Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو


محترم جناب سائين مشتاق احمد راھو صاحب 1 اپريل 1987ع تي ڳوٺ قاسم راھو , تعلقو دولتپور , ضلعو شھيد بينظير آباد ۾ پيدا ٿيا ـ سندن والد نيشنل بئنڪ آف پاڪستان ۾ آفيسر رھيا آھن ـ سائين جن پنهنجي پرائمري جي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي اسڪول گورنمنٽ پرائمري اسڪول , عبدالمالڪ راھو مان حاصل ڪئي ـ سائين جن مڊل جي تعليم باب العلم گرامر اسڪول قاضي احمد مان , مئٽرڪ ۽ انٽرميڊيئيٽ جي تعليم بحريہ ڪاليج , نواب شاهه مان حاصل ڪئي ـ سائين جن بي اي ۽ ايم اي اليڪٽرانڪس قائد عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ , سائنسز اينڊ ٽيڪنالوجي نواب شاھ مان حاصل ڪئي ـ سائين جن بي ايڊ ۽ ايم ايڊ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي , اسلام آباد مان حاصل ڪئي ـ سائين جن ايم اي اردو بہ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مان حاصل ڪئي آهي ـ سائين جن تعليم جي حوالي سان قومي ۽ بين الاقوامي آن لائين  ڪيتريون ئي ٽريننگز حاصل ڪيون آهن ۔ سائين جن جي ڪيريئر جي شروعات 2010ع ۾ ٿي ـ سائين جن مائڪرو فنانس اداري ۾ تقريباً ھڪ سال مئنيجر رھيا ـ سائين جن شگر انڊسٽري ۾ 3 سال انجنيئر طور خدمتون سر انجام ڏنيون ـ سائين جن جولاء 2014ع ۾ اين ٽي ايس ذريعي جونيئر سڪول ٽيچر ڀرتي ٿيا ـ سائين جن جي پوسٽنگ گورنمنٽ بوائز لوئر سيڪنڊري سڪول , شوڪت آباد ۾ ٿي جتي اسڪول جھڙوڪ ويران ھو ـ سائين جن سخت محنت ڪري اسڪول کي مڪمل فنڪشنل ڪري انرولمينٽ جو وجود پيدا ڪيو ـ سائين جن اسڪول جي استادن ۾ ھڪ ئي سائنس جو استاد ھجڻ ڪري سخت محنت ڪري تعلقي ۾ اسڪول جو نالو روشن ڪيو ـ اٺين ڪلاس جا شاگرد سائنس ۽ رياضي ۾ سائين جن جي محنت سان سيٽ ٽيسٽ آئي بي اي سکر ۾ تعلقي ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪئي ـ ان عيوض وزير تعليم ۽ سيڪريٽري طرفان اسڪول کي ايپريسيئيشن سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو ـ سائين جن جو 8 سيپٽيمبر 2020ع ۾ ھاء سڪول ٽيچر ٿيو ۽ گورنمنٽ ھاء سڪول مشائخ ۾ پوسٽنگ ملي ـ اتي سوا سال خدمتون سر انجام ڏئي جنوري 2022ع ۾ گورنمنٽ ھائر سيڪنڊري سڪول قاضي احمد ٽرانسفر ٿيا ۽ بھترين نموني خدمتون سر انجام ڏئي رھيا آهن ـ سائين جن جي بھترين استادن ۾ استاد خدا بخش راھو (پرائمري) , حافظ مشتاق احمد راھو (مڊل) , فضل عثمان راجپوت (مئٽرڪ) ۽ شھلا امجد (انٽر) , ڊاڪٽر پرديپ ڪمار ۽ ڊاڪٽر ڀڳوان داس يونيورسٽي ۾ رھيا آھن ـ سائين جن 6 سال ڪلاس ٽيچر رھيا آھن ـ سائين جن انگريزي , رياضي , سائنس , ڪيمسٽري ۽ فزڪس جا سبجيڪٽ پڙھايا آهن ـ سائين جن کي ڪتاب پڙهڻ جو چاھ آهي گهر ۾ ڪتابن جي ننڍڙي لائبريري موجود آهي , فارغ وقت ۾ ڪتاب پڙهڻ ۽ انٽرنيٽ جو استعمال شامل آهي ـ

پنهنجي آسپاس شاگردن جي ڪيريئر ڪائونسلنگ ۽ موٽيويٽ ڪرڻ , شاگردن کي نوان لاڙا ٻڌائڻ ۽ ان طرف ڌيان ڇڪائڻ به تعليم سان گڏوگڏ سرگرمي شامل آهي ـ ريگيولر ۽ وقت تي اسڪول پھچڻ ھر حال ۾ اسڪول اسيمبلي ۾ پھچڻ ۽ محنت سان پڙھائڻ جي عيوض سائين جن کي 2 ڀيرا بھترين استاد جو ايوارڊ (شيلڊ) ۽ 2 دفعا بيسٽ ٽيچر ايوارڊ (سرٽيفڪيٽ) ملي چڪا آهن ـ سائين جن 2 دفعا پرائيويٽ اسڪولن ۾ سائنس جي سکيا بابت ايز اي ٽرينر ورڪشاپ پڻ ڪرائي چڪا آهن ـ سائين جن جي پسنديدھ شخصيتن ۾ سندن امڙ , سندن بابا سائين , قابل ۽ محنتي استاد شامل آهن ـ سائين جن کي اولاد ۾ ھڪ ننڍڙو آهي جنهن جي عمر ڏيڍ سال آهي ـ سائين جي بھترين دوستن ۾ غلام شبير گائنچو , غلام مرتضي جتوئي , سھيل احمد سومرو آئي بي اي سکر , سارنگ ڪريم کوسو , عظيم اياز ميراڻي ۽ سيد مظھر علي شاھ ڪاضمي شامل آهن ـ

سائين جن ڀائرن ۾ ٽيون نمبر آهن ـ سائين جن جو وڏو ڀاء زميندار آهي , ٻيو نمبر ڀاء پرائمري سڪول ٽيچر آهي , چوٿون نمبر ڀاء جونيئر ايليمينٽري سڪول ٽيچر آهي ۽ آخري پنجون نمبر ڀاء شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي , شھيد بينظير آباد يونيورسٽي ۾ انگلش ڊپارٽمنٽ ۾ ليڪچرر آهي , مطلب سائين جن جو گهراڻو تعليم يافتہ ۽ پيغمبري پيشي سان وابسطہ آهي ۔ سائين جي ويجهن عزيزن ۾ وڪيل , ڊاڪٽر , سي ايس ايس آفيسر , پروفيسر ۽ پبلڪ سيڪٽر ادارن ۾ اعليٰ عھدن تي آفيسر آهن ـ

سائين کي سکڻ ۽ سيکارڻ جو تمام گهڻو شوق آهي ـ لائف از لرننگ پروسيس تعليم ڏيڻ تمام ڏکئي ۾ ڏکيو پروفيشن آهي ـ تعليم کاتي جي 8 سال تجربي مان اھو مشاهدو ڪيو آهي ته اسان جي تعليم جو ريشو تڏهن وڌندو جڏهن ٻار, والدين, استاد ۽ اسڪول جو ھيڊ پاڻ ۾ تعاون ڪندا ته اسان جا نسلن جا نسل تمام وڏي ترقي ماڻي سگهندا ـ

سائين جن فيس بڪ جي توسط سان محترم استادن , شاگردن ۽ عام ماڻهن لاء ھنن سونھري لفظن ۾ پيغام ڏنو "پنهنجي شاگردن کي پنهنجي اولاد وانگر دل ۽ شوق سان پڙھايو ـ بيشڪ شاگرد توهان کي بادشاهن جيتري عزت ڏيندا ـ شاگرد پنهنجي ماء پيء جي عزت ۽ خدمت ڪريو ـ استاد کي عزت مان ۽ مرتبو ڏيو ـ پنهنجي پڙھائي سچائي سان ڪريو ۽ جديد ٽيڪنالاجي جو ڀرپور فائدو وٺو "ـ

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل