Profile # 6 Ghulam Hussain Buledi (HST - GBHSII Kotri) غلام حسين بليدي
محترم جناب سائين غلام حسين بليدي صاحب 25 جولاء 1968ع تي ڳوٺ ڪرمپور , تعلقو سيوھڻ شريف , ضلعو ڄامشورو ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن جو والد محمد جمن بليدي ھڪ مزدور ھو ـ سائين جن استاد بخاري گورنمنٽ ڊگري ڪاليج , دادو مان پاس ڪئي ـ ايم اي اقتصاديات ۾ پاس ڪئي ـ بي ايڊ ۽ ايم ايڊ بہ پاس ڪئي ـ ايم فل واٽر ڪورس ٽاپڪ ۾ پاس ڪئي ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ سڀ کان وڏا آهن ـ
سائين جن پنهنجي تعليم حاصل ڪرڻ جي لاء جلد سازي , کٽون ۽ ڪرسيون واڻڻ , ڇولا کپائڻ , اليڪٽريشن جو ڪم ۽ ڊيزل انجڻ رپيئرنگ جا ڪم ڪيا تہ جيئن تعليم جاري رھي سگهي ـ اسڪول ۾ پڙھائي دوران سائين جن کي سندن ھڪ ٽيچر عبدالعليم اوٺو , جيڪو ان وقت جونيئر اسڪول ٽيچر ھو ۽ بعد ۾ ضلع ڄامشورو جو ڊي او پرائمري رھيو , ان پنهنجن اسڪول جي شاگردن کي چئلينج ڪيو تہ ڪو ٻار سائنس ۾ انٽر ڪري ڏيکاري ـ سائين جن اھو چئلينج ان وقت قبول ڪيو ۽ انٽر سائنس ۾ پاس ڪري ڏيکاري ـ سائين جن سنڌ آن فارم واٽر مئنيجمينٽ پروجيڪٽ ۾ انوائرونمينٽ تي ٽي رپورٽون دوستن سان گڏجي تيار ڪيون ـ ان تجربي جي بنياد تي سائين جن کي سيڊا جي پروجيڪٽ وسپ 1 ۾ انوائرونمينٽل اسپيشلسٽ طور منتخب ڪيو ويو , جيڪو ورلڊ بئنڪ جو پروجيڪٽ ھو ـ ان پروجيڪٽ تي سائين جن ٻہ سال ڪم ڪيو ـ وسپ 1 ۾ سائين جن جو ڪسٽڊي ايريا سنڌو درياھ جو کاٻو ڪنارو اوٻاوڙو کان بدين تائين آبزرويشن ۾ رھيو ـ
سائين جن کي نومبر 1990ع ۾ ايڇ ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سائين جن جي اپائنٽمنٽ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , ٽنڊو حافظ شاھ , ضلعو ٺٽو ۾ ٿي ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , ڪرمپور ۾ ملازمت دوران انچارج ھيڊ ماستر بہ رھيا ـ سائين جن جو 2016ع ۾ ٽرانسفر گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول , اشاعت الاسلام , ڪوٽڙي ۾ ٿيو ـ سائين جن استادن جي تنظيم گسٽا سنڌ جي يونٽ ڪرمپور جا صدر ۽ جنرل سيڪريٽري رھيا آهن ـ سائين جن فزڪس , ڪيمسٽري , بايولاجي , ابتدائي سائنس ۽ انگريزي جا سبجيڪٽس پڙھايا آهن ـ سائين جن اڻ پڙھيل مزدور جو اولاد ٿي ڪري تعليم کي طاقتور ھٿيار سمجهي ڪري پنهنجي پڙھائي مڪمل ڪئي ۽ استاد جھڙي متبرڪ عھدي تي پھتا ـ سائين جن ڪرمپور ۾ ڳوٺ سڌار سنگت قائم ڪئي ۽ ڊرينيج , فون , گئس , گھٽيون روڊ رستا پڪا ڪرڻ کان علاوھ ٻيا بہ ڪيترائي سوشل ورڪ ڪيا آهن ـ سائين جن سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي ڳوٺ ڪرمپور برانچ جا باني آھن ـ سائين جن جا ڪيترائي شاگرد عام ڊاڪٽر ۽ عام انجنيئر سان گڏ آرمي ۾ بہ ڪيپٽن , ڊاڪٽر ۽ انجنيئر آهن ـ
سائين جن فيسبوڪ جي توسل سان سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو "الله پاڪ جي خلقيل ھر جيوت سان پيار ڪريو ـ انسانن سان صلہء رحمي ڪريو ۽ وقت جو قدر ڪريو -"
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment