Profile # 2 Naveed Ahmed Memon (HST - GBHSII Kotri) نويد احمد ميمڻ

 

محترم جناب سائين نويد احمد ميمڻ صاحب 26 سيپٽيمبر 1975ع تي دادو شھر جي غريب آباد پاڙي ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن جو اصل ڳوٺ دوآٻو آهي , جيڪو دادو تعلقي جي يونين ڪائونسل پپري ۾ آهي ـ سائين جن جا وڏا تمام گھڻا محنت ڪش ھئا جن ڪاروبار مان پراپرٽي ٺاهي ـ سائين جن جو ڏاڏو سيٺ جمال الدين ميمڻ ۽ ان جا ڀائر سيٺ ڪمال الدين ميمڻ , سيٺ پير محمد ميمڻ ۽ سيٺ شمس الدين ميمڻ دادو شھر جا مشهور واپاري ۽ زميندار رھيا آهن ـ سائين جن جو والد محمد عيسٰي ميمڻ تعليم کاتي ۾ ھاء اسڪول ٽيچر ھئا ۽ ٽائيم اسڪيل ۾ اڻويھين گريڊ ۾ رٽائر ٿيا ـ سائين جن 1985ع ۾ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول , غريب آباد مان پنجون پاس ڪيو ـ سائين جن 1990ع ۾ گورنمنٽ بوائز پائليٽ سيڪنڊري ھاء اسڪول , دادو مان مئٽرڪ پاس ڪئي ـ سائين جن استاد بخاري گورنمنٽ ڊگري ڪاليج , دادو مان انٽر پاس ڪئي ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي , ڄامشورو جي ايلسا قاضي ڪيمپس (اولڊ ڪيمپس) , حيدرآباد مان بي اي جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيو ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي , ڄامشورو مان ايم اي عمرانیات ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪيو , جنهن تي سائين جن يونيورسٽي پاران سلور ميڊل جو انعام حاصل ڪيو ـ يونيورسٽي ۾ تعليم دوران سائين جن سوشيالاجسٽ فورم جا تمام گھڻا سرگرم ڪارڪن رھيا ۽ مختلف پروگرامن ۾ حصو وٺڻ سان گڏ , مختلف پروگرام آرگنائيز پڻ ڪرايا ـ سائين جن بي ايڊ ۽ ايم ايڊ ايوننگ شفٽ ۾ ريگيولر ڪلاس ۾ ڪئي , جنهن ۾ سندن سي جي پي اي 3.5 کان مٿي آهي ـ سائين جن سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ جو ٽن مھينن جو ڪورس بہ ڪيو آهي جيڪو نوجوانن لاء تمام گھڻو فائديمند ھو , جنهن جا باني محمد ابراھيم جويو ۽ سراج الحق ميمڻ ھئا ۽ ان ڪورس ۾ ابراھيم منشي سندن لسانيات جو ٽيچر رھيو آهي ـ

سائين جن کي 1993ع ۾ وزير اعظم معين قريشي جي نگران حڪومت ۾ جي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سائين جن جي پوسٽنگ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , دوآٻو ۾ ٿي ـ سائين جن ملازمت جو ڪجھ عرصو گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , سري کان علاوھ گورنمنٽ مڊل اسڪول , مول ۽ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , خورشيد ڪالوني , ڪوٽڙي ۾ بہ خدمتون سر انجام ڏنيون ـ سائين جن جو 2006ع ۾ ٽرانسفر گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول , اشاعت الاسلام , ڪوٽڙي ۾ ٿيو ـ سائين جن جو 2011ع ۾ ايڇ ايس ٽي ۾ پروموشن ٿيو ـ سائين جن جي پوسٽنگ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , منظور آباد ۾ ٿي ـ سائين جن ڪجھ عرصو گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , منظور آباد ۾ رھيا تہ سائين جن جو ٽرانسفر گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول , اشاعت الاسلام , ڪوٽڙي ۾ ٿيو ـ سائين جن استادن جي تنظيم گسٽا جا سرگرم ڪارڪن رھيا آهن ـ سائين جن 2010ع کان 2013ع تائين گسٽا يونٽ اشاعت الاسلام جا جنرل سيڪريٽري رھيا آهن ـ سائين جن 2023ع ۾ گسٽا يونٽ اشاعت الاسلام جا صدر منتخب ٿيا ۽ تمام بھترين نموني استادن جي خدمت ۽ اڳواڻي ڪري رھيا آهن ـ سائين جن 23 فيبروري 2023ع تي گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول , اشاعت الاسلام , ڪوٽڙي جا فرسٽ اسسٽنٽ منتخب ٿيا ـ سائين جن انگريزي , رياضي , سائنس ۽ بايولاجي جا سبجيڪٽس پڙھايا آهن ۽ ڪلاس ستين ۽ ڏھين جا ڪلاس ٽيچر بہ رھيا آهن ـ سائين جن جي پسنديدھ شخصيت نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَسَلَّم آهن ـ سائين جن جا بھترين استاد پرائمري ۾ سائين سورج مل , سائين سچانند ۽ سائين غلام نبي ملاح , سيڪنڊري ۾ سائين محمد عثمان ميمڻ , سائين سريچند اداس , سائين خادم حسين ميمڻ ۽ سائين رميش ڪمار , ڪاليج ۾ سائين رفيق انصاري , سائين ڀڳت رام , سائين ھاشم سولنگي ۽ سائين سرور سومرو , يونيورسٽي ۾ ميڊم تنوير انصاري , ميڊم خالدھ , ميڊم نسيم بيگم ۽ سائين الطاف انڙ بي ايڊ / ايم ايڊ ۾ سائين ممتاز سولنگي , سائين عبدالفتاح مغل , سائين عبدالستار ميمڻ , سائين غلام اڪبر شاھ ۽ سائين غلام محمد سولنگي آهن ـ سائين جن پنهنجن ھٿن سان خدمت ڪرڻ جي جذبي جي ڪري مشهور آهن ـ ڪنهن کي پاڻي پيارڻ , کاڌي پيتي جون شيون پنهنجن ھٿن سان کڻي خدمت ڪرڻ ڪو سائين جن کان سکي ـ سائين جن کي دوست ٺاھڻ جو تمام گھڻو شوق آهي ۽ پنهنجن پيارن دوستن سان پنهنجا ڏک سور ونڊيندا بہ آهن ـ سائين جي بھترين دوستن ۾ جمال الدين ميمڻ , ڊاڪٽر درشن ڪمار , جاويد احمد سھاڳ , محمد شاھد پنھور , لالا آفتاب لاڙڪ , سعيد احمد پلھ , شھاب الدين ميمڻ ۽ غلام حيدر سومرو شامل آھن ـ سائين جن کي ڪتاب گڏ ڪرڻ جو بہ شوق آهي ۽ گھر ۾ ھڪ ننڍي لائبريري بہ ٺاھي اٿن ـ

سائين جن جا کوڙ سارا مائٽ نوڪرين ۾ آهن جن ۾ اڪثر ڊاڪٽر , انجنيئر ۽ تعليم کاتي ۾ آهن ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ ٻيو نمبر آهن ـ سائين جن جو وڏو ڀاء جاويد احمد ميمڻ او جي ڊي سي ايل ۾ چيف انجنيئر آهي ـ ٽيون نمبر ڀاء ڊاڪٽر سيف الله ميمڻ ھڪ چائنيز ڪمپني ۾ ڊاڪٽر آهي ۽ چوٿين نمبر ڀاء اسد الله ميمڻ باٽني ۾ ايم ايس سي ڪئي آهي ۽ نيشنل يونيورسٽي آف سنگاپور مان انوائرونمينٽل مينيجمينٽ سائنس ۾ ماسٽرس ڪئي آهي ۽ ھن وقت واپڊا ۾ ايگزيڪيوٽو انجنيئر آھن ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻھن کي پيغام ڏنو تہ انسانيت سان محبت ڪريو ۽ ھڪ ٻئي جي ڪم اچو ـ

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل