Profile # 11 Ghulam Shabbir Khoso (HM - GBELS, Bihar Colony, Kotri) غلام شبير کوسو


محترم جناب سائين غلام شبير کوسو صاحب 2 جنوري 1970ع تي ڳوٺ بازمال کوسو , تعلقو جوھي , ضلعو دادو ۾ پيدا ٿيو ـ سندن والد غلام اصغر کوسو ڳوٺ جو ھڪ مشھور درزي ھو ـ سندن والد صاحب کي تعليم سان تمام گهڻو چاھ ھو ان ڪري پھريون اولاد ھجڻ ڪري سندن والد سندن تعليم جو سٺو بندوبست ڪيو ـ سائين جن ڪمپائونڊر جو ڪورس ڪيو ۽ ڪجھ عرصو ڳوٺ ۾ ھڪ پرائيويٽ ڪلينڪ ۾ ڪمپائونڊر جو ڪم ڪيو ـ سائين جن ايم اي اقتصاديات ۽ ايم ايڊ سان گڏ ايل ايل بي بہ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي ـ سائين جن 8 جون 1989ع تي سنڌ جي تعليم کاتي ۾ جونيئر اسڪول ٽيچر ڀرتي ٿيا ـ سندن پوسٽنگ گورنمنٽ مڊل اسڪول , امين آباد, تعلقو دادو ۾ ٿي ـ سائين جن ڪجھ عرصو ان اسڪول ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون ۽ پوء سائين جن جو ٽرانسفر گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , جوھي ۾ ٿيو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , ڪمال خان , تعلقو جوھي ۾ بہ ڪجھ عرصو رھيا ـ سائين جن جو 23 مئي 1996ع ۾ جي ايس ٽي مان ايڇ ايس ٽي جو پروموشن ٿيو ۽ پوسٽنگ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , ٽنڊو رحيم خان , تعلقو جوھي ۾ ٿي ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , حاجي خان , تعلقو جوھي ۾ بہ ڪجھ عرصو رھيا ۽ ان اسڪول جا شاگرد بہ رھيا آهن ـ ان اسڪول ۾ سائين جن کي بيسٽ ٽيچر جو ايوارڊ پڻ مليو ـ سائين جن جو 2000ع ۾ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول اشاعت الاسلام , ڪوٽڙي ۾ ٽرانسفر ٿيو ـ سائين جن وڏو عرصو ڪلاس ٽيچر رھيا ۽ بھترين نموني سان انگريزي ۽ رياضي پڙھائيندا رھيا ـ سائين جن کي 2017ع ۾ مرحوم محترم جناب سائين بدرالدين پنھور جي تنظيم سھارو ويلفيئر جي طرفان علي بابا بيسٽ ٽيچر جو ايوارڊ بہ مليو ـ سائين جن جو 12 جون 2019ع ۾ ايڇ ايس ٽي مان ھيڊ ماستر ۾ پروموشن ٿيو ۽ سائين جن جي پوسٽنگ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , ڪوريجا ـ کاڻوٺ , تعلقو مانجھند , ضلعو ڄامشورو ۾ ٿي ۽ پاڻ ھيڊ ماستر جون خدمتون سر انجام ڏيڻ شروع ڪيون ـ سائين جن جو 24 سيپٽيمبر 2020ع تي گورنمنٽ ڪيمپس بوائز ھاء اسڪول اشاعت الاسلام , ڪوٽڙي ۾ ٽرانسفر ٿيو ـ سائين جن جو 17 فيبروري 2023ع تي ٽرانسفر گورنمنٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول , بھار ڪالوني , ڪوٽڙي ۾ ٿيو - سائين جن تمام بھترين نموني سان ھيڊ ماستر جون خدمتون سر انجام ڏئي رھيا آهن ـ

سائين جن استادن جي تنظيم گسٽا سنڌ جا سرگرم ڪارڪن رھيا آهن ۽ مختلف وقتن ۾ مختلف عھدن تي پڻ رھيا آهن ـ سائين جن ھن وقت گزيٽيڊ آفيسرز جي تنظيم گوواز ڄامشورو ضلعي جا آفيس سيڪريٽري پڻ آھن ـ

سائين جن جو ھڪ چاچو ڊاڪٽر محمد يوسف کوسو ايران جي شھر تبريز ۾ ڊاڪٽر آهي ـ سائين جن جو ھڪ ڀاء مولانا منير احمد نجفي ھالا ۾ ھڪ ديني مدرسي جو عالم آهي ۽ ٻيو ڀاء انور علي کوسو پاڪستان آرمي ۾ نائب صوبيدار آهي ـ سائين جن جي وڏي پٽ سعيد احمد کوسو مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي , ڄامشورو مان انفارميشن ٽيڪنالوجي ۾ ماسٽرس ڪئي آهي ـ ٻئي پٽ عبدالوحيد کوسو سنڌ يونيورسٽي , ڄامشورو مان جاگرافي ۾ ايم ايس سي ڪئي آهي , ٽئين پٽ ساجن علي کوسو سنڌ يونيورسٽي , ڄامشورو مان سنڌي ۾ ايم اي ڪئي آهي ـ سائين جن جي ھڪ نياڻي بہ گريجوئيشن مڪمل ڪئي آهي ـ جڏھن تہ سائين جن جو چوٿون پٽ نويد حسين کوسو ٻارھين , پنجون پٽ صغير حسين کوسو يارھين ۽ ڇھون پٽ علي اصغر کوسو اٺين ڪلاس جو شاگرد آهي ـ

سائين جن اسٽوڊنٽ لائف ۾ والي بال جا چيمپيئن رھيا آهن ۽ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , منظور آباد اسڪول ۾ والي بال جو فائنل بہ کٽيو جيڪو مرحوم سائين علي بخش سولنگي جي ياد ۾ منعقد ٿيو ـ سائين جن باڪردار , سڀني جي عزت ڪرڻ وارا ۽ انسان دوست شخصيت جا مالڪ آهن ـ سائين جن گھمڻ ڦرڻ جا شوقين آھن ۽ پاڪستان جون کوڙ ساريون جايون گھميا آھن ـ ھميشـ دوستن سان نڀايو آهي ۽ انھي کي نڀائيندا اچن ـ

سائين جن فيسبوڪ جي توسل سان سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن ۽ عام ماڻھن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " جنهن جو جيڪو ڪم ھجي اھو پنهنجو ايمانداري سان پورو ڪريو ـ انسانيت جي خدمت جو جذبو رکو ـ اھلبيت سان محبت ڪريو ـ والدين جي عزت ڪريو ـ استادن جي عزت ڪريو ـ"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل