Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل
محترم جناب سائين عبدالسليم مغل صاحب 2 مارچ 1967ع تي ضلعو ڄامشورو جي شھر ڪوٽڙي ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن جو والد عبدالمجيد مغل روينيو کاتي , ڪوٽڙي ۾ مختيارڪار رھي چڪو آهي ـ سائين جن پرائمري جي تعليم گورنمنٽ بوائز پرائمري ڪيمپس اسڪول , سنڌي مين , ڪوٽڙي مان حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول , اشاعت الاسلام , ڪوٽڙي مان مئٽرڪ پاس آهي ـ سائين جن گورنمنٽ علي بابا ڊگري ڪاليج , ڪوٽڙي مان انٽر ۽ بي اي جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي جي ايلسا قاضي ڪيمپس (اولڊ ڪيمپس) , حيدرآباد مان بي ايڊ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن کي 8 جون 1989ع ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر جو آرڊر مليو ـ سائين جن جي اپائنٽمنٽ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , ليبر اسڪوائر , ڪوٽڙي ۾ ٿي ـ سائين جن ملازمت جو ڪجھ عرصو گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , خورشيد ڪالوني , ڪوٽڙي ۾ بہ خدمتون سر انجام ڏنيون آھن ـ سائين جن ھن وقت گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول , اشاعت الاسلام , ڪوٽڙي جي مرجڊ اسڪول , گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , اشاعت الاسلام , ڪوٽڙي ۾ پنهنجا فرض نڀائي رھيا آهن ـ سائين جن ٽائيم اسڪيل جي حساب سان ھن وقت سورھين...