Profile # 9 Allama Hafiz Khalid Azam Tahiri Jhatial (OT - GBHSII Kotri) علامہ حافظ خالد اعظم طاھري جھتيال

 

محترم جناب سائين علامہ حافظ خالد اعظم طاھري جھتيال صاحب 23 مارچ 1971ع تي ڳوٺ عالماڻي , تعلقو ڏوڪري , ضلعو لاڙڪاڻو ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن جو والد خير محمد جھتيال پرائمري اسڪول ٽيچر ۾ انچارج ھيڊ ماستر ريٽائر ٿيو ـ سائين جن گورنمنٽ پرائمري اسڪول , ڳوٺ عالماڻي مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , گول بلڊنگ , حيدرآباد مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن گورنمنٽ آرٽس ڪاليج , تلڪ چاڙھي , حيدرآباد مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي , ڄامشورو مان ايم اي اسلامڪ ڪلچر جو امتحان پاس ڪيو آهي ـ سائين جن مولوي , عالم ۽ فاضل جو امتحان پاس ڪيو آهي ـ سائين جن قرأت جي سند بہ حاصل ڪئي آهي ۽ سائين جن قرآن پاڪ جا حافظ بہ آهن ـ سائين جن اسٽوڊنٽ لائف ۾ ڪرڪيٽ جا بھترين رانديگر رھيا آهن ـ

سائين جن کي 23 سيپٽيمبر 2008ع تي اورينٽل ٽيچر جو آرڊر مليو ـ سائين جن جي اپائنٽمنٽ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول , وڏا ڇڇر , تعلقو مانجھند , ضلعو ڄامشورو ۾ ٿي ـ سائين جن جو 2012ع ۾ ٽرانسفر گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول , اشاعت الاسلام , ڪوٽڙي ۾ ٿيو ـ سائين جن عربي ۽ اسلاميات جا سبجيڪٽس پڙھايا آهن ـ سائين جن جا سندن والد خير محمد جھتيال ۽ حافظ رحيم داد بروھي صاحب بھترين استاد رھيا آھن ـ سائين جن جو ذيشان احمد قريشي صاحب , ھاء اسڪول ٽيچر , ڪچو قلعو , حيدرآباد , بھترين دوست آهي ـ

سائين جن استادن جي تنظيم گسٽا سنڌ جي يونٽ اشاعت الاسلام جا 2016ع کان 2019ع ۽ 2019ع کان 2022ع تائين جوائنٽ سيڪريٽري رھيا آهن ـ سائين جن ڪافي عرصي کان مسجد جي پيش امام ۽ خطيب جا فرض نڀائي رھيا آھن ۽ مسجد ۾ قرآن پاڪ جي تعليم بہ ڏئي رھيا آهن ـ

سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ ٽيون نمبر آهن ـ سائين جن جو وڏو ڀاء محمد اعظم جھتيال سنڌ پوليس ڪراچي ۾ اي ايس آئي آهي ـ سائين جن جو ٻيو ڀاء فاروق اعظم جھتيال سنڌ ٽرئفڪ پوليس ڪراچي ۾ سب انسپيڪٽر آهي ـ سائين جن جو چوٿون ڀاء قائد اعظم جھتيال جو ڪمپوزنگ ۽ فوٽو اسٽيٽ جو ڪاروبار آهي ـ

سائين جن فيسبوڪ جي توسط سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو "وڏن جي عزت ڪريو , ننڍن تي شفقت ڪريو ۽ علم سان محبت ڪريو -"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل