Profile # 15 Muhammad Sharif Chandio (PST - GBPS, Jafar Khan Chandio, Mehar) محمد شريف چانڊيو

 

محترم جناب سائين محمد شريف چانڊيو صاحب 17 سيپٽيمبر 1991ع تي ڳوٺ حاجي احمد بخش چانڊيو , تعلقو ميھڙ , ضلعو دادو ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن جا وڏا ھارپو ڪندا ھئا ـ سائين جن جو والد مرحوم عبداللطيف چانڊيو صاحب روڊس کاتي ۾ پرائيويٽ منشي طور ڪم ڪندا ھئا ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ ٻئي نمبر تي آهن ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , فيض محمد سوڍر , ميھڙ مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ ھاء اسڪول نمبر ون ميھڙ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن گورنمنٽ ڊگري ڪاليج , ميھڙ مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن يونيورسٽي آف سنڌ , ڄامشورو مان بي اي ۽ عمرانيات ۾ ماسٽرس جا امتحان پاس ڪيا آهن ـ سائين جن اسٽوڊنٽ لائف ۾ ڪلاس ڏھين جا ڪيپٽن ۽ ڪلاس جا مانيٽر بہ رھيا آھن ـ سائين جن 2012ع ۾ آفٿمولڪ ڪورس , سول ھاسپٽل , ڪراچي مان , 2014ع ۾ ريفريڪشن ڪورس , ايل آر بي ٽي , ڪورنگي ڪراچي مان ۽ 2015ع ۾ ڊسپنيسر ڪورس جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي , ڪراچي مان پاس ڪيا آھن ـ سائين جن البصير آئي ھاسپٽل , ڊفينس فيز 2 , ڪراچي ۾ 2015 کان 2019 تائين اوٽي اسٽينٽ آئوٽ فيلڊ ريفريڪشن طور ڪم ڪيو آھي ۽ پي او بي آئي ھاسپٽل , ڪراچي ۾ 2019 کان 2022 تائين اوٽي اسٽينٽ آئي ڪيمپس ۾ ڪم ڪيو آهي ـ سائين جن کي آئي ڪيمپس ۾ مڃتا طور ٻہ دفعا ڊي سي سکر کان سرٽيفڪيٽ مليا آھن ـ جڏھن سائين جن جو ڀائرن جھڙو دوست جج ٿيو تہ سائين جن کي بہ مقابلي ڪرڻ جو اتساھ پيدا ٿيو ـ سائين جن آئي بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ کين تعليم کاتي ۾ 6 آگسٽ 2022ع ۾ پرائمري سڪول ٽيچر جو آرڊر مليو ۽ سندن پوسٽنگ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , جعفر خان چانڊيو , يوسي منگواڻي , تعلقو ميھڙ , ضلعو دادو ۾ ٿي ـ سائين جن سنڌي , پاڪستان اسٽڊي ۽ اڙدو جا سبجيڪٽس پڙھايا آھن ۽ ڪلاس ٻئين , ٽئين , چوٿين ۽ پنجين ڪلاس جا ڪلاس ٽيچر رھيا آهن ـ سائين جن جي ھوبيز ۾ سماجي ڪم ڪرڻ , انٽرنيٽ يوز ڪرڻ , ڪتاب ۽ شعرو شاعري پڙھڻ شامل آھن ـ سائين جن شاعر بہ آھن ۽ اديب بہ آهن ـ سائين جن جي پسنديدھ شخصيتن ۾ سندن والد ۽ والدھ شامل آهن ـ سائين جن جي بھترين دوستن ۾ سجاد حسين چانڊيو مئجسٽريٽ ۽ سول جج , وڪيل صدام گلال , سائين محمد علي چانڊيو , سائين شفيق بروھي , فرحان علي چنڊ , امتياز بروھي ۽ سائين ذوھيب سومرو شامل آهن ـ سائين جن جي بھترين استادن ۾ سائين حاڪم سوڍر , سائين اختيار سوڍر , سائين علي گوھر سيال , سائين محمد عالم سومرو ۽ سائين اسلم گلال شامل آهن ـ سائين جن فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن لاء ھي پيغام ڏنو : " علم پرايو پينگھي کان پيري تائين ـ"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل