Profile # 18 Ahmed Khan Chandio (HST - GHSS, Phulji) احمد خان چانڊيو

 

محترم جناب سائين احمد خان چانڊيو صاحب 12 آگسٽ 1966ع تي ڳوٺ غلام چانڊيو نزد ڦلجي اسٽيشن , تعلقو دادو , ضلعو دادو ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن جو والد محمد اسمٰعيل چانڊيو تعليم کاتي ۾ پي ايس ٽي  ھو ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ سڀ کان وڏا آهن ـ سائين جن پرائمري جي تعليم گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , دين محمد شاھاڻي مان حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , ڦلجي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن گورنمنٽ استاد بخاري ڊگري ڪاليج , دادو مان انٽر ۽ گريجوئيشن جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي , ڄامشورو مان رياضي ۾ ايم ايس سي جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي , اسلام آباد مان بي ايڊ ۽ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي , خيرپور مان ايم ايڊ جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن کي زمينداري جو تجربو بہ آهي ـ سائين جن کي 18 نومبر 1990ع تي تعليم کاتي ۾ ايڇ ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سائين جن جي اپائنٽمينٽ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , مڪلي , ضلعو ٺٽو ۾ ٿي ـ سائين جن ھن وقت گورنمنٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول , ڦلجي ۾ تمام بھترين نموني خدمتون سر انجام ڏئي رھيا آھن ۽ ٽائيم اسڪيل جي حساب سان ويھين گريڊ ۾ آهن ـ سائين جن استادن جي تنظيم گسٽا سنڌ جي يونٽ ڦلجي ۾ ٻہ دفعا صدر رھيا آھن ـ سائين جن سڄي زندگي رياضي جو سبجيڪٽ پڙھايو آهي ـ سائين جن جا کوڙ سارا شاگرد انجنيئر , ڊاڪٽر , استاد ۽ پوليس ۾ آھن ـ سائين جن پارٽ ٽائيم ۾ ھڪ ننڍو ڪاروبار بہ ڪندا آھن ـ سائين جن کي سگا طرفان بيسٽ ٽيچر ايوارڊ بہ مليو آهي ـ سائين جن پسنديدھ شخصيت سندن والد آهي ـ سائين جن جي بھترين استادن ۾ پرائمري ۾ سندن والد سائين محمد اسمٰعيل چانڊيو , سائين گلشير شاھاڻي , سائين عبدالقادر شاھاڻي ۽ سائين عطا محمد ڏھوٽ جڏھن تہ سيڪنڊري ۾ سائين محمد يوسف ڏاوڇ , سائين نھال الدين آرائين ۽ سائين غلام مرتضي ھيسباڻي شامل آهن ـ سائين جن جي بھترين دوستن ۾ حسن علي کوسو , عبدالمجيد پنھور , آفتاب احمد پنھور ۽ شفيق ميمڻ شامل آهن ـ سائين جن جو ننڍو ڀاء اعظم خان چانڊيو تعليم کاتي ۾ پي ايس ٽي آهي ـ سائين جن جو ٻيو ننڍو ڀاء اصغر علي چانڊيو عرف دودو خان تعليم کاتي ۾ پي ايس ٽي آهي ۽ استاد سان گڏ شاعر , اديب , حڪيم , ليکڪ , سماج سڌارڪ , تعليم دوست ۽ ھر وقت قوم جو اونو رکندڙن مان ھڪ آهي ـ سائين جن جو ٽيون ننڍو ڀاء اختر حسين چانڊيو ٿرديپ مائڪرو فنانس ۾ ريجنل مئنيجر آهي ـ سائين جن جو چوٿون ننڍو ڀاء اياز علي کي ميڊيڪل اسٽور آهي ـ سائين جن کي ٽي نياڻيون آھن ۽ ٽئي گريجوئيٽ آھن ـ سائين جن جو وڏو فرزند سھيل احمد چانڊيو ٿرديپ مائڪرو فنانس ۾ ملازم آهي ـ سائين جن جو ٻيو نمبر فرزند عديل احمد چانڊيو سنڌ زرعي يونيورسٽي , ٽنڊو ڄام ۾ پڙھندو آهي ـ سائين جن جو ٽيون نمبر فرزند نبيل احمد چانڊيو سنڌ يونيورسٽي , ڄامشورو ۾ پڙھندو آهي ـ سائين جن جي خيال مطابق اسان جو تعليمي نظام تڏهن سڌرندو جڏهن والدين ٻارن جي تعليم تي ڌيان ڏيندا ـ جيڪڏھن نوڪريون ميرٽ تي ملنديون تہ پڙھڻ لاء اتساھ پيدا ٿيندو ۽ تعليم جي قدر ٿيندي ـ سائين جن فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن لاء ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " علم حاصل ڪريو ۽ محنت ڪريو تہ توهان جي منزل توهان کي ضرور ملندي " ـ

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل