Profile # 17 Niaz Ahmed Channa (HST - GBHSII Kotri) نياز احمد چنا

 

محترم جناب سائين نياز احمد چنا صاحب 15 جنوري 1974ع ڳوٺ ٻورڙي , تعلقو خيرپور ناٿن شاھ , ضلعو دادو ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن جو والد حاجي محمد صالح چنا صاحب دادو جو مشهور واپاري ھو ـ سائين جن جي ڏاڏي جو ڀاء حاجي دوست محمد چنا صاحب پي ايس ٽي ھئا ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ ستون نمبر آهن ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , شھيد محمد عثمان ٻگھيو , ٻورڙي مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , ٻورڙي مان مئٽرڪ پاس ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ ڊگري ڪاليج , خيرپور ناٿن شاھ مان انٽر , بي اي ۽ ايم اي اقتصاديات جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي جي ايلسا قاضي ڪيمپس (اولڊ ڪيمپس) حيدر آباد مان بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جا امتحان پاس ڪيا آهن ـ سائين جن اسٽوڊنٽ لائف ۾ ڳوٺ سڌار سنگت جا سرگرم ڪارڪن رھيا آهن ـ سائين جن 1992ع ۾ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , عباسي محلہ , ٻورڙي ۾ رضاڪارانہ طور تي استاد جا فرض نڀائيندا رھيا ـ سائين جن کي 29 سيپٽيمبر 1993ع تي جي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سائين جن جي اپائنٽمنٽ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , ٻورڙي ۾ ٿي ـ سائين جن جو 18 اپريل 1998ع ۾ ٽرانسفر گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , ڪوٽڙي ۾ ٿيو ـ سائين جن جو 29 مئي 1999ع تي ايڇ ايس ٽي ۾ پروموشن ٿيو ۽ سائين جن جي پوسٽنگ گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول , الھبچايو شورو , ڪوٽڙي ۾ ٿي ـ سائين جن جو 2002ع ۾ ٽرانسفر گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول , خورشيد ڪالوني , ڪوٽڙي ۾ ٿيو ـ سائين جن جو 2004ع ۾ ٽرانسفر گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , ڪوٽڙي ۾ ٿيو ـ سائين جن جو 2016ع ۾ ٽرانسفر گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول , خورشيد ڪالوني , ڪوٽڙي ۾ ٿيو ـ سائين جن جو 2019ع ۾ ٽرانسفر گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول , اشاعت الاسلام , ڪوٽڙي ۾ ٿيو ـ سائين جن فزڪس , رياضي , انگريزي ۽ سنڌي جا سبجيڪٽس پڙھايا آهن ۽ اٺين ۽ ڏھين ڪلاس جا ڪلاس ٽيچر رھيا آهن ـ سائين جن استادن جي تنظيم گسٽا سنڌ جي يونٽ بوائز اسڪول ڪوٽڙي جا جوائنٽ سيڪريٽري ۽ يونٽ خورشيد ڪالوني جا وائيس پريزيڊنٽ رھيا آهن ۽ ھن وقت يونٽ اشاعت الاسلام جا خزانچي آهن ـ سائين جن ٻورڙي جي تنظيم ٽرسٽ فار رورل ڊولپمينٽ جا باني ميمبر رھيا ـ سائين جن ساٿي ٻارڙا سنگت ۾ تعلقي خيرپور ناٿن شاھ جي اسڪولن جا جنرل سيڪريٽري رھيا ـ انھي دوران سائين جن مختلف پروگرام ڪرايا جنهن ۾ 1986ع ۾ پروگرام تعليم کپي ھٿيار نہ کپن جي موضوع تي ھڪ پروگرام ڪرايو ـ سائين جن ڪرڪيٽ ۾ ليفٽ ھينڊ بيٽسمين ۽ وڪيٽ ڪيپر جڏھن تہ والي بال ۾ رائيٽ سائيڊ جا بھترين رانديگر رھيا آهن ـ سائين جن کي شعر و شاعري سان بہ تمام گھڻي دلچسپي آهي ـ سائين جن جي پسنديدھ شخصيت نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَسَلَّم ۽ سندن والد آھن ـ سائين جن جي بھترين استادن ۾ سائين شمس الدين سومرو , سائين امير بخش سومرو , سائين شرف الدين سومرو , سائين شاھ پسند چانڊيو ۽ سائين علي نواز سومرو شامل آھن ـ سائين جن جا بھترين دوست نثار احمد عباسي , شمشاد احمد عباسي , مجيب الرحمن ٻگھيو , ڊاڪٽر سليم ٻگھيو , غلام محمد سومرو , عبدالشڪور سومرو , ڊاڪٽر سيد ارشاد علي شاھ , سيد واجد علي شاھ , عبدالجبار ھنڱورو ۽ محمد حسن جوڻيجو (مرحوم آڏيرو) آهن ـ سائين جن جو سڀ کان وڏو ڀاء گل محمد چنا پولٽري کاتي ۾ ھيڊ ڪلارڪ آهي ـ سائين جن جو ٻيو ڀاء مشتاق احمد چنا روڊس کاتي ۾ ڪلارڪ آهي ـ سائين جن جو ٽيون ڀاء گلشير احمد چنا عادل حمزھ گھي ڪارپوريشن ۾ اڪائونٽنٽ رٽائر ٿيا آهن ۽ ھينئر فالج جي ڪري بيڊ ريسٽ ڪري رھيا آهن ـ سائين جن جو چوٿون ڀاء نثار احمد چنا گورنمنٽ ڊگري ڪاليج , خيرپور ناٿن شاھ ۾ پروفيسر آهي ـ سائين جن جو پنجون ڀاء ڊاڪٽر رياض احمد چنا ويٽنري ڊاڪٽر آهي ـ سائين جن جو ڇھون ڀاء مقبول احمد چنا مختلف اين جي اوز ۾ اڪائونٽنٽ رھيا آهن ـ سائين جن جو ستون ۽ سڀ کان ننڍو ڀاء شفيق عرف عمران چنا بيچلر ڪئي آهي ـ سائين جن فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " دل لڳائي پڙھو ڇو تہ ھي دؤر ڪمپيوٽر جو دور آهي ۽ ان سان گڏ سخت ڪامپٽيشن جو دؤر آهي -"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل