Profile # 13 Fahad Ali Junejo (OT - GBHSII Kotri) فھد علي جوڻيجو

 

محترم جناب سائين فھد علي جوڻيجو صاحب 5 اپريل 1987ع تي ضلعو ڄامشورو جي شھر ڪوٽڙي ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن جو ڏاڏو حافظ واحد بخش جوڻيجو ھڪ زميندار ھو ـ سائين جن جو والد شمس الدين جوڻيجو صاحب تعليم کاتي ۾ ڄامشورو ضلعي جو ڊپٽي ڊسٽرڪٽ آفيسر (ايليمينٽري , سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري) رٽائر ٿيو آهي ۽ ھن وقت ھڪ زميندار ھجڻ سان گڏ چوپائي مال جي واڙي جو مالڪ پڻ آهي ـ سائين جن جي والدھ بہ تعليم کاتي ۾ پرائمري سڪول ٽيچر رٽائر ٿي آهي ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري ڪيمپس اسڪول , سنڌي مين , ڪوٽڙي مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ـ  سائين جن گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول , اشاعت الاسلام مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن پنجين ڪلاس ۾ پڙھائي دوران ثقافتي پروگرام ۾ ٻين پوزيشن جڏهن تہ اٺين ڪلاس ۾ پھرين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ اسڪول لائف ۾ ڪرڪيٽ جا بھترين رانديگر رھيا آهن ـ سائين جن گورنمنٽ علي بابا ڊگري ڪاليج , ڪوٽڙي مان انٽر پاس ڪئي ـ سائين جن او ٽي سي ۽ پي ٽي سي جا امتحان بہ پاس ڪيا آھن ـ سائين جن شھادت عالميہ , مولوي عربي ۽ مولوي عالم جا امتحان بہ پاس آهن ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي , ڄامشورو مان بي اي ۽ ايم اي اسلامڪ ڪلچر جا امتحان پاس ڪيا ـ سائين جن شاھ عبداللطيف يونيورسٽي , خيرپور مان بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن ڪمپيوٽر آپريٽر جو ڪورس بہ ڪيو آهي ـ سائين جن ڪجھ عرصو دڪاندار رھيا ۽ ان سان گڏ پنهنجي مال جي واڙي تي ڪم ڪندا رھيا آهن ـ سائين جن زميندار آهن ۽ چوپائي مال ۽ ٻني جي سٺي ڄاڻ اٿن ـ سائين جن کي 2008ع ۾ اين سي ايڇ ڊي جي پروجيڪٽ تحت پرائمري سڪول ٽيچر جو آرڊر مليو ـ سائين جن جي اپائنٽمنٽ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , لمس ڪالوني , ڄامشورو ۾ ٿي ـ سائين جن ڪجھ عرصو گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , اي ڊي بلوچ , ڪوٽڙي ۽ گورنمنٽ بوائز پرائمري ڪيمپس اسڪول , سنڌي مين , ڪوٽڙي ۾ بہ خدمتون سر انجام ڏنيون ـ سائين جن کي 2011ع ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر جو آرڊر مليو ـ سائين جن جي اپائنٽمنٽ ڊي او آفيس , ڄامشورو ۾ ٿي ـ سائين جن کي 2012ع ۾ اورينٽل ٽيچر جو آرڊر مليو ـ سائين جن جي اپائنٽمنٽ گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول , الھبچايو شورو , ڪوٽڙي ۾ ٿي ـ سائين جن جو 24 آڪٽوبر 2014ع ۾ ٽرانسفر گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول , اشاعت الاسلام , ڪوٽڙي ۾ ٿيو ـ

سائين جن استادن جي تنظيم گسٽا سنڌ جي يونٽ اشاعت الاسلام جا 2016ع کان 2019ع تائين پريس سيڪريٽري , 2019ع کان 2022ع تائين جوائنٽ سيڪريٽري ۽ 2022ع ۾ جنرل سيڪريٽري منتخب ٿيا آهن ـ سائين جن لطيف سناسائي جي پروگرامن ۾ ٻارن جي تياري ڪرائڻ , نون شاگردن کي ھمٿائڻ ۽ اسڪول جي ڪنهن بہ مسئلي ۾ شاگردن جي مدد ڪرڻ جي حوالي سان سڄاتا وڃن ٿا ـ شاگردن جو سائين جن سان ايترو تہ چاھ آهي جو جيڪي شاگرد اسڪول مان پڙھي ھليا بہ ويا آھن اھي بہ سائين جن سان ملڻ ۽ ڪچھري ڪرڻ ايندا رھندا آھن ـ سائين جن انگريزي , اسلاميات ۽ سنڌي جا سبجيڪٽس پڙھايا آهن ۽ ڪلاس ستين جا ڪلاس ٽيچر رھيا آهن ـ سائين جن جي پسنديدھ شخصيت سندن والد شمس الدين جوڻيجو آهي ـ سائين جن پنهنجين سوشل ايڪٽيوٽيز ۽ ٽريولنگ جي ڪري تمام گھڻو مشهور آهن , ھر جمعرات تي ڀٽ شاھ ويندا آهن ـ سائين جن جي بھترين استادن ۾ سر ظھير احمد مڱڻھار , سر غلام مصطفي ميمڻ , سر عبدالقدوس سومرو , سر لالا سمون , سر ذاڪر حسين کوسو , سر حسن علي کوسو , سر منظور علي نائچ , سر سڪندر علي سولنگي , مرحوم سر بدرالدين پنھور , سر شاھنواز منگي , سر فدا حسين سولنگي , سر ڪريم بخش سومرو , سر قطب الحسنين شاھ , سر روشن جوڻيجو ۽ سر محمد حنيف حقاني شامل آهن ـ سائين جن جا بھترين دوست رضوان ھيسباڻي , ساجن کورکاڻي , نثار احمد مھر , جاويد پٺاڻ , پرويز شورو , اظفر عالم خاصخيلي ۽ اظھر پٺاڻ آهن ـ

سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ ٻيو نمبر آهن ـ سائين جن جو ننڍو ڀاء اسد جوڻيجو اينٽي انڪروچمينٽ کاتي ۾ ملازم آهي ـ سائين جن جو ٻيو ڀاء امجد جوڻيجو سعودي عرب ۾ ملازم آهي ـ سائين جن جو ٽيون ڀاء آصف جوڻيجو ڊسپينسر آهي ـ

سائين جن جي مطابق تعليم ۾ سياست جي مداخلت نہ ھجي تہ تعليم بھتر ٿي سگهي ٿي ـ سائين جن فيسبوڪ جي توسل سان سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " علم جي جستجو ڪنهن بہ رنگ ۾ ڪئي وڃي , اھا عبادت جي ئي ھڪ شڪل آهي -"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل