمد چنا

Image
  محترم جناب سائين نياز احمد چنا صاحب 15 جنوري 1974ع ڳوٺ ٻورڙي , تعلقو خيرپور ناٿن شاھ , ضلعو دادو ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن جو والد حاجي محمد صالح چنا صاحب دادو جو مشهور واپاري ھو ـ سائين جن جي ڏاڏي جو ڀاء حاجي دوست محمد چنا صاحب پي ايس ٽي ھئا ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ ستون نمبر آهن ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , شھيد محمد عثمان ٻگھيو , ٻورڙي مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , ٻورڙي مان مئٽرڪ پاس ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ ڊگري ڪاليج , خيرپور ناٿن شاھ مان انٽر , بي اي ۽ ايم اي اقتصاديات جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي جي ايلسا قاضي ڪيمپس (اولڊ ڪيمپس) حيدر آباد مان بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جا امتحان پاس ڪيا آهن ـ سائين جن اسٽوڊنٽ لائف ۾ ڳوٺ سڌار سنگت جا سرگرم ڪارڪن رھيا آهن ـ سائين جن 1992ع ۾ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , عباسي محلہ , ٻورڙي ۾ رضاڪارانہ طور تي استاد جا فرض نڀائيندا رھيا ـ سائين جن کي 29 سيپٽيمبر 1993ع تي جي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سائين جن جي اپائنٽمنٽ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , ٻورڙي ۾ ٿي ـ سائين جن جو 18 اپريل 1998ع ۾ ٽرانسفر گ...

Profile # 16 Shoaib Muhammad Hakro (PST - GBPCS , Sindhi Main, Kotri) شعيب محمد ھڪڙو

Image
  محترم جناب سائين شعيب محمد ھڪڙو صاحب 13 اپريل 1987ع تي ضلعو ڄامشورو جي شھر ڪوٽڙي ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن جو والد مشتاق احمد ھڪڙو صاحب فلپ مورس ڪمپني ۾ ملازم رٽائر ٿيو آهي ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ سڀ کان وڏا آهن ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , اوور ڪرائوڊ , نانگو لائين , ڪوٽڙي مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , ڪوٽڙي مان مئٽرڪ پاس ڪئي ـ سائين جن پنهنجي محنت جي ڪري اسڪول لائف ۾ پھرين پوزيشن تي ايندا رھيا ـ سائين جن گورنمنٽ ڊگري ڪاليج , قاسم آباد مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي , ڄامشورو مان بي بي اي ۽ ايم بي اي جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن اسٽوڊنٽ لائف ۾ ڪرڪيٽ جا بھترين رانديگر رھيا ـ سائين جن ننڍي ھوندي کان ڊاڪٽر ٿيڻ پئي چاھيو پر قسمت ۾ لکيل نہ ھو ـ سائين جن انگريزي ٻولي ۾ مھارت حاصل ڪئي ۽ ڪوٽڙي شھر ۾ انگريزي ڳالھائڻ جي ڪري مشھوري ماڻي ـ سائين جن کي انگلش اسپيڪنگ ۾ ايترو تہ ڪمال حاصل آهي جو شايد ئي ڪو سائين جن جو مقابلو ڪري سگھي ـ سائين جن جا کوڙ سارا شاگرد سائين جن کان انگلش سکي پنهنجين منزلن تي پھتا آهن ـ سائين جن ڪاف...

Profile # 15 Muhammad Sharif Chandio (PST - GBPS, Jafar Khan Chandio, Mehar) محمد شريف چانڊيو

Image
  محترم جناب سائين محمد شريف چانڊيو صاحب 17 سيپٽيمبر 1991ع تي ڳوٺ حاجي احمد بخش چانڊيو , تعلقو ميھڙ , ضلعو دادو ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن جا وڏا ھارپو ڪندا ھئا ـ سائين جن جو والد مرحوم عبداللطيف چانڊيو صاحب روڊس کاتي ۾ پرائيويٽ منشي طور ڪم ڪندا ھئا ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ ٻئي نمبر تي آهن ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , فيض محمد سوڍر , ميھڙ مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ ھاء اسڪول نمبر ون ميھڙ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن گورنمنٽ ڊگري ڪاليج , ميھڙ مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن يونيورسٽي آف سنڌ , ڄامشورو مان بي اي ۽ عمرانيات ۾ ماسٽرس جا امتحان پاس ڪيا آهن ـ سائين جن اسٽوڊنٽ لائف ۾ ڪلاس ڏھين جا ڪيپٽن ۽ ڪلاس جا مانيٽر بہ رھيا آھن ـ سائين جن 2012ع ۾ آفٿمولڪ ڪورس , سول ھاسپٽل , ڪراچي مان , 2014ع ۾ ريفريڪشن ڪورس , ايل آر بي ٽي , ڪورنگي ڪراچي مان ۽ 2015ع ۾ ڊسپنيسر ڪورس جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي , ڪراچي مان پاس ڪيا آھن ـ سائين جن البصير آئي ھاسپٽل , ڊفينس فيز 2 , ڪراچي ۾ 2015 کان 2019 تائين اوٽي اسٽينٽ آئوٽ فيلڊ ريفريڪشن طور ڪم ڪيو آھي ۽ پي او ب...

Profile # 14 Muhammad Aslam Mughal (PST - GBPSII Kotri) محمد اسلم مغل

Image
محترم جناب سر محمد اسلم مغل صاحب یکم جنوری 1970ع میں ضلع جامشورو کے شہر کوٹری میں پیدا ہوئے ۔ آپ کے نانا عمر الدین مغل صاحب ٹیلی گراف ، کوٹری میں ملازم تھے ۔ آپ کے والد حاجی محمد اکرم مغل صاحب لکڑی کا کاروبار کرتے تھے ۔ آپ بہن بھائیوں میں سب سے بڑے ہیں ۔ آپ نے گورنمنٹ بوائز پرائمری کيمپس اسکول ، سندھی مين ، کوٹری میں سے پرائمری کی تعلیم حاصل کی ۔ آپ نے گورنمنٹ بوائز ہائی اسکول ، کوٹری سے میٹرک کا امتحان پاس کیا ۔ گورنمنٹ بوائز ہائی اسکول ، کوٹری میں دوران تدریس 1985ع میں جب آپ آٹھویں کلاس میں تھے تو سالانہ گیمز میں آپ نے شوٹر گیم میں فرسٹ پوزیشن حاصل کی ، جس پر اس وقت کے اسکول کے ھیڈ ماسٹر محمد اسمٰعیل نے آپ کو دس روپے کا پرائز بونڈ انعام میں دیا ۔ آپ نے گورنمنٹ ڈگری کالج ، لطیف آباد سے انٹر سے بی اے تک کی تعلیم حاصل کی ۔ آپ نے پی ٹی سی کا امتحان بھی پاس کیا ہے ۔ آپ کو 4 نومبر 1990ع کو پی ایس ٹی کا آرڈر ملا ۔ آپ کی اپائنٹمنٹ گورنمنٹ بوائز پرائمری اسکول ، بہار کالونی ، کوٹری میں ہوئی ۔ کچھ عرصہ بعد آپ کا ٹرانسفر گورنمنٹ پرائمری اسکول ، اشاعت الاسلام ، کوٹری میں ہوا ۔ آپ بہت اچھے طریقے س...

Profile # 13 Fahad Ali Junejo (OT - GBHSII Kotri) فھد علي جوڻيجو

Image
  محترم جناب سائين فھد علي جوڻيجو صاحب 5 اپريل 1987ع تي ضلعو ڄامشورو جي شھر ڪوٽڙي ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن جو ڏاڏو حافظ واحد بخش جوڻيجو ھڪ زميندار ھو ـ سائين جن جو والد شمس الدين جوڻيجو صاحب تعليم کاتي ۾ ڄامشورو ضلعي جو ڊپٽي ڊسٽرڪٽ آفيسر (ايليمينٽري , سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري) رٽائر ٿيو آهي ۽ ھن وقت ھڪ زميندار ھجڻ سان گڏ چوپائي مال جي واڙي جو مالڪ پڻ آهي ـ سائين جن جي والدھ بہ تعليم کاتي ۾ پرائمري سڪول ٽيچر رٽائر ٿي آهي ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري ڪيمپس اسڪول , سنڌي مين , ڪوٽڙي مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ـ  سائين جن گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول , اشاعت الاسلام مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن پنجين ڪلاس ۾ پڙھائي دوران ثقافتي پروگرام ۾ ٻين پوزيشن جڏهن تہ اٺين ڪلاس ۾ پھرين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ اسڪول لائف ۾ ڪرڪيٽ جا بھترين رانديگر رھيا آهن ـ سائين جن گورنمنٽ علي بابا ڊگري ڪاليج , ڪوٽڙي مان انٽر پاس ڪئي ـ سائين جن او ٽي سي ۽ پي ٽي سي جا امتحان بہ پاس ڪيا آھن ـ سائين جن شھادت عالميہ , مولوي عربي ۽ مولوي عالم جا امتحان بہ پاس آهن ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي , ڄامشورو مان بي اي ۽ اي...

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Image
محترم جناب سائين مشتاق احمد راھو صاحب 1 اپريل 1987ع تي ڳوٺ قاسم راھو , تعلقو دولتپور , ضلعو شھيد بينظير آباد ۾ پيدا ٿيا ـ سندن والد نيشنل بئنڪ آف پاڪستان ۾ آفيسر رھيا آھن ـ سائين جن پنهنجي پرائمري جي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي اسڪول گورنمنٽ پرائمري اسڪول , عبدالمالڪ راھو مان حاصل ڪئي ـ سائين جن مڊل جي تعليم باب العلم گرامر اسڪول قاضي احمد مان , مئٽرڪ ۽ انٽرميڊيئيٽ جي تعليم بحريہ ڪاليج , نواب شاهه مان حاصل ڪئي ـ سائين جن بي اي ۽ ايم اي اليڪٽرانڪس قائد عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ , سائنسز اينڊ ٽيڪنالوجي نواب شاھ مان حاصل ڪئي ـ سائين جن بي ايڊ ۽ ايم ايڊ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي , اسلام آباد مان حاصل ڪئي ـ سائين جن ايم اي اردو بہ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مان حاصل ڪئي آهي ـ سائين جن تعليم جي حوالي سان قومي ۽ بين الاقوامي آن لائين  ڪيتريون ئي ٽريننگز حاصل ڪيون آهن ۔ سائين جن جي ڪيريئر جي شروعات 2010ع ۾ ٿي ـ سائين جن مائڪرو فنانس اداري ۾ تقريباً ھڪ سال مئنيجر رھيا ـ سائين جن شگر انڊسٽري ۾ 3 سال انجنيئر طور خدمتون سر انجام ڏنيون ـ سائين جن جولاء 2014ع ۾ اين ٽي ايس ذريعي جونيئر سڪول ٽيچر...

Profile # 11 Ghulam Shabbir Khoso (HM - GBELS, Bihar Colony, Kotri) غلام شبير کوسو

Image
محترم جناب سائين غلام شبير کوسو صاحب 2 جنوري 1970ع تي ڳوٺ بازمال کوسو , تعلقو جوھي , ضلعو دادو ۾ پيدا ٿيو ـ سندن والد غلام اصغر کوسو ڳوٺ جو ھڪ مشھور درزي ھو ـ سندن والد صاحب کي تعليم سان تمام گهڻو چاھ ھو ان ڪري پھريون اولاد ھجڻ ڪري سندن والد سندن تعليم جو سٺو بندوبست ڪيو ـ سائين جن ڪمپائونڊر جو ڪورس ڪيو ۽ ڪجھ عرصو ڳوٺ ۾ ھڪ پرائيويٽ ڪلينڪ ۾ ڪمپائونڊر جو ڪم ڪيو ـ سائين جن ايم اي اقتصاديات ۽ ايم ايڊ سان گڏ ايل ايل بي بہ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي ـ سائين جن 8 جون 1989ع تي سنڌ جي تعليم کاتي ۾ جونيئر اسڪول ٽيچر ڀرتي ٿيا ـ سندن پوسٽنگ گورنمنٽ مڊل اسڪول , امين آباد, تعلقو دادو ۾ ٿي ـ سائين جن ڪجھ عرصو ان اسڪول ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون ۽ پوء سائين جن جو ٽرانسفر گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , جوھي ۾ ٿيو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , ڪمال خان , تعلقو جوھي ۾ بہ ڪجھ عرصو رھيا ـ سائين جن جو 23 مئي 1996ع ۾ جي ايس ٽي مان ايڇ ايس ٽي جو پروموشن ٿيو ۽ پوسٽنگ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , ٽنڊو رحيم خان , تعلقو جوھي ۾ ٿي ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , حاجي خان , تعلقو جوھي ۾ بہ ڪجھ عرصو رھيا ۽ ان اسڪول جا شا...