Profile # 16 Shoaib Muhammad Hakro (PST - GBPCS , Sindhi Main, Kotri) شعيب محمد ھڪڙو

 

محترم جناب سائين شعيب محمد ھڪڙو صاحب 13 اپريل 1987ع تي ضلعو ڄامشورو جي شھر ڪوٽڙي ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن جو والد مشتاق احمد ھڪڙو صاحب فلپ مورس ڪمپني ۾ ملازم رٽائر ٿيو آهي ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ سڀ کان وڏا آهن ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , اوور ڪرائوڊ , نانگو لائين , ڪوٽڙي مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , ڪوٽڙي مان مئٽرڪ پاس ڪئي ـ سائين جن پنهنجي محنت جي ڪري اسڪول لائف ۾ پھرين پوزيشن تي ايندا رھيا ـ سائين جن گورنمنٽ ڊگري ڪاليج , قاسم آباد مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي , ڄامشورو مان بي بي اي ۽ ايم بي اي جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن اسٽوڊنٽ لائف ۾ ڪرڪيٽ جا بھترين رانديگر رھيا ـ سائين جن ننڍي ھوندي کان ڊاڪٽر ٿيڻ پئي چاھيو پر قسمت ۾ لکيل نہ ھو ـ سائين جن انگريزي ٻولي ۾ مھارت حاصل ڪئي ۽ ڪوٽڙي شھر ۾ انگريزي ڳالھائڻ جي ڪري مشھوري ماڻي ـ سائين جن کي انگلش اسپيڪنگ ۾ ايترو تہ ڪمال حاصل آهي جو شايد ئي ڪو سائين جن جو مقابلو ڪري سگھي ـ سائين جن جا کوڙ سارا شاگرد سائين جن کان انگلش سکي پنهنجين منزلن تي پھتا آهن ـ سائين جن ڪافي عرصو ھوم ٽيوشنز پڙھايون ۽ مئٽرڪ تائين تقريباً سڀ سبجيڪٽس پڙھايا آهن ـ سائين جن شاگردن جي مينٽورنگ بہ ڪندا رھيا ـ سائين جن تقريباً 4 سال فلپ مورس ڪمپني ۾ بطور سپروائيزر ۽ ڪولگيٽ ڪمپني ۾ بطور ڊپارٽمنٽ انچارج تقريباً 4 مھينا ڪم ڪيو ـ سائين جن کي فلپ مورس ڪمپني ۾ ملازمت دوران کوڙ دفعا ڪارڪردگي جي بنياد تي ايوارڊز مليا آھن ـ آگسٽ 2022ع ۾ سائين جن پنهنجن پيارن دوستن اعجاز سولنگي , حسن علي کوسو , مختيار علي ڏاھري , مدد علي ڪلھوڙو , نادر علي جھتيال , عدنان حسين مغل , محمد اياز کوسو ۽ ظفر علي ٻليدائي سان ملي ڪري نعيم علي ابڙو جي اسڪول , برائيٽ فائونڊيشن پبلڪ اسڪول ۾ شام جو ٽيوشن سينٽر سڪسيس اڪيڊمي آف ماڊرن سائنسز کوليو ـ سينٽر ۾ سائين جن انگريزي پڙھائي رھيا آهن ـ سائين جن کي موسيقي سان تمام گھڻو لڳاء آھي ۽ سندن آواز بہ تمام پيارو آهي ـ دوستن جي فرمائش تي اڪثر سر ۾ ڳائيندا بہ آهن ـ سائين جن تعليم کاتي ۾ آئي بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ سائين جن کي 3 ڊسمبر 2022ع تي پي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سائين جن جي اپائنٽمنٽ گورنمنٽ بوائز پرائمري ڪيمپس اسڪول , سنڌي مين , ڪوٽڙي ۾ ٿي ـ سائين جن بھترين نموني سان اسڪول ۾ پنهنجيون صلاحيتون مڃرائي رھيا آهن ـ سائين جن جو ننڍو ڀاء رميض ھڪڙو , ڪار مڪينڪ آهي ۽ ٻيو ڀاء عاطف ھڪڙو بي بي اي جو شاگرد ھجڻ سان گڏ ڊسپينسر بہ آهي ـ سائين جن جي بھترين استادن ۾ سائين منظور احمد پنھور , سائين احمد بخش بلوچ , سائين غلام سرور ملاح , سائين محمد اسمٰعيل سومرو , سائين  مرحوم محمد علي مگسي , سائين محمد رمضان سومرو , سائين محمد شاھ ڪاظمي , سائين محمد اسمٰعيل سمون , سائين علي گوھر ڀٽي , سائين ڪريم بخش سومرو , سائين پانڌي خان ٽالپر , سائين نعمت الله مڱريو , سائين عبدالڪريم , سائين محمد صالح ڪرماڻي , سائين اختر رند , سائين منظور برفت , سائين منظور کوکر , سائين خالد ناريجو , پروفيسر ظفر الله قريشي , پروفيسر ھادي بخش , پروفيسر عبد السلام  خواجا , پروفيسر امام الدين کوسو , پروفيسر وشنو پرمار , پروفيسر محمد ميمڻ ۽ پروفيسر عائشہ بشير شاھ شامل آهن ـ سائين جن جي پسنديدھ شخصيتن ۾ احمد ديدات , بي ايم ھيگڙي ۽ شاھ رخ خان شامل آهن ـ سائين جن جي خيال مطابق تعليمي نظام کي سڌارڻ جي لاء نواڻ جي ضرورت آهي ـ سائين جن فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " سنڌ جا ٻار دل لڳائي پڙھن تہ جيئن انهن جي منزل بہ آسان ٿئي ۽ پنهنجي والدين جو نالو روشن ڪرڻ سان گڏ , سنڌ ۾ بہ خوشحالي اچي -"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل